Voice of Shahdadkot News

  • Home
  • Voice of Shahdadkot News

Voice of Shahdadkot News Voice of Shahdadkot News

شهدادڪوٽ: سنڌ سيڪيولر اسٽيڊي فورم پاران پورھيت اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي 81هين سالگره ملهائي وئي، شهدادڪوٽ: سالگره تقريب ...
31/10/2025

شهدادڪوٽ: سنڌ سيڪيولر اسٽيڊي فورم پاران پورھيت
اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي 81هين سالگره ملهائي وئي،

شهدادڪوٽ: سالگره تقريب ليبر ھال ۾ ملھائي وئي جنهن کي ڪامريڊ عرس سيلرو، اسحاق مغيري، ڪامريڊ وھاب پندراڻي، محمد صديق ابڙو، ڪامريڊ قادر بخش سيلرو، سڪندر سيلرو ۽ ٻين خطاب ڪيو

شهدادڪوٽ: ڪامريڊ ڄام ساقي پورھيت طبقي جي آزاديءَ ۽ انقلاب لاءِ سموري حياتي بي لوث بي خوف جدوجھد ڪئي: اڳواڻ

شهدادڪوٽ: ڪامريڊ ڄام ساقي عوامي جمھوري سياست جو وڏو نالو هو جنهن ان وقت جيلن جو سختيون ٽارچر :
سيلن ۾ رھندي به پورھيت جدوجھد کي جاري رکي: اڳواڻ

شهدادڪوٽ: تقريب ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شھر جي سياسي سماجي شاگردن پورھيت تنظيمن جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

رت جي سخت ضرورت آهي جيئن ته هڪ مريض آهي جنهن کي بي پازيٽو  ( B+tv ) رت جي سخت ضرورت آهي جنهن به دوست آهي ته مهرباني ڪري ...
03/09/2025

رت جي سخت ضرورت آهي
جيئن ته هڪ مريض آهي جنهن کي بي پازيٽو ( B+tv ) رت جي سخت ضرورت آهي جنهن به دوست آهي ته مهرباني ڪري رت جو عطيو ڏئي ته جيئن ڪنهن انسان جي زندگي بچي سگهي
رابطي جي لاءِ : 03168492024 ارون ڪاگڙا

شهدادڪوٽ: هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ ميروخان واسي دانش لغاري جي نالي سان ٿي: دوست شهدادڪوٽ: وارثن کي اطلاع ڏنو آهي جلد وارث پهچ...
30/08/2025

شهدادڪوٽ: هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ ميروخان واسي دانش لغاري جي نالي سان ٿي: دوست

شهدادڪوٽ: وارثن کي اطلاع ڏنو آهي جلد وارث پهچي لاش وصول ڪندا: دوست

30/08/2025

شهدادڪوٽ: ڳڙهي خيرو روڊ تان بند دوڪانن اڳيان اڻڃاتل آئيس جي موالي جو تشدد ٿيل لاش هٿ

شهدادڪوٽ: اي سيڪشن پوليس اطلاع تي پهچي لاش کڻائي تعلقا اسپتال پهچايو

شهدادڪوٽ: لاش لاوارث حالت ۾ تعلقا اسپتال ۾ پيل

شهدادڪوٽ: نوجوان تي تشدد ٿيل آهي ۽ خصين مان آئيس واپرائڻ جو سامان مليو آهي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، لاش لاوارث حالت ۾ اسپتال ۾ پيل آهي: اي سيڪشن پوليس

30/08/2025

شهدادڪوٽ: شهر جي ڪالو فقير مڪان پاڙي مان ڪيترن مهينن کان بيٺل گندو پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ نيو ڪمبوه پاڙي سميت شهر ۾ پکڙيل گندگي خلاف مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو ميونسپل آفيس اڳيان شاميانه هڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،

شهدادڪوٽ: مظاهرين شهري اتحاد جي صدر وهاب پندراڻي، ايس يو پي اڳواڻ الھ داد خشڪ، قوم پرست اڳواڻ حبدار ميرجت، شهيد ڀٽو جي اڳواڻ ذوالفقار مگسي، ايس اين پي اڳواڻ انور مغل،پي ٽي آء اڳواڻ مبين مگسي،و
نصير سيلرو، امام الدين سيلرو، صابري ڪمبوه، ڪالو فقير مڪان پاڙي جي رهواسين ۽ نيو ڪمبوه پاڙي جي رهواسين جو ميونسپل آفيس اڳيان شاميانه هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو،

شهدادڪوٽ: ڪيترن مهينن کان ڪالو فقير مڪان پاڙي ۾ گندو پاڻي بيٺل آهي جنهن جي نيڪال لاء ڪيترا ڀيرا ميونسپل وارن کي چيو آهي پر هنن جي ڪن تي جوئن نه ٿي چري

شهدادڪوٽ: نيو ڪمبوه پاڙي ۾ هر روز ڊرينيج جو پاڻي نڪري ٿو ميونسپل عملو اگهور ننڊ پيل آهي هنن چيو ته ميونسپل عملي جي نااهلي ڪري سمورو شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي پر هنن جي ڪنن تي جوئن به نه ٿي چُري هنن احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته شهر ۾ پکڙيل گندگي کي ختم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي


شهدادڪوٽ: ٻئي پاسي احتجاج دوران ميونسپل آفيسراسرار مگسي، چيئرمين جي فوڪل پرسن جاني سومرو ۽ ميونسپل ليبر يونين جي صدر ذوالفقار ڊومڪي ۽ ٻيا مظاهرين وٺ پهچي ڳالهايون ڪري شهر جي صفائي ڪرائڻ جي يقين ڌياني ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو

شهدادڪوٽ: بدامني جي باه ٻري اٿيو 24 ڪلاڪن ۾ شهر جي مختلف هنڌن تان ٻه موٽرسائيڪل چاٻي چور ڪاهي فرار شهدادڪوٽ: شهر اي سيڪش...
27/08/2025

شهدادڪوٽ: بدامني جي باه ٻري اٿيو 24 ڪلاڪن ۾ شهر جي مختلف هنڌن تان ٻه موٽرسائيڪل چاٻي چور ڪاهي فرار

شهدادڪوٽ: شهر اي سيڪشن ٿاڻي ڀرسان ميونسپل آفيس سامهون عرفان ڪمبوه جي موٽرسائيڪل چاٻي چور ڪاهي باآساني فرار، واقعي جو ٿاڻي تي اطلاع

شهدادڪوٽ: بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٺارو شيخ ڪالوني مان الله رکيو بليدي جي موٽرسائيڪل چاٻي چور ڪاهي فرار

27/08/2025

شهدادڪوٽ:سبزي منڊي ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 45 ورهين جو علي خان عرف جهنڊي بروهي سخت زخمي تعلقا اسپتال ۾ فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل، آخر تائين واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو

26/08/2025

شهدادڪوٽ: صديقي مدرسه ڀرسان موٽرسائيڪل ڦر دوران هٿياربند مذاحمت تي پيرسن بشام چانڊيو کي گوليون هڻي زخمي ڪري موٽرسائيڪل ڦر ڪري باآساني فرار، زخمي کي تعلقا اسپتال مان فرسٽ ايڊ بعد لاڙڪاڻي اسپتال منتقل، واقعي جو اي سيڪشن ٿاڻي تي اطلاع

03/08/2025

گم شدگي جو اطلاع

شهدادڪوٽ جي ٽانوري شاخ ڀرسان واري پاڙي جي رهواسي 38 ورهين عورت جنهن جو ذهني توازن صحيح نه آهي جيڪا صبح سان گهر کان 5ورهين جو معصوم ٻارڙو ساڻ کڻي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاء نڪري وئي آهي جيڪا هن وقت تائين واپس گهر نه آئي آهي جنهن به دوست هنن کي ڪٿي ڏٺو آهي يا ڪا خبر آهي ته مهرباني ڪري هيٺين نمبرن تي رابطو ڪري
0334 2001918
03337501466

23/07/2025

شھدادڪوٽ: قبوسعيد خان روڊ تي پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مبينا مقابلو 2جوابدار زخمي حالت گرفتار وٽس پسٽل ھٿ ڪرڻ جي دعوا

شھدادڪوٽ: گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ فراز لاشاري ۽حذب الله چانڊيو جي نالي سان ٿي

شھدادڪوٽ: سندن جا 2ساٿي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب پٺيان پوليس ويل آهي: اي سيڪشن پوليس

شهدادڪوٽ: گرفتار جوابدارن کان پسٽل هٿ ڪرڻ جي دعوا: اي سيڪشن پوليس

شهدادڪوٽ: گرفتار جوابدارن جي ڪرمنل رڪارڊ لاء ضلعي جي مختلف ٿاڻن کان جانچ ڪيون ٿا: اي سيڪشن پوليس

23/07/2025

شهدادڪوٽ: شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مستوئي پاڙي مان ڊاڪٽر شبير شيخ جي اسپتال ڀرسان واري گهٽي مان 3 موٽرسائيڪل سوار هٿياربند زرعي ڪمپني جي سيلز مين منور جويو کان ڦر دوران مذاحمت تي پسٽل جا بٽ هڻي زخمي ڪري 10هزار کان وڌيڪ روڪ رقم ڦر ڪري باآساني فرار

22/07/2025

شهدادڪوٽ: بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري عبيد الله مگسي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا، جڏهن ته هڪ جوابدار جي فرار ٿيڻ جا اطلاع

شهدادڪوٽ: ڏوهارين ۽ پوليس ۾ ڪافي وقت مقابلي بعد هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي جنهن جو ڪرمنل رڪارڊ جي ضلعي جي مختلف ٿاڻن مان جانچ ڪيون پيا: بي سيڪشن پوليس

شهدادڪوٽ: هڪ جوابدار اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويو آهي جنهن جي به پويان پوليس ويل آهي: بي سيڪشن پوليس

Address


Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Voice of Shahdadkot News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Voice of Shahdadkot News:

  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share