CTv News Pakistan

CTv News Pakistan Champion Tv Sindhi News web Channel

09/06/2026

وارھہ لاڙڪاڻو روڊ سان نئين ٺھندڙ روڊ جي پل جو ڪم مڪمل نہ ٿي سگهيو، پل ٽٽل هجڻ سبب حادثہ روز جو معمول بڻجي ويا آھن. روڊس کاتي عملدارن توڙي ٺيڪيدار جي ڪن تي جونءَ بہ نہ چُري.

09/06/2026

وارھہ
ڳوٺ نهال تنيو سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ڏانهن ويندڙ 3 پولن جون تارون نامعلوم چور لاهي کڻي ويا، ڪيترائي ڳوٺ بجلي جي فراهمي کان متاثر.

پي ڊي ايم اي سنڌ صوبي جي اڪثر ضلعن ۾ 8 کان 12 جون 2026 تائين گرمي جي لهر جي الرٽ جاري ڪئي آهي.گرمي پد معمول کان 4 ڊگري س...
08/06/2026

پي ڊي ايم اي سنڌ صوبي جي اڪثر ضلعن ۾ 8 کان 12 جون 2026 تائين گرمي جي لهر جي الرٽ جاري ڪئي آهي.

گرمي پد معمول کان 4 ڊگري سينٽي گريڊ کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ مٿي رهڻ جو امڪان آهي، ڪجهه ضلعن ۾ سکر، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻو شامل آهن، جتي گرمي پد 48 ڊگري سينٽي گريڊ کان 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.

سخت گرمي جي ڪري ڪيترن ئي ميداني علائقن ۾ مٽيءَ جون هوائون ۽ مٽيءَ جا طوفان پڻ اچي سگهن ٿا.

باخبر رهو. محفوظ رهو..

08/06/2026

وارهہ جي کنڊو چونڪ تي واپاري علي گل ٻگهيو جي دڪان ۽ ملوڪ تنيو جي بيڪري تي بروهي برادري جي ڏنڊا بردار جوابدارن جو ڪاھہ لٺيون لڳڻ سبب 2 ڄڻا رفيق ٻگهيو ۽ عجيب ٻگهيو زخمي اسپتال منتقل.

07/06/2026

وارھہ تعلقي جي مختلف شاخن ۾ پڇڙي تائين زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف اڳوڻي تعلقي ناظم منظور مارفاڻي ساحل سڪندر سماجي اڳواڻ نياز حيدري جي گڏيل پريس ڪانفرنس.

07/06/2026

وارھہ ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن اعجاز تنيو، خادم تنيو، مدثر باريجو، عثمان چن ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج مظاهرو ڪيو ويو.

03/06/2026

وارهہ لڳ ڳوٺ غلام علي شابراڻي واسڻ زرينا شابراڻي احتجاج ڪندي چيو تہ منهنجا ٻہ پوٽا مٺل عرف ڪوڙو ۽ فدا حسين شابراڻي عيد کانپوءِ واپس ويهڙ شريف مدرسي ويندي گم ٿي ويا آهن، ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

ڪجھہ ڏينهن اڳ ڊرٻ مڱڻيجا واسي اسدالله مڱڻيجو کان ڳوٺ امام بخش بروهي لڳ نامعلوم جوابدار ھٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل 125 ...
28/03/2026

ڪجھہ ڏينهن اڳ ڊرٻ مڱڻيجا واسي اسدالله مڱڻيجو کان ڳوٺ امام بخش بروهي لڳ نامعلوم جوابدار ھٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل 125 ڦر ڪري ويا ھئا، جيڪا SHO وارھہ انسپيڪٽر پيار علي جتوئي پنهنجي اسٽاف سميت حڪمت عملي سان 125 موٽر سائيڪل رڪور ڪري مالڪن حوالي ڪري ڇڏي.

02/02/2026

لاڙڪاڻو شيخ زيد چلڊرين اسپتال بي لاڀ بڻيل، آءِ سي يو ۾ بيڊ نہ ملڻ سبب معصوم نينگري تڙپي تڙپي فوت، وارثن جون دانهون.

24/01/2026

لاڙڪاڻو ۾ رافع ميڊيڪل اسٽور طرفان فرسٽ گرين هوميوپيٿڪ ڪانفرنس آرٽ ڪائونسل ۾ منعقد ڪئي وئي. جتي مهمان خاص صفدر علي مٺياڻي، آزاد حسين، غلام حسين کٽياڻ، ڊاڪٽر علي اڪبر آرائين، ڊاڪٽر جنيد بخاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيئر صحافي بابو اقبال، اعجاز احمد لغاري، عبدالمالڪ کٽياڻ، علي حسن پتوجو، چيو تہ هوميوپيٿڪ دوائن ۾ ڪوبہ سائيڊ افيڪٽ ناهي، هوميوپيٿڪ جون دوائون مرض کي جڙ کان ختم ڪري ڇڏين ٿيون، زندگيءَ ۾ صحت انسان جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، ڊاڪٽر پيغمبري پيشو آھي جيڪو ڊاڪٽر نڀائي رهيا آھن، لاڙڪاڻہ ۾ هي پهريون پروگرام ٿيو آھي. اميد تہ اهڙا پروگرام ٿيندا رهن، هوميوپيٿڪ جي ڊگري لاءِ لاڙڪاڻہ ۾ ڪاليج کوليو ويو آھي.

Address

Warah
Warah
77044

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when CTv News Pakistan posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to CTv News Pakistan:

Share