Pano Akilian

Pano Akilian Digital Creater

ADMISSIONS  ARE OPEN
02/06/2026

ADMISSIONS ARE OPEN

پاڪستان ريلوي ۾ مختلف خالي جاين تي ڀرتين لاءِ اشتهار جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڀني صوبن جو الڳ ڪوٽا شامل آهي... پاڪستان ...
31/05/2026

پاڪستان ريلوي ۾ مختلف خالي جاين تي ڀرتين لاءِ اشتهار جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڀني صوبن جو الڳ ڪوٽا شامل آهي...

پاڪستان ريلوي ۾ مختلف خالي جاين تي ڀرتين لاءِ اشتهار جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڀني صوبن جو الڳ ڪوٽا شامل آهي...

پاڪستان ريلوي ۾ مختلف خالي جاين تي ڀرتين لاءِ اشتهار جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڀني صوبن جو الڳ ڪوٽا شامل آهي...

شگر جي مريضن لاء ڪجھ لازمي ٽيسٽ ۽ معائنا..شگر ھڪ ھارمونل.بيماري آھي جيڪا جسم جي ھر عضوي کي متاثر ڪري سگھي ٿي، ان ڪري شگر...
31/05/2026

شگر جي مريضن لاء ڪجھ لازمي ٽيسٽ ۽ معائنا..
شگر ھڪ ھارمونل.بيماري آھي جيڪا جسم جي ھر عضوي کي متاثر ڪري سگھي ٿي، ان ڪري شگر جي مريضن کي ڪجھ لازمي ٽيسٽ ھر 3 کان 6 مھينن ۾ ڪرائڻ گھرجن جيئن وقت سر جسم جي عضون جي خرابي کي پڪڙي سگھجي ۽ بروقت علاج ڪري سگھجي نه ته جسم خاموشي سان خرابي طرف وڃي ٿو ۽ دير ٿيڻ سبب علاج ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون.
وڌيڪ معلومات لاء پوسٽ کي پڙهي ٻين سان به ونڊ لازمي ڪريو ته جيئن اھا معلومات ھر شگر جي مريض تائين پھچائي سگھجي.

14/05/2026

Ghokki
سنڌ حڪومت جي ٻين ترقياتي ڪمن جيان گھوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جو تعميراتي ڪم به رولڙي جو شڪار پل مڪمل ٿيڻ کان پھريان پلر ڪرڻ لڳا بجيٽ 17 ارب کان 70 ارب تائين پھچڻ باوجود ڪم جا حال عوام سامھون

ڪارپيٽ ذريعي پڪل انب رڳو پاڪستان ۾ کپي ٿو  عالمي مارڪيٽ ۾ اهڙو “زهر” داخل به نٿو ٿي سگهي اسان وٽ ڪجهه ماڻهو اڃا تائين اه...
14/05/2026

ڪارپيٽ ذريعي پڪل انب رڳو پاڪستان ۾ کپي ٿو عالمي مارڪيٽ ۾ اهڙو “زهر” داخل به نٿو ٿي سگهي
اسان وٽ ڪجهه ماڻهو اڃا تائين اهو سمجهن ٿا ته انب کي “ڪارپيٽ”
(Calcium Carbide)
سان پچائڻ ڪا معمولي ڳالهه آهي
پر سوال اهو آهي ته پوءِ اهو ئي انب جڏهن دبئي، سعودي عرب، يورپ يا آمريڪا موڪليو وڃي ٿو ته اتي ڪارپيٽ ڇو نٿو لڳايو وڃي؟
ڇاڪاڻ⁠تہ دنيا کي خبر آهي ته
Calcium Carbide
ڪا “سهولت” ناهي، پر خاموش زهر آهي
حقيقت ڇا آهي؟ پاڪستان مان جيڪو انب ايڪسپورٽ ٿئي ٿو، ان لاءِ سخت ليبارٽري ٽيسٽ ٿيندا آهن. جيڪڏهن ڪارپيٽ جا اثر، آرسينڪ يا فاسفورس جهڙا زهريلا جزا ملي وڃن ته
پورو ڪنٽينر رد ڪيو ويندو
ملڪ جي ساک متاثر ٿيندي
ايڪسپورٽ تي پابنديون لڳي سگهن ٿيون
يعني جيڪو ميوو يورپ يا عرب ملڪن لاءِ “غير محفوظ” آهي، اهو ئي اسان جي ٻارن لاءِ “ٺيڪ” سمجهيو وڃي ٿو
دنيا محفوظ طريقي سان انب ڪيئن پچائي ٿي؟
ترقي يافته ملڪن ۾
Ethylene Gas Ripening Rooms استعمال ٿيندا آهن
Hot Water Treatment
ڪيو ويندو آهي
قدرتي گرمي ۽ ڪنٽرولڊ ماحول ۾ ميوو پچايو ويندو آهي
ڇو؟
ڇاڪاڻ⁠تہ اتي انسان جي جان کي نفعي کان وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي
پر اسان وٽ ڇا پيو ٿئي؟ اسان جي مقامي مارڪيٽن ۾ ڪارپيٽ جون پڙيون
بند ڪمرا
زهر ڀريل ٻاڦ
وقت کان اڳ پيلا ڪيل انب
۽ پوءِ ساڳيو زهر اسان جي گهرن، ٻارن ۽ بيمار ماڻهن جي پليٽن تائين پهچي ٿو
ممبئي وارو واقعو ياد رکو
هنداڻي ۾
Zinc Phosphide
ملڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 4 ماڻهو فوت ٿي ويا
ڪارپيٽ به معدي جي تيزاب سان ملي خطرناڪ گئسون پيدا ڪري سگهي ٿو، جيڪي
معدي
جگر
گڙدن
ڦڦڙن
تي آهستي آهستي اثر ڇڏين ٿيون
۽ پوءِ ڪجهه ماڻهو چون ٿا “اسان ته سالن کان کائون پيا، ڪجهه ناهي ٿيو
ياد رکو
ڪينسر، جگر جي خرابي ۽ گڙدن جا مرض اوچتو ناهن ٿيندا
اهي سالن تائين استعمال ٿيندڙ “مٺي زهر” جا نتيجا هوندا آهن
اصل سوال، جيڪڏهن اهو انب يورپ يا عرب ملڪن جي معيار تي پورو نٿو لهي،
ته پوءِ سنڌ ۽ پاڪستان جي ماڻهن لاءِ ڇو جائز سمجهيو وڃي ٿو؟
ڇا اسان جي جان جي قيمت گهٽ آهي؟
هاڻي وقت اچي ويو آهي وقت کان اڳ پيلا ٿيل انبن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي
حڪومت کان مطالبو ڪيو وڃي ته مقامي مارڪيٽ ۾ به
Export-Level
قانون لاڳو ڪيا وڃن
هارين ۽ واپارين کي محفوظ
Ripening Systems
ڏنا وڃن
عوام کي
Food Safety
بابت آگاهي ڏني وڃي
نفعي خورن جي لالچ خاطر پنهنجي ٻارن کي خاموش زهر کارائڻ بند ڪيو
صحت بچايو شعور پيدا ڪيو






📢 سنڌ حڪومت طرفان  ويڪسينيٽرن لاءِ نوڪريون (BPS-06) جو اعلان
14/05/2026

📢 سنڌ حڪومت طرفان ويڪسينيٽرن لاءِ نوڪريون (BPS-06) جو اعلان

"مشکل وقت میں دلاسہ دینے والا، کوئی اجنبی بھی ہو تو وہ دل میں اُتر جاتا ہے۔"
13/05/2026

"مشکل وقت میں دلاسہ دینے والا، کوئی اجنبی بھی ہو تو وہ دل میں اُتر جاتا ہے۔"

09/05/2026
کمزور بنياد جي اصل سبب صرف استاد ناهي…!سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي بنياد ڪمزور ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب اهي حالتون آهن جن کي استاد ...
09/05/2026

کمزور بنياد جي اصل سبب صرف استاد ناهي…!
سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي بنياد ڪمزور ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب اهي حالتون آهن جن کي استاد هر ڏينهن منهن ڏين ٿا، پر جن جو ذڪر گهٽ ئي ٿيندو آهي.
اسان وٽ اڪثر ٻار وقت تي داخل نه ڪرايا ويندا آهن. 5–6 سالن جي عمر تائين به ڪيترائي والدين اهو سمجهن ٿا ته ٻار اڃا ننڍو آهي، اڃا ماءُ کان ڌار نٿو ٿي سگهي، اڃا اسڪول وڃڻ جي لائق ناهي.
پوءِ جڏهن داخل ڪرايو وڃي ٿو ته صورتحال اها هوندي آهي ته: ٻار هفتن تائين اسڪول نٿو اچي… ڪڏهن سمهيل آهي، ڪڏهن ضد ڪري ٿو، ڪڏهن دل نٿي چاهي.
جڏنھن اچي ٿو ته ٻار وٽ ڪيترن ڏينهن تائين پينسل يا ڪاپي به موجود نه هوندي آهي۔
اهڙا ٻار نه بنيادي اکر سکي سگهن ٿا، نه آوازون، نه ڳڻپ، نه ابتدائي تصورات.
پوءِ ٻه ٽي سال بعد والدين کي اوچتو ياد اچي ٿو ته: "اسان جو ٻار اڃا تائين ايندڙ ڪلاس ۾ ڇو نه ويو آهي؟"
نتيجو؟ ٻار عمر ۾ وڏو پر بنياد ۾ ڪمزور ٿي وڃي ٿو. ۽ اهو ئي learning gap هر ايندڙ ڪلاس سان گڏ وڌندو وڃي ٿو.
استاد پنهنجي پوري ڪوشش ڪندا آهن، پر جڏهن اسڪول ۾ حاضري نه هجي، گهر کان سهڪار نه ملي، ۽ صرف ايندڙ ڪلاس جو دٻاءُ هجي ته بنياد ڪيئن مضبوط ٿيندو؟
تعليم صرف استاد جي ذميواري ناهي، اها والدين ۽ استاد جي گڏيل ذميواري آهي. جڏهن ٻار باقاعدگي سان اسڪول ئي نه اچي، گهر کان ڪا تعليمي مدد نه ملي، ۽ پوءِ به هر حال ۾ استاد کي ذميوار قرار ڏيڻ سراسر ناانصافي آهي.

Address

Mecca

Telephone

+966580421302

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Pano Akilian posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Pano Akilian:

Shortcuts

Share