Imkaan 24 Tv

Imkaan 24 Tv Biggest Voice of Nation

12/22/2025

سندھ اسیمبلی کا اجلاس جاری۔

President Asif Ali Zardari visited the shrine of Imam Abu Hanifa, offered nawafil and met the administrators of the shri...
12/22/2025

President Asif Ali Zardari visited the shrine of Imam Abu Hanifa, offered nawafil and met the administrators of the shrine.

12/22/2025

ڊي چوڪ ڌرڻي جي اڳواڻي بشري بي بي پاڻ ڪئي، سندس سياسي نہ ھئڻ جي دعوا غلط آھي، فيصل ڪريم ڪنڊي

12/22/2025

خوني نالن جا وات بند نہ ٿيا، حيدرآباد، قاسم آباد ۾ معصوم ٻارڙي گٽر ۾ ٻڏي فوت

12/22/2025

ڪراچي بار جون چونڊون وري ملتوي، نئين تاريخ جو اعلان

12/22/2025

سندھ اسیمبلی کا اجلاس جاری ہے۔

بالي ووڊ اداڪارا نورا فتحي روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پئي، جنهن کانپوءِ کيس اسپتال نيو ويو.ڀارتي ميڊيا موجب نورا فتحي ڇنڇر ڏينه...
12/22/2025

بالي ووڊ اداڪارا نورا فتحي روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پئي، جنهن کانپوءِ کيس اسپتال نيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب نورا فتحي ڇنڇر ڏينهن ممبئي ۾ آمريڪي ڊي جي ڊيوڊ گيٽا جي ڪنسرٽ ۾ شرڪت لاءِ ويندي روڊ حادثي جو شڪار ٿي.
نورا فتحي سن برن فيسٽيول ۾ ڊيوڊ گيٽا سان پنهنجي طئي ٿيل پرفارمنس لاءِ وڃي رهي هئي ته هڪ نشي ۾ ڌت ڊرائيور سندس گاڏي کي ٽڪر هنيو.
حادثي کانپوءِ نورا جي ٽيم فوري طور کيس ويجهي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سي ٽي اسڪين ڪري اندروني ڌڪ يا رت وهڻ جي امڪان کي رد ڪيو.
پر ڊاڪٽرن تصديق ڪئي ته ٽڪر جي نتيجي ۾ نورا کي معمولي طور دماغي جهٽڪو لڳو آهي.
پوليس حادثي ۾ ملوث نشي ۾ ڌت ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي جي ٽن ڪيسن جي ٻڏڻي ٿي ، ٽنهي ڪيسن جي ٻڌڻي 7 جنوري تائين ملتوي ٿي وئي، ...
12/22/2025

اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي جي ٽن ڪيسن جي ٻڏڻي ٿي ، ٽنهي ڪيسن جي ٻڌڻي 7 جنوري تائين ملتوي ٿي وئي، ٻڌڻي کان پوءِ غلام مرتضيٰ جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جج صاحب موڪل تي آھي، ان ڪري تاريخ 7 جنوري جي ملي آهي، ستن اٺن ڪيسن جي ٻڌڻي ٽن ڏينهن کان جاري رهي آهي هر روز ڏين ته ڇا ٿوڪري سگهجي،

هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آھي ته اسان عدالتن ۾ ھجون، هن ملڪ ۾ اهو پيو ٿئي ته هر شيءِ پنهنجي مرضي جي کپي پارليامينٽ، وڪيلن جي تنظيم سڀ پنهنجي مرضي جا کپن، جسٽس جهانگيري جي ڊگري صحيح آھي يا غلط مان نه ٿو چئي سگهان پر منهنجي ڊگري لاءِ مونکي سپريم ڪورٽ تائين وڃڻو يو هو، عمران خان جا پٽ آيا ته کين عمران خان سان ملاقات ڪرڻ ڏيندا عمران خان في الحال عوام ۾ آهي، عمران خان کي گهڻي وقت تائين دٻائي نٿو سگهجي ملڪ جي مسئلن جو واحد حل فيئر اينڊ فري اليڪشن آھي، حڪومت مخالف اتحاد منظم ان لاءِ ناهي ته فيصلا اليڪشن کان اڳ ئي ٿيو وڃن ته ڪنهن کي کٽرائڻو آھي، حڪمرانن اھڙا سيٺ ٺاهي ڇڏيا آھن جيڪي هنن جا حصيدار آھن، اها حڪومت ڪوڙن ڪيسن جي بنياد تي هلي رهي آھي حڪومت مخالفت برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،
هن چيو ته مڪاني کاتن ۾ ڪم 20 سيڪڙو ٿين پيا 80 سيڪڙو نه پيو ٿئي جيڪو ورهائجي وڃي ٿو، مڪاني نظام مشرف جي دور ۾ بهترين هو صوبا ٺاهڻ بدران مڪاني نظام کي مضبوط ڪيو وڃي، صوبن بدران پئسا مڪاني کاتن کي ڏنا وڃن ٿا، صوبا پئسا کائي ٿا وڃن.

سنڌ جي ورهاست واري ڳالهين کي رد ڪندي راشد محمد سومرو چيو ته ڪراچي سنڌ جو حصو آهي ۽ سنڌ ئي رهندو ڪنهن جي پيءُ ۾ به طاقت ن...
12/22/2025

سنڌ جي ورهاست واري ڳالهين کي رد ڪندي راشد محمد سومرو چيو ته ڪراچي سنڌ جو حصو آهي ۽ سنڌ ئي رهندو ڪنهن جي پيءُ ۾ به طاقت ناهي جو ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري اسان جيئرا آهيون ته سنڌ جي حفاظت ڪنداسين ،
سنڌ ۾ بدامني گهٽجڻ بدران وڌندي پئي وڃي روزانو قبائلي جهيڙن ۾ معصوم جانيون ضايع ٿي رهيون آهن هن عوام کي اپيل ڪئي ته صلح ڪريو قبائلي جهيڙا ختم ڪريو ۽ امن لاءِ اڳتي وڌو انهن جهيڙن جا اصل ذميوار حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو آهن هن ڌاڙيلن کي مخاطب ٿيندي چيو ته الله کان ڊڄو هٿيار ڇڏي ڏيو ۽ عوام تي رحم ڪريو،
هن چيو ته جي يو آءِ پاران ڪيل امن مارچن ۽ امن جرڳن جي نتيجي ۾ حڪومت ڌاڙيلن سان ڳالهين تي مجبور ٿي، هاڻي اسيمبلين مان غير شرعي ۽ غير اسلامي قانون پاس ڪيا پيا وڃن، جيڪڏهن آئين قانون ووٽ ۽ جمهوريت ذريعي عوام کي سندن حق نه ڏنا ويا ۽ عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻي پوئين دروازي مان ماڻهن کي اسيمبلين ۾ آندو ويو ته جمعيت علماء اسلام عوامي انقلاب جي تياري تي مجبور ٿي ويندي.

ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ملڪ بچائڻ لاءِ اتحاد جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو ۽ سڀني کي گڏ بيهڻو پوندو، ويڙهه نقص...
12/22/2025

ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ملڪ بچائڻ لاءِ اتحاد جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو ۽ سڀني کي گڏ بيهڻو پوندو، ويڙهه نقصانڪار آهي، ڪير ڪنهن کي مائنس نٿو ڪري سگهي، سياسي جماعتون حقيقت هونديون آهن.
لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خواجا سعد رفيق چيو ته پاڪستان هن وقت سخت سياسي ڏڦيڙ ۽ نفرت جو شڪار آهي، جنهن سان توانائي ضايع ٿي رهي آهي، جڏهن ته ملڪ کي اتحاد ۽ يڪجهتي جي سخت ضرورت آهي.
هن چيو ته بنيان مرصوص ۾ ڪاميابي جي نتيجي ۾ پاڪستان جو عالمي وقار بلند ٿيو ۽ فوجي جوانن ۽ آفيسرن شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي پاڻ کي وڏي دشمن کي شڪست ڏني، ايٽمي ڌماڪن کانپوءِ اهو پاڪستان جي تاريخ جو ٻيو واقعو آهي، جڏهن پاڪستاني ڳاٽ اوچو ڪري هلي سگهن ٿا ۽ اهو سڀ وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس ٽيم جي اجتماعي ڪوششن جو نتيجو آهي.
سندس چوڻ هو ته ن ليگ پنهنجي سياست داءَ تي لڳائي رياست بچائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان هڪ وڏي بحران مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، پنجاب حڪومت تاريخي ڪم ڪري رهي آهي پر ان باوجود پنجاب کي مسلسل تنقيد ۽ نفرت جو نشانو بڻايو پيو وڃي، افسوس فيصلا ڪنهن ٻئي هنڌ ٿيندا آهن پر الزام پنجاب تي ايندو آهي، صوبن وچ ۾ اهڙي سطح جي نفرت مان اڳ ۾ ڪڏهن ناهن ڏٺي، جيڪو ڳڻتيءَ جوڳو آهي.
خواجا سعد رفيق چيو ته پاڪستان جا مسئلا اڃا ختم ناهن ٿيا، غربت، بک، معاشي بدحالي، دهشتگردي ۽ علائقائي خطرا موجود آهن، معيشت مڪمل طور اڏام ڀري آهي، ملڪ عالمي سطح تي معاشي طاقت ناهي بڻجي سگهيو، ان صورتحال ۾ پاڻ ۾ ويڙهه ملڪ لاءِ نقصانڪار آهي.

12/20/2025

عليمھ خان جي صحافين سان ڳالھھ ٻولھھ

12/19/2025

ام رباب پراميد آھي

Address

New York, NY

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Imkaan 24 Tv posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share