Tasawarujanoffical

Tasawarujanoffical I will provide you Ent, comedy, vlogs, poetry , blogs, stories and many more according your thoughts

سچ پچ ته سر ۽ ساهه کـان آهي پيـارو –هـي ”امـن و امـان، امـن و امـان“ جو نعرو.ظـالـم نه ٿـيو، ۽ ٿـيو مـظـلوم مــتان!جـو ت...
29/10/2024

سچ پچ ته سر ۽ ساهه کـان آهي پيـارو –
هـي ”امـن و امـان، امـن و امـان“ جو نعرو.
ظـالـم نه ٿـيو، ۽ ٿـيو مـظـلوم مــتان!
جـو تـنگ ڪري، جـنگ ڪريــو او يـارو“

ڏنو آ ڏونگرن ٿربر کي گهوگهو،ڪنارا سنگهرون،ساگر کي گهوگهو،اهو آفاق جو گهيرو ڏئي ٿو،زمين کي، چنڊ کي،انبر کي گهوگهو،استادبخ...
22/10/2024

ڏنو آ ڏونگرن ٿربر کي گهوگهو،
ڪنارا سنگهرون،ساگر کي گهوگهو،
اهو آفاق جو گهيرو ڏئي ٿو،
زمين کي، چنڊ کي،انبر کي گهوگهو،
استادبخاري

ڳلڙن سان وارن جون ڳالهيون!گورن سان ڪارن جون ڳالهيون.تنهنجي نظرن جون خبرون ڄڻ،مُهلڪ هٿيارن جون ڳالهيون.
21/10/2024

ڳلڙن سان وارن جون ڳالهيون!
گورن سان ڪارن جون ڳالهيون.

تنهنجي نظرن جون خبرون ڄڻ،
مُهلڪ هٿيارن جون ڳالهيون.

ڏاڍو ٿڪجي آيو آھيان،رڻ مان گذري آيو آهيان.سجھان ٿو دَر ساڳيو ناهي،شايد ڀُلجي آيو آهيان.اوجاڳن کان ڳاڙهيون اکيون،جھڙو ڪر ...
17/10/2024

ڏاڍو ٿڪجي آيو آھيان،
رڻ مان گذري آيو آهيان.

سجھان ٿو دَر ساڳيو ناهي،
شايد ڀُلجي آيو آهيان.

اوجاڳن کان ڳاڙهيون اکيون،
جھڙو ڪر پِي آيو آهيان.

مندر، مسجد،گرجاگھر کان،
هر هنڌان ٿي آيو آهيان.

تنهنجي محفل مان اٿي هاڻ هليا وينداسين،ڀئونر آهيون وٺي سُرهاڻ هليا وينداسين.چنڊ ڪڪرن ۾ لڪائي، ڇو ڇڏيئي چانڊوڪي؟ڇا تنهنجي ...
16/10/2024

تنهنجي محفل مان اٿي هاڻ هليا وينداسين،
ڀئونر آهيون وٺي سُرهاڻ هليا وينداسين.
چنڊ ڪڪرن ۾ لڪائي، ڇو ڇڏيئي چانڊوڪي؟
ڇا تنهنجي چورائي چانڊاڻ هليا وينداسين.

جنهن يار کان وڇڙي پيار وڃي، تنهن يار جي حالت ڇا هوندي ،جي باغ منجهان مالهي نڪري، گلزار جي حالت ڇا هوندي !گڏ تنهنجي هوندي...
13/10/2024

جنهن يار کان وڇڙي پيار وڃي، تنهن يار جي حالت ڇا هوندي ،
جي باغ منجهان مالهي نڪري، گلزار جي حالت ڇا هوندي !

گڏ تنهنجي هوندي هوش نه هو، اڄ ڌار جي حالت ڇا هوندي ،
ڇو سوچيئه ڪونه ڪڏهن پيارا، بيمار جي حالت ڇا هوندي !

ڪارا ، ڏٻرا، ڪنگيءَ کاڌل، ڍنڍ تي ٻار مهاڻن وارا،شاعر! سچ پچ سڀئي تنهنجي، شعرن جا عنوان لڳن ٿا.آس ۽ اوسيئڙي جا اڌما، مستق...
09/10/2024

ڪارا ، ڏٻرا، ڪنگيءَ کاڌل، ڍنڍ تي ٻار مهاڻن وارا،
شاعر! سچ پچ سڀئي تنهنجي، شعرن جا عنوان لڳن ٿا.

آس ۽ اوسيئڙي جا اڌما، مستقبل جا خيال ۽ خدشا،
راشدا ! تنهنجا شعر سمورا، ڪنوارين جا ارمان لڳن ٿا.

وقت ڪيا ويرانا ماڻهون، تنهنجا ڪي ديوانا ماڻهونجڳ سان ڪهڙا ليکا ڪرڻا،يار اسان مستانا ماڻهون
09/10/2024

وقت ڪيا ويرانا ماڻهون،
تنهنجا ڪي ديوانا ماڻهون
جڳ سان ڪهڙا ليکا ڪرڻا،
يار اسان مستانا ماڻهون

07/08/2024

Address

Khairpur Mirs
Sindh

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Tasawarujanoffical posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Tasawarujanoffical:

Share