13/11/2025
ٽالپر ڪالوني وارڊ نمبر 11 جا رهاڪو سخت پريشاني ۾!
وارڊ نمبر 11 ۾ صفائي نه ٿيڻ سبب ناليون مڪمل طور بند پيون آھن، جن مان گندو پاڻي گھٽين ۾ وهجي ويو آھي. ان بدبوءِ ۽ گند سبب رهاڪن جو گذرڻ بہ مشڪل ٿي ويو آھي. خاص ڪري نمازين کي وڏي تڪليف پيش اچي ٿي، ڇوتہ نالين جو پاڻي مسجدن ڏانھن رستي ۾ اچي ٿو ۽ ڪپڙا خراب ٿيو وڃن ٿا جنهن ڪري نماز پڙهڻ کان بہ قاصر ٿيو وڃو۔
وارڊ نمبر 11 ۾ مقرر سوئيپر فقيرو کي بار بار صفائي لاءِ چيو وڃي ٿو پر هو هر ڀيري جواب ۾ چوي ٿو تہ “آفيسرن کي شڪايت ڪريو”.
اسان جناب ميونسپل چيئرمين سيد شاھنواز شاه صاحب کي ادب سان گذارش ڪريون ٿا تہ مھرباني ڪري ٽالپر ڪالوني وارڊ نمبر 11 ۾ صفائيءَ جو فوري انتظام ڪيو وڃي ۽ ناليون صاف ڪرايون وڃن تہ جيئن رهاڪن کي هن تڪليف مان نجات ملي. توھان جي مھرباني ۽ تعاون جا اڳواٽ ٿورا۔