
08/08/2025
جمعيت علماءِ اسلام ڊجيٽل ميڊيا ٽيم يونٽ هنڱورو (تعلقہ پنوعاقل) جو تعارفي اجلاس
جمعيت علماء اسلام ڊجيٽل ميڊيا ٽيم يونٽ ھنڱورو /تعلقه پنوعاقل- جو تعارفي اجلاس يونٽ ھنڱورو جي اسٽاپ واري مسجد ۾ ٿي گذريو،
اجلاس ۾ خصوصي شرڪت، مولانا صفي الله جتوئي (ناظم عمومي يونٽ ھنڱورو) جن جي ٿي.
اجلاس جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو ۽ ڪاروائي محمد عمار عباسي جن هلائي رھيا ھئا.
تعارفي نشست کان پوءِ تربيتى ۽ فڪري بيان مولانا صفي الله جتوئي ۽ مولانا عبدالجليل عباسي (پريس ترجمان) جن جا ٿيا.
اجلاس ۾ جماعت جي پاليسين تي عمل، سوشل ميڊيا تي انتشار کان بچاءُ، ۽ جماعت جي مؤثر نمائندگي ۽ بيانيه کي عام ڪرڻ بابت هدايتون ڏنيون ويون.
ٽيم کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ غور و فڪر ۽ لائحه عمل جوڙيو ويو.
شرڪاء اجلاس:
قاري سليم الله چاچڙ، حافظ مسعود احمد جتوئي ، مولانا اختيار علي عالماڻي، قاري احسان الله چاچڙ، عبدالغني عباسي، حافظ محمّد رحمان چاچڙ، سراج احمد چاچڙ، عبدالڪريم عباسي، حافظ شڪيل الرحمان چاچڙ ، ڪامران احمد عباسي، احمد خان جتوئي، حافظ طاهر احمد جتوئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي .
اجلاس دعا خير سان اختتام پزير ٿيو.
/جاري ڪندڙ؛ ڊيجيٽل ميڊيا سيل، جي يو آئي يونٽ هنڱورو