Mb Tv manzoor bhatti

  • Home
  • Mb Tv manzoor bhatti

Mb Tv manzoor bhatti Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Mb Tv manzoor bhatti, TV Channel, .

22/12/2023
21/12/2023

ایم بي ٽي وي نيوز
مورو (رپوٽ: منظور ڀٽي) تعلقو مورو جي ڳوٺ پريل مگسي جي معزز شخصيت رئيس مير ھزارخان مگسي جو فرزند ھونھار نوجوان مسٽر پريل مگسي ٽيوشن سينٽر تي پئسي جي اهميت تي تقرير ڪندي.

میرے پیارے بھائی نریش کمار کو  انٹر میں A1 گریٹ  ملنے پہ بہت بہت مبارک ہو  مالک انہیں  ہمیشہ خوش و اباد رکھے اور زندگی ک...
26/11/2023

میرے پیارے بھائی نریش کمار کو انٹر میں A1 گریٹ ملنے پہ بہت بہت مبارک ہو مالک انہیں ہمیشہ خوش و اباد رکھے اور زندگی کے ہر مشکل موڑ میں مالک ان کا ساتھ دے 😍😍
امین
Love you my bro Naresh kumar
Congratulations 💘💘💘💘💘

میرے پیارے دوست آنجہانی بہگت موھن ملورام کے بڑے بیٹے نریش کمار کو  انٹر میں A1 گریٹ  ملنے پہ بہت بہت مبارک ہو  مالک انہی...
26/11/2023

میرے پیارے دوست آنجہانی بہگت موھن ملورام کے بڑے بیٹے نریش کمار کو انٹر میں A1 گریٹ ملنے پہ بہت بہت مبارک ہو مالک انہیں ہمیشہ خوش و اباد رکھے اور زندگی کے ہر مشکل موڑ میں مالک ان کا ساتھ دے 😍😍
امین
Love you my bro Naresh kumar
Congratulations 💘💘💘💘💘

23/11/2023

بچل پور (رپوٽ: عزيزالله ڀنڊ)بچل پور ويجھو ڳوٺ اسماعيل ڀنڊ جي معزز شخصيت رئيس مير ھزارخان ڀنڊ پاران پنھنجي زرعي فارم تي خيرات في سبيل الله جو اھتمام ڪيو ويو جنھن ۾ ڀرپاسي جي معززين سيد پپوشاھ،سيد شبير شاھ ،فقير عبدالڪريم چنا فقير محمد رمضان چنا ،فقير عبدالحڪيم چنا،فقير محمد شريف چنا سجاد چنا رئيس اعجاز ڀنڊ رئيس نادر علي خان ڀنڊ رئيس غيبي خان ڀنڊ ،سڪندر علي ڀنڊ،رئيس شيرل ڀنڊ ،يوسف ڀنڊ عزيزالله ڀنڊ ۽ فقير الله بچايو ڀنڊ ۽ ٻين شريڪ تي دعاء خير ۾ حصو ورتو.

21/11/2023

ايم بي ٽي وي نيوز شڪارپور
(رپوٽ: سينيئر صحافي مير محمد اسلم مگسي)
شڪارپور جي اڳوڻن صوبائي ۽ وفاقي وزيرن جي سياسي سفارشي آفيسرن شھر جي تعليم ۽ تعليمي ادارن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو.شھر جي قديم تاريخي اسڪول گورنمينٽ قاضي حبيب الله ھائر سيڪنڊري اسڪول جزا شاگرد بنيادي صحولتن کان وانجھيل اسڪول ٻاھران کليل گندو نالو بدبودار غلاظت ۽ موضي مرضن جو مرڪز بڻيل.سالن کان وٺي اسڪول جا باٿ روم صفائي نه ٿيڻ ۽ پاڻي نہ ھجڻ ڪري ناقابل استعمال بڻجي ويا شاگرد سخت پريشان.ميونسپل ڪميٽي شڪارپور ۽ ڏسٽرڪٽ ھيلٿ کاتو منظر تان گم اسڪول انتظاميا جي بدانتظامي جو ڪير بہ نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناھين.شڪارپور جي تعليم کاتي ۾ سياسي مداخلت سبب تعليم ۽ تعليمي ادارا تباھ ٿيڻ لڳا. اسڪول جي اڳوڻي ھيڊ ماستر قبضا مافيا سان ملي ڀڳت ڪري اسڪول ٻاھران پيل پلاٽ ڀڳڙن مٺ تي قبضا مافيا حوالي ڪري ڇڏيا جتي قبضا گيرن پڪيون اڏاوتون ڪرائي دڪان اڏي ڇڏيا.تعليم کاتي جا ڪرپٽ ڪامورا خاموش تماشائي بڻيل.شڪارپور جا ساڃاھ وند ۽ باشعور سياسي سماجي ادارا تعليم ۽ تعليمي ادارن جي وارثي لاءِ آواز اٿارن تہ جيئن سفارشي تعليم دشمن ڪامورن جي ور چڙهيل شھر جا تعليمي ادارا محفوظ بڻائي سگھجن.
تعليم بچايو سنڌ بچايو پنھنجي ايندڙ نسل بچايو
منظور ڀٽي
ايم بي ٽي وي نيوز شڪارپور

19/11/2023

ايم بي ٽي وي شڪارپور
(رپوٽ: منظور ڀٽي) شڪارپور جي تعليم کاتي ۾ ويٺل سياسي سفارشي آفيسرن شڪارپور جي تعليم ۽ تعليمي ادارا تباھ ڪري ڇڏيا.گورنمينٽ آغا سليم ھاء اسڪول جو گرائونڊ بااثر مولانا جي حوالي جنھن اسڪول جي گرائونڊ ۾ نئين جڙندڙ مني اسٽيڊيئم جي بلڊنگ ۾ مينھن جو واڙو کولي اسڪول جي گرائونڊ کي وٿاڻ جي ڀاڻ جو ڍير بڻائي ڇڏيو.علائقي واسين جي گٽرن جو گندو پاڻي اسڪول جي گرائونڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ سبب گرائونڊ گندي پاڻي جي تلاء جو ڏيک ڏيڻ لڳو. ھر طرف گند ڪچرو پکڙيل. گندگي گرائونڊ کي بدبودار بڻائي ڇڏيو.اسڪول انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل ضلعي جو تعليم کاتو ڪرپٽ ڪامورن حوالي ھئڻ ڪري ڪرپشن جو ڳڙھ بڻجي ويو.سوين استاد ويزا تي ويل وڏن ھاء اسڪولن جا ھيڊ ماستر اسڪولن کي ترقي وٺرائڻ بجاء تعليم کاتي جي ڪرپٽ ڪامورن جي خوشامند ۾ پورا شھر جي اڪثر اسڪولن جون عمارتون تباھي ڪناري پھتل ضلعي شڪارپور جو تعليم کاتو فرعون صفت ڪامورن حوالي ھجڻ ڪري تعليم ء تعليمي ادارا ڏينھون ڏينھن تباھ ٿيڻ لڳا .تعليم لاء ملندڙ بجيٽ ڪامورن ۽ انھن جي من پسند سياستڪارن جي ور چڙهيل ڪو بہ نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناھين
نگران صوبائي وزير تعليم
سيڪٽري ايجوڪيشن سنڌ
شھر جي سول سوسائٽي ،سماجي سياسي ڌريون شھر جي تعليم ۽ تعليمي ادارن کي بچائڻ لاءِ پنھنجو فرض نڀائن .
تعليم بچايو نسل بچايو
منظور ڀٽي
ايم بي ٽي وي نيوز شڪارپور .
واٽس ايپ نمبر:03208322313

16/11/2023

دولتپور (رپوٽ:سچل انڙ) سول جج ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ II دولتپور جي عدالت ديھ ٻنڀائي ۾ موجود بھادر ڀنڊ ،انصار ڀنڊ ،يوسف ڀنڊ ۽ فقير الھبچايو ڀنڊ جي زرعي زمين جو فيصلو ھارين ۽ آبادگارن جي حق ۾ ڏيئي ڇڏيو جڏھن تہ عدالت سڳوري زمين تي مالڪي جي ڪوڙي دعوا ڪندڙ بااثرن مھدي ڀنڊ ،معصوم ڀنڊ،حاجي ڀنڊ ۽ روشو ڀنڊ پاران پيش ڪيل فوٽو اسٽيٽ ڪوڙو دستاويز رد ڪندي ھارين ء آبادگارن کي مليل سرڪاري سندون بحال ڪري زمين جي مالڪي ء ھارپي جو حق ھارين ھر ھڪ يوسف عرف پوڙھو ڀنڊ انصار ڀنڊ ، بھادر ڀنڊ ۽ فقير الھبچايو ڀنڊ کي ڏيندي عدالتي حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
فيصلي اچڻ کانپوءِ آبادگارن پنھنجي وڪيل حبيب الرحمان بليدي کي گلن جا ھار پارائي خوشي جو اظھار ڪيو جڏھن ايم بي ٽي وي سان ڳالهائيندي رئيس بخشڻ ڀنڊ چيو تہ مخالفن جون وايون بتال ٿي ويون آهن شھيدن جا ڪفن چور ڳوٺ اسماعيل ڀنڊ ۾ ھڪ دفعو ٻيھر خوني فساد ڪرائي رتوڇاڻ ڪرائڻ جي سازش ۾ مصروف آھن ھن چيو تہ اسان صبر کان ڪم وٺي مخالفن کي قانوني ۽ اخلاقي شڪست ڏني آھي.

12/11/2023

ايم بي ٽي وي نيوز
قااضي احمد (رپوٽ: منظور ڀٽي)قاضي احمد جي ڪچي ۾ ڳوٺ اسماعيل ڀنڊ جي رھواسين جو ڊي ايس پي قاضي احمد مظھر ھيسباڻي ايس ايڇ او مرزاپور صديق جھتيال جي ڏاڍاين خلاف احتجاج ان موقعي تي پوليس زيادتين جو شڪار ٿيل متاثر ڳوٺاڻن يوسف ڀنڊ،بھادر ڀنڊ الھبچايو ڀنڊ ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو آهي تہ ڊي آيس پي قاضي احمد مظھر ھيسباڻي ايس ايڇ او مرزاپور صديق جھتيال علائقي جي بااثرن کان ڳري رشوت وٺي پوليس اٽالن ساڻ ڪري اسان جي ديھ ٻنڀائي ۾ موجود سروي زمين اچي ھارين کي زبردستي زمين تي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ نادري حڪم جاري ڪيو تہ ڪير بہ زمين تي ڪم نہ ڪري جيڪو زمين تي ڪم ڪندي نظر آيو تہ ان کي جيل موڪلي ڇڏينداسين متاثرن وڌيڪ وڌيڪ چيو تہ ڊي آيس پي قاضي احمد مظھر ھيسباڻي ايس ايڇ او مرزاپور صديق جھتيال علائقي جي بااثرن کان ورتل رشوت عيوض وانگارو بڻجي ديھ ٻنڀائي ۾ رتوڇاڻ ڪرائڻ چاھن ٿا ھننن چيوتہ اسان مرڻ مارائڻ کان سواءِ پنھنجن ابن ڏاڏن جي زمين تي مرڻ مارائڻ کانسواءِ پوليس ۽ بااثرن کي قبضو ڪرڻ نہ ڏينداسين جيڪڏھن زمين تي پوليس جون غير قانوني ڪارروائيون بند نه ٿيون تہ ڪنھن بہ اڻوڻندڙ واقعي جا ذميوار ڊي ايس پي قاضي احمد مظھر ھيسباڻي ايس ايڇ او مرزاپور صديق جھتيال ھوندا.
متاثرن ڊي آء جي بينظيرآباد ڊويزن ايس ايس پي بينظيرآباد کي اپيل ڪندي چيو آهي تہ اعلا اختياريون فوري طور ڊي ايس پي قاضي احمد مظھر ھيسباڻي ۽ ايس ايڇ او مرزاپور صديق جھتيال کي فورن ھٽائي ديھ ٻنڀائي ۾ رتوڇاڻ جي جي سازش کي ناڪام بنائڻ .

09/11/2023

يوٽيوب چينل
ايم بي ٽي وي
شڪارپور پاران شڪارپور جي پرائمري اسڪول محمد عالم لاشاري ايٽ وريل جت،ڀٽائي ڪالوني شڪارپور جي شاگردن ۽ استادن جي مسئلن تي منظور ڀٽي جي تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري رپوٽ پيش خدمت آهي وڊيو آخر تائين ڏسي پنھنجي قيمتي راءِ ڪمينٽس ۾ ڏيندا. ۽ ھن پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪندا تہ جيئن معصوم ٻارڙن جي ترجماني ٿي سگھي مھرباني.

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Mb Tv manzoor bhatti posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share