14/08/2023
13 آگسٽ 2023 تي لکيل ليک پنهنجي اخبار ۾
لوٽا ۽ انهن
جون قلابازيون!
(حصو ٻيون ۽ آخري)
ڪالھ ھڪ دوست استاد سان ڳالھ ٻول پي ٿي، پڇيم اڄ ڪلھ ڇا مصروفيتون آھن اسڪول ۾؟ چيائين ته 14 آگسٽ جون تياريون پيون هلن، چيم گلن جھڙن ٻارن کي چيائين ته پاڪستان جي تاريخ، وسيلن جي ڄاڻ، شھيدن جون قربانيون، سورهين جي سورهيائي ٻڌائيندس، چيم ڇا تون واقعي ٻارن کي پاڪستان جي سچي تاريخ ٻڌائي سگهندين؟ ٻارن کي ٻڌائي سگهندين ته ايترين وسيلن سان مالا مال ملڪ ايندڙ نسلن تائين قرض ۾ ٻڏل آھي، ٻڌائي سگهندين ته جن دل ۽ جان سان پاڪستان ٺھڻ لاءِ ڪوشش ڪيون انهن کي غدار جھڙا لقب مليا ۽ جيلن ۾ قيد ڪيا ويا، انهن کي لوٽن بابت ٻڌائي سگهندين ته ڪيئن لوٽا انهن جي حقن تي حاوي آھن ۽ انهن جي ابن ڏاڏن جي ووٽ تي ايوانن ۾ پهچي پنهنجي ٻارن کي دنيا جي وڏي ۽ مهانگن اسڪولن، اسپتالن ۽ گھرن ۾ ٿا رکن ۽ توهان کي هن جي بدلي اھڙن سرڪاري اسڪولن ۾ جتي بجلي، پاڻي، عمارت، ويھڻ لاءِ ڪرسيون ناهن پٽ تي ويهي پڙھو ٿا ۽ اوهان کي مليل سرڪاري ڪتاب به هاڻي اڻلڀ آهن، اڻلڀ ان لاءِ ته لوٽن جا جيڪي وري هيٺيان لوٽا آھن اهي ڪتاب وڪرو ڪري گذر سفر ڪندا آھن ڇو ته اهي بک وگهي مري رهيا آھن، ان ڪري اوهان مظلومن جا ڪتاب به کائي ويا، منهنجي ڳالھ ٻڌي دوست چپ ٿي ويو .لوٽا لوٽا ئي هوندا آھن ڀلي اهي ھٺيئن طبقي جا هجن يا وري مٿئين جا. تازو فيس بڪ تي هڪ دوست جو پوسٽ پڙھيم جنهن ۾ ھن ٻه تصويرون شيئر ڪيون جن ۾ ھڪڙو لوٽو ٻن صوبن جي حقن تي ڌاڙو هڻي بيٺو هو، هڪ ته هڪ جي ڊوميسائل گھوٽڪي سنڌ جو ته ٻيو رحيم يار خان پنجاب جو، پنجاب ۾ نوڪريون اچن ته مظلوم سرائيڪين جي حقن تي ڌاڙو، جي سنڌ ۾ اچن ته سنڌين جي حقن تي ڌاڙو. مون کي ڌارين تي افسوس ناهي، ڏک اھڙن لوٽن تي آھي جيڪي ڪجھ ٽڪن عيوض پنهنجي ٻارن جي حقن تي ڌاڙو ھڻائن ٿا. ابراهيم منشي ياد پيم “مون پڪ سڃا پنهنجا هئا، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾، پي واٽ ڏسيائون واسينگن کي ويهي واڙيچن جي واڙي ۾” جيڪي لوٽا ھاڻي واسينگن کي واٽ پيا ڏسين اهي واسينگ انهن جي پنهنجي ٻارن جا ئي حق کائيندا، تڏھن اهي پنهنجي منهن تي ڪارپ ملڻ جيترا به نه هوندا.
حامد گبول/ڪراچي
The Time News one of the most trusted Sindhi Newspaper of Pakistan. TheTimeNews.TV Provides Latest Sindhi news, Sindhi Newspapers, and Also World, Sports, Cricket, Business, Politics, Health News