Larkana news update

  • Home
  • Larkana news update

Larkana news update information

09/11/2024

ڪوئيٽا اسٽيشن وڏو بم ڌماڪو، شهيدن جو انگ وڌي 22 ٿي ويو، ۽ 45 کان مٿي مسافر سخت زخمي ،

ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪو سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ هينئر تائين 22 ڄڻن جا لاش پهچايا ويا آهن. 45 ڄڻا زخمي. زخمين مان ڪجهه جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي،

17/09/2024
پیٹرول 10 روپے، ڈیزل 13 روپے، مٹی کا تیل 11 روپےلائٹ ڈیزل 12 روپے سستا کردیا گیا
16/09/2024

پیٹرول 10 روپے، ڈیزل 13 روپے، مٹی کا تیل 11 روپے
لائٹ ڈیزل 12 روپے سستا کردیا گیا

01/09/2024

سنڌ مان هاڻوڪين برساتن جا اهنج ئي ختم نه ٿيا ته موسميات کاتي نئين اڳڪٿي ڪري ڇڏي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته نار بنگال مان طوفاني هوائون 2 سيپٽمبر تي ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، ڪراچي ۾ 3 کان 4 سيپٽمبر تائين گجگوڙ سان تيز برساتون پئجي سگهن ٿيون، سنڌ جي مختلف ضلعن سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، دادو، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، مٺي، ميرپورخاص، جيڪب آباد، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، ٿرپارڪر، مٺي، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۾ به تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برساتن جو امڪان آهي، سامونڊي طوفان “اسنيٰ” سنڌ کان تمام گهڻو پري ٿي ويو آهي، پر ڪڪرن جي موجودگي سبب اڄ هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي.

ایران حادثے کے زخمیوں کی جانب سے ایرانی حکومت کی تحقیقات میں دیئے گئے خستہ حال گاڑی کے بیانات کی بنیاد پر سالار قافلا سی...
24/08/2024

ایران حادثے کے زخمیوں کی جانب سے ایرانی حکومت کی تحقیقات میں دیئے گئے خستہ حال گاڑی کے بیانات کی بنیاد پر سالار قافلا سید اطہر شاہ کو ایران حکومت نے ملک سے ڈی پورٹ کردیا، سی 130 طیارے میں انہیں پاکستان واپس بھیج دیا گیا، اور انکے ایران میں داخلے پر پابندی عائد کردی

23/08/2024

موسميات کاتي پاران ملڪ ۾ 26 کان 29 آگسٽ تائين برساتن جي اڳڪٿي, موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 25 آگسٽ کان 29 آگسٽ تائين تيز هوائن سان وسڪارن جو امڪان آهي, چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته طوفاني وسڪارن دوران سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جا هيٺاهين وارا علائقا ٻڏڻ جو خدشو آهي, چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز طرفان 27 ۽ 28 آگسٽ تي ڪراچي ۾ طوفاني وسڪارن سبب اربن فلڊنگ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي۔

لاڙڪاڻي ۾ ايف آءِ اي جي شاهي بازار ۾ ڪارروائي، 4 سونارا امتياز. رحيم بخش. ممتاز علي ۽ الطاف کي گرفتار.ملڪي غير ملڪي ڪرنس...
15/08/2024

لاڙڪاڻي ۾ ايف آءِ اي جي شاهي بازار ۾ ڪارروائي، 4 سونارا امتياز. رحيم بخش. ممتاز علي ۽ الطاف کي گرفتار.ملڪي غير ملڪي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي آهي هو بغير لائسنس جي هنڊي جو ڪاروبار ڪندا آهن.ايف آئي اي

مريم نواز ايٿليٽ ارشد نديم کي 10 ڪروڙ روپين جو انعام ۽ هڪ ڪار ڏئي ڇڏيپنجاب جي سي ايم مريم نواز اولمپڪ گيمز ۾ پاڪستان کي ...
13/08/2024

مريم نواز ايٿليٽ ارشد نديم کي 10 ڪروڙ روپين جو انعام ۽ هڪ ڪار ڏئي ڇڏي

پنجاب جي سي ايم مريم نواز اولمپڪ گيمز ۾ پاڪستان کي گولڊ ميڊل ڏياريندڙ ايٿليٽ ارشد نديم کي 10 ڪروڙ روپين جو انعام ۽ هڪ ڪار ڏئي ڇڏي

مريم نواز هيليڪاپٽر جي ذريعي ميان چنون پهچي ايٿليٽ جي گهر پهتي، مريم نواز ارشد نديم ۽ سندس گهر ڀاتين سان ملاقات ڪئي

مريم نواز ارشد نديم کي 10 ڪروڙ روپين جي انعامي رقم، ڪار ۽ ميڊلز ڏنا، سي ايم پنجاب مريم نواز، ارشد نديم جي امڙ سان به ملاقات ڪئي

وزيراعظم شهباز شريف به قومي هيرو ارشد نديم کي اڄ ملاقات لاءِ پي ايم هائوس گهرائي ورتو، حڪومت طرفان ارشد نديم لاءِ وڏي انعام جي اعلان جا امڪان

ارشد نديم جي مان ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ وفاقي وزير ۽ ٻيون شخصيتون به شريڪ ٿينديون، ميئر سکر، وڏي وزير، گورنر سنڌ ۽ ٻين طرفان به ارشد نديم لاءِ انعام جا اعلان ٿي چڪا.

17/07/2024

ڄامشورو:ٿاڻي اندر زوردار ڌماڪو، وڏي منشي، 2 پوليس اهلڪارن ۽ قيدن سميت 5 ڄڻا زخمي،ديوارون ڪريڪ ڪيترين ئي گاڏين کي نقصان پهتو

سنڌ ڪابينا ٻوڏ متاثرن جي لسٽ ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويل متاثرين کي به گهر ٺاهي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاه...
11/07/2024

سنڌ ڪابينا ٻوڏ متاثرن جي لسٽ ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويل متاثرين کي به گهر ٺاهي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران متاثرين جا گهر ڊهڻ جي تصديق بعد سندن نالا لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت، 20 هزار ٻوڏ متاثرن جا گهر تعمير ڪندڙ مسترين جي تربيت ڪرائڻ جو به فيصلو

وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ لياري ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪلينيڪل ميڊيڪل سائنس ۽ ٽيچنگ فيڪلٽي ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي

ڪابينا سنڌ ميڊيڪو ليگل ايڊوائيزري بورڊ بڻائڻ جي منظوري به ڏني، سنڌ ميڊيڪو ليگل ايڪٽ 2023 ۾ نافذ ٿيو هو، سيڪريٽري هيلٿ بورڊ جو چيئرمين هوندو.

09 ۽ 10 محرم تي موبائيل سروس بند رکڻ جو فيصلو پشاور: خيبرپختونخوا جي راڄڌاني پشاور ۾ محرم الحرام دوران موبائيل سگنلز بند...
11/07/2024

09 ۽ 10 محرم تي موبائيل سروس بند رکڻ جو فيصلو



پشاور: خيبرپختونخوا جي راڄڌاني پشاور ۾ محرم الحرام دوران موبائيل سگنلز بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پشاور پوليس جي سي سي پي او قاسم علي موجب، 9 ۽ 10 محرم تي موبائيل فون سگنلز بند رهندا.

هن وڌيڪ چيو ته محرم الحرام دوران فل پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻو آهي، جڏهن ته ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ موبائيل فون سنگلز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

11/07/2024

پشاور ايئرپورٽ تي لينڊنگ کان پوءِ سعودي ايئر لائن جي جهاز ۾ باھ لڳي وئي ، سمورن 276 مسافرن ۽ عملي کي محفوظ انداز ۾ جهاز مان ڪڍيو ويو۔

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Larkana news update posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share