Times Of Larkana Web TV

  • Home
  • Times Of Larkana Web TV

Times Of Larkana Web TV Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Times Of Larkana Web TV, News & Media Website, .

09/11/2023

سنڌ پوليس ۾ سٺي ساک رکندڙ بھادر دلير پوليس آفيسر ايس ايڇ او خانپور علي حسن مغيري🔥🔥

05/05/2023

لاڙڪاڻو :لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد مان گذريل رات دير سان ڪرياني جي دڪان مالڪ ۽ سندس جي دوست کان روڪ رقم ۽ موبائيل فونز ڦر،

لاڙڪاڻو :متاثر مالڪ ڦر ٿيل رقم جي واپسي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

لاڙڪاڻو :گذريل رات دير سان آئون پنهنجو دڪان بند ڪري پنهنجي دوست باسط علي شيخ سان گهر وڃي رهيا هئاسين ته موٽر سائيڪل سوار 2 هٿيار بندن يرغمال بڻائي 30 هزار روڪ رقم ۽ 90 هزار ماليت جي موبائيل ڦر ڪري فرار ٿي ويا. پوليس اطلاع باوجود هن وقت تائين ڪاروائي ناهي ڪئي مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيا آهيون.

لاڙڪاڻو :هنن ڊي آء جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان گهر ڪئي ته ملوث ڦورن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

لاڙڪاڻي شهر جي ايوب ڪالوني جو رھواسي رٽائرڊ اي ايس آء غلام سرور جاگيراڻي اڄ صبح کان سچل ٿاڻي جي حد مان پراسرار نموني گم ...
02/05/2023

لاڙڪاڻي شهر جي ايوب ڪالوني جو رھواسي رٽائرڊ اي ايس آء غلام سرور جاگيراڻي اڄ صبح کان سچل ٿاڻي جي حد مان پراسرار نموني گم ٿي ويو، وارثن موجب سندس موبائيل فون بند آهي، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي پوليس اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي..

27/04/2023

لاڙڪاڻي شهر جي او پي ايف ڪالوني جو رهواسي بورڊ جي ملازم 8 ٻارن جو پيءُ 40 سالن جو علي بخش پٽ مولا بخش انڙ مبينا طور گهر اندر پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارث زخمي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

لاڙڪاڻي ۾ ڇرين وار ڪري مڙس پنهنجي زال 8 ٻارن جي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد محلا ليلا آبا ۾ غلام رضا سمو...
26/04/2023

لاڙڪاڻي ۾ ڇرين وار ڪري مڙس پنهنجي زال 8 ٻارن جي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد محلا ليلا آبا ۾ غلام رضا سمون پنهنجي زال 42 ورهين جي ريحانه پروين کي ڇريون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو
مقتولا عورت جي پٽ علي رضا سمون جو چوڻ آهي ته منهنجو پي غلام رضا سمون ڪافي عرصي کان منهنجي ماءُ تي تشدد ڪندو رهندو هو جنهن صبح سوير اسان جي ماء مٿان ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويو

لاڙڪاڻي ۾ گم ڄاڻايل معصوم نينگري کي پيءُ پاران درياءَ ۾ لوڙهڻ جو انڪشافجاچ دوران نويد کهاوڙ ڌيءَ  نويلا کي قتل ڪرڻ جو اع...
10/04/2023

لاڙڪاڻي ۾ گم ڄاڻايل معصوم نينگري کي پيءُ پاران درياءَ ۾ لوڙهڻ جو انڪشاف

جاچ دوران نويد کهاوڙ ڌيءَ نويلا کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي: پوليس ذريعا

نويد باسيو ته ڌيءَ کي رهائڻ تان ٻي گهرواري ڪاوڙجي وئي، جنھن ڪري نويلا کي درياهه ۾ لوڙهيو

لاڙڪاڻي ۾ پوليس اهلڪار هٿان موٽرسائيڪلن جو مستري مارجي ويو! الھ آباد ٿاڻي جي حد پراڻي ٽينڪ چوڪ ڀرسان تنيا گھٽي ۾ صبح جو ...
11/03/2023

لاڙڪاڻي ۾ پوليس اهلڪار هٿان موٽرسائيڪلن جو مستري مارجي ويو!
الھ آباد ٿاڻي جي حد پراڻي ٽينڪ چوڪ ڀرسان تنيا گھٽي ۾ صبح جو سوير هٿياربندن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري موٽر سائيڪل مستري اڌڙوٽ محمد رمضان ڪلهوڙو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي کانپوءِ هٿياربند فرار ٿي ويا،پوليس موجب موٽر سائيڪلن جي مستري محمد رمضان ڪلهوڙو کي سندس ويجهو مائٽ پوليس اهلڪار حسين ڪلهوڙو قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي جنهن جو ڪارڻ شروعاتي جاچ موجب گهرو تڪرار ٻڌايو پيو وڃي.

25/01/2023

لاڙڪاڻو
نيو ليلا آباد محلي ۾ ھٿيار بندن جي جرنل اسٽور تان ڦر، فراز جرنل اسٽور تان نامعلوم ھٿيار بندن ڏھ ھزار روپيا روڪ ۽ پرس ڦري آساني سان فرار ٿي ويا، ون فائيو تي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس دير سان پھتي..
2 ڄڻا ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل تي آيا ۽ ھٿيارن جي زور تي پيسا ۽ پرس ڦري ويا انصاف ڪيو وڃي : دوڪاندار

22/01/2023

تاز ترين لاڙڪاڻي امان امن جي صورتحال بگڙيل پوليس بي وس دڙي ٿاڻي جي حد مراد واھڻ مان آفتاب سمون کان ڏوھاري ھٿيارن جي زور تي موبائيل فون روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا دڙي جي حد ۾ ڏوھ روز جو معمول

21/01/2023

لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد ليلا آباد محلي مان ڦورو شهري مصور شيخ کان موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا

15/01/2023

مارڪيٽ ٿاڻي جي حد مان
سرور ميڊيڪل اسٽور تان هٿياربند 50 هزار روڪ رقم موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا،
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي

11/01/2023

لاڙڪاڻو / لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد وڏي مڇي مارڪيٽ چوڪ وٽ مرغي جي دڪان تان نامعلوم ڦورو هٿيارن جي زور تي دڪاندار منصور لانگاهه کان 55 هزار ڪيش ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن

10/01/2023

لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ننڍي مڇي مارڪيٽ واري علائقي ۾ نامعلوم ڦورن تيل جي گھاڻي ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي دڪان مالڪ عامر چاوڙو کي يرغمال بڻائي 10 لک روپيا روڪ رقم، پسٽل، رپيٽر ۽ بئنڪ جون چيڪيون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان تيل جي گهاڻي جي مالڪ عامر چاوڙو ٻڌايو ته موٽر سائيڪل سوار 4 ھٿياربندن دڪان ۾ گهڙي مزدورن کي هڪلون ڏئي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 10 لک روپيا روڪ رقم، پسٽل، رپيٽر ۽ بئنڪ جون چيڪيون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا آهن. عامر علي چاوڙو چيو ته مان اپيل ٿو ڪيان ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي ڦورن کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل 10 لک روپيا روڪ رقم، رپيٽر، پسٽل ۽ بئنڪ جون چيڪيون واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. نه ته ٻي صورت ۾ سخت کان سخت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

گمشدگي جو اطلاعجيئن ته نالي مزمل کوکر جنهن جي عمر 8 سال آهي ، ۽ امتياز علي کوکر جنهن جي عمر 38 سال آهي جيڪي ڪالھ 4 بجه و...
10/01/2023

گمشدگي جو اطلاع
جيئن ته نالي مزمل کوکر جنهن جي عمر 8 سال آهي ، ۽ امتياز علي کوکر جنهن جي عمر 38 سال آهي جيڪي ڪالھ 4 بجه وليد محلا گهر کان نڪري ويا آهن جيڪي هن وقت تائين گهر واپس نه آيان آهن جنھن به ڀاءُ دوست کي نظر اچي وڃن ته هن نمبر تي 03170366921 ڪن مهرباني ٿيندي

09/01/2023

لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد گجڻ پور چوڪ واري علائقي ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربند ڦورن ڪنڊين جي دڪان تي ڪاهه ڪري ڏيڍ لک روپيا روڪ رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا اطلاع باوجود پوليس دير سان پهچي روايتي طور تفصيل وٺي واپس هلي وئي. ان موقعي تي متاثر دڪاندار امداد قادري صحافين کي ٻڌايو ته اڄ صبح سان موٽر سائيڪلن تي سوار 5 هٿياربندن منهنجي دڪان تي ڪاهه ڪري هٿيارن جي زور تي مونکي يرغمال بڻائي ڏيڍ لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو پر پوليس دير سان پهچي تفصيل وٺي هلي وئي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي چورن خلاف ڪارروائي ڪري ڦر ڪيل رقم واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي

تازو ئي لاڙڪاڻي ۾ پوسٽڊ اسسٽنٽ ڪمشنر ميڊم شاهده پروين شهرين جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي شهر جا پيٽرول پمپ وزٽ ڪري پيٽرول جي...
24/11/2022

تازو ئي لاڙڪاڻي ۾ پوسٽڊ اسسٽنٽ ڪمشنر ميڊم شاهده پروين شهرين جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي شهر جا پيٽرول پمپ وزٽ ڪري پيٽرول جي ماپ چيڪ ڪئي جتي تيل جي ماپ گهٽ هجڻ ڪري فاسٽ ۽ شيل جي پمپ اسٽيشنز تي 80 هزار جو ڏنڊ هنيو ۽ سختي سان هدايت ڪئي ته ماپ پوري ڏني وڃي نه ته اڃان وڌيڪ سخت ايڪشن کنيو ويندو.

صرف 300 روپے کی رشوت پر دو ٹریفک پولیس اہلکار معطل اور انچارج کی ایک سال کی انکریمنٹ ختم کردی گئی۔۔۔۔تو خود کے لیے کون س...
13/11/2022

صرف 300 روپے کی رشوت پر دو ٹریفک پولیس اہلکار معطل اور انچارج کی ایک سال کی انکریمنٹ ختم کردی گئی۔۔۔۔
تو خود کے لیے کون سی سزا تجویز کی جائے۔ جو ہر ہفتے 80 لاکھ روپے پیٹرول کی مد میں محکمہ ٹریژری سے زبردستی دھمکا کر لیئے جاتے ہیں کیا یہ کرپشن میں نہیں آتا اگر انصاف کا تقاضا کیا جائے تو سب سے بڑا کرپٹ کون ثابت ہوتا ہے۔۔۔

موبائيل مارڪيٽ اندر هاڻي نوان بشني پيدا گير ڪاهي پيا آهن...انھن سان گڏ ڌيان مٽائڻ لاءِ ٻيو هٿرادو بشني ساڻ هوندو آهي ڄڻ ...
16/10/2022

موبائيل مارڪيٽ اندر هاڻي نوان بشني پيدا گير
ڪاهي پيا آهن...
انھن سان گڏ ڌيان مٽائڻ لاءِ ٻيو هٿرادو بشني ساڻ هوندو آهي ڄڻ ڪو ڪچي جا ڌاڙيل آهن ڪڏهن پاڻ ۾ مليا به نه هوندا اهڙا احوال ڪندا آهن موبائيل مارڪيٽ اچي،
قصو ٻڌو سڀ دڪاندار حضرات.....
هي ٻئي بشني نمبر ڇھون آهن موبائيل مارڪيٽ مان 4500 سو جو موبائيل پينل لڳرائي ڪري چيڪ ڪندي ڪندي دڪاندار جو ڌيان مٽائي غائب ٿي ويا آهن....
ايس ايس پي لاڙڪاڻو
آئي ٽي ڊپارٽمينٽ هنن جا مڪمل جاچ ڪري وڌو ڏوھ پيا ڪن شهر اندر هي شخص ڪٿي به نظر اچن پوليس کي اطلاع ڪري هنن کي ٻڌرايو وڃي...

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Times Of Larkana Web TV posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share