Daily Quami Soch News Paper

  • Home
  • Daily Quami Soch News Paper

Daily Quami Soch News Paper Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Daily Quami Soch News Paper, Media/News Company, .

11/04/2025

گمبٽ عاشق حسين جوڻيجو پٽ ساڻ ڪري گمبٽ ميڊيا سينٽر تي. پنهنجي بااثر رشتيدارن خلاف دانهين , اسان جهيڙن جهڳڙن کان جان ڇڏائڻ لاء پنهنجا گهر ڇڏي گمبٽ رهائش اختيار ڪئي , پر هو بلاجواز اسان مٿان الرون مارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا , عاشق حسين جوڻيجو

07/04/2025

نالو وڏو ديھ ويران جڳ مشهور گمس اسپتال جي پت وائکي 3 مھينن کان سٽي اسڪين مشين خراب اڃان گمس اسپتال ۾ ترت علاج ٿيڻ ۽ گمس ڊائريڪٽر جي انسان دوست ھجڻ تي شڪ

22/03/2025
17/03/2025

گمبٽ
گمبٽ ڀرسان درازا شريف۾ ھفتہ زبان صوفي شاعر حضرت سچل سرمست جو 204 عرس مبارڪ نھايت عقيدت سان ملهايو ويو درگاهه جي گادي نشين ۽ سجادي نشين آيل مھمانن کي تقريبات دعائن ۾ شامل ڪيو رپورٽ ڊويزنل بيورو چيف پرويز علي جوڻيجو موجب سنڌ جي صوفي بزرگ ھفتہ زبان شاعر حضرت سچل سرمست رح جي 204 ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي ملڪ سميت بيروني ملڪ جي پانڌيئڙن درگاهه تي پھچي عقيدت جو اظهار ڪندي درگاهه جي حاضري ڀري درگاهه جي گادي نشين خواجه عبدالحق فاروقيءَ سجاده نشينن خواجه نظرالحق فاروقيءَ آيل مھمانن جاگير اخبارحيدرآباد ڪراچي جي مينيجنگ ايڊيٽر محمد مينھل لاشاري سعودي عرب کان آيل مھمانن حاجي رانجھڻ جتوئي گمبٽ جي معزز مھمان زوار محمد اسماعيل جوڻيجو.ميان فدا حُسين اڄڻ روزاني جاگير حيدرآباد ڪراچي اخبار جو ڊويزنل بيوروچيف سکر پرويز جوڻيجو قبول محمد جتوئي استاد امجد جوڻيجو زوار غلام رسول ٿيٻو صفي الله جتوئي زوار جتوئي آيل سڀني مھمان کي خاص تقريبات ۽ دعائن ۾ شامل ڪيو.

08/03/2025

نواب شاھ رپورٽ غلام اصغرلاشاري
نامور شخصيتن ۽ سماجي ڪارڪنن پاران عابد لاشاري کي عمره ادا ڪرڻ تي مبارڪباد جو سلسلو جاري
نواب شاھ: نيشنل ڊس ايبلٽي اينڊ ڊولپمينٽ فورم (NDF) پاڪستان جي صدر عابد لاشاري، عمره ادا ڪرڻ بعد وطن واپسي تي نواب شاھ ۾ مختلف نامور شخصيتن، سماجي ۽ سياسي ڪارڪنن پاران دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪيون. نمايان شخصيتن جهڙوڪ مراد خاصخيلي، شاهد رند، نور محمد لاشاري، شبير لاشاري، مرتضیٰ لاشاري، اڪرم خاصخيلي، ياسين خاصخيلي، شهزاد خاصخيلي، شهزادو جسڪاني، امجد آرائين، رياض ڪيريو، غضنفر لِکي، زبير احمد شيخ، منير قريشي، ڊاڪٽر زمان سومرو، محمد زمان سومرو (SGA پاٽ شريف)، لالچند لوهاڻو ۽ ٻيا ڪيترائي دوست خوشيءَ جو اظهار ڪندي عابد لاشاري کي هن روحاني سفر جي مڪمل ٿيڻ تي ڀرپور نيڪ تمنائون پيش ڪيون. عابد لاشاري هنن گرم جوشيءَ ڀرين جذبن جي موٽ ڏيندي سڀني جو ٿورائتو ٿيو ۽ دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته عمره ادا ڪرڻ هڪ روحاني طور تي تمام گهڻي تسڪين ڏيندڙ تجربي جي حيثيت رکي ٿو، ۽ هو هاڻ نئين جذبي ۽ حوصلي سان ڪميونٽي جي خدمت ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ھي موقعو ڀائپي ۽ عزت جي جذبي سان ڀرپور رهيو، جيڪو مقامي ڪميونٽي جي مضبوطي ۽ عابد لاشاري جي بي لوث خدمتن لاءِ گڏيل عزت ۽ محبت کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪي هو سنڌ ۾ معذور ماڻهن جي ڀلائي ۽ سماجي ڀلائي لاءِ پيش ڪري رهيو آهي.

08/03/2025

راڻيپور ( رپورٽ سيد زوار شاه ) جيڪڏھن صحافي سچ لکي مسئلا اجاگر ڪن ته عام ماڻهن کي رليف ملي سگهي ٿو ,,بليڪ ميلنگ ٻه نمبري وڌي وئي آهي , سچ لکڻ ڳالهائڻ هاڻ ڏوھ بڻجي ويو آهي احتجاج ڪندڙن مٿان لٺ بازي , اهڙا واقعا نفرتن کي جنم ڏيندا, سينئر صحافي محمد مينهل جي 44 هين جنم ڏينهن جي تقريب ۾ معززين جو خطاب

رپورٽ موجب سنڌ جي عوام سان ڪافي سالن کان وٺي عجيب غريب ويسا گهاتيون ٿي رهيون آهن جڏھن ته سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي به سازش ٿي رهي آهي اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي ناليوارن قلمڪارن سماج سڌارڪن سٽي پريس ڪلب رانيپور جي سرپرست محمد مينهل لاشاري جي 44 هين جنم ڏڻ جي حوالي سان سٽي پريس ڪلب ۾ سالگره ملهائي وئي ان موقعي تي گمبٽ جي سينئر صحافي محمد اسلم عباسي پرويز علي جوڻيجو , نظير گوپانگ ڊيشان کهڙو عيسا خان گوپانگ , سماج سڌارڪ ڊاڪٽر امتياز حسين وساڻ ايڊوڪيٽ امير امتياز سولنگي , JWC ميان اعجاز علي عباسي سينئر صحافي ساجد علي انصاري , عبدالقيوم انصاري, Jwc جي مهتاب علي هنگورو , پرويز علي هنگورو , محمد ايوب شاهاڻي مدد علي سولنگي ۽ ٻين چيو ته ڪڙو سچ اهو آهي ته هاڻ سچن فرض شناس قلمڪارن سماج سڌارڪن کي سچ لکڻ سچ ڳالهائڻ کان به روڪيو پيو وڃي , جيڪو ممڪن نه آهي هنن وڌيڪ چيو ته پيڪا ايڪٽ 2025 سچي صحافي لاء زندگي موت جو سوال آهي , جڏھن ته چيئرمين هيومن رائيٽس واچ پاڪستان سيد زوار حسين شاه چيو ته اسان پهريان به ملڪ جي بقا سلامتي لاء ڪم ڪندا رهيا آهن ادارن خلاف ڳالهائيندڙ کي روڪيندا رهيا آهيون , جڏھن ته گمبٽ رانيپور ڪنب , سوڀوديرو جي صحافين محمد مينهل لاشاري کي 44 هين سالگره تقريب دوران سڀنن جنم ڏينهن جون واڌايون ڏنيون جڏھن ته محمد مينهل لاشاري کي سيد زوار شاه فقيرمحمد عباسي اسد وساڻ خيرمحمد ڄامڙو سهيل ميمڻ , عبدالعزيز عباسي راشد سولنگي سمير راڄپر روشن علي, حسنين شيخ محمد اسلم عباسي پرويز علي جوڻيجو , نظير گوپانگ ڊيشان کهڙو عيسا خان گوپانگ , سماج سڌارڪ ڊاڪٽر امتياز حسين وساڻ ايڊوڪيٽ امير امتياز سولنگي , JWC ميان اعجاز علي عباسي سينئر صحافي ساجد علي انصاري , عبدالقيوم انصاري, Jwc جي مهتاب علي هنگورو , پرويز علي هنگورو , محمد ايوب شاهاڻي مدد علي سولنگي مبارڪ باد ڏيندي

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Daily Quami Soch News Paper posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share