Nazar Samejo Professional

Nazar Samejo Professional This is Nazar Muhammad Samejo journalist official page. Like and Follow page for related content

18/07/2025

منهنجو ٿر

عمرڪوٽ : پلاٽ مامرو سيد ظفر علي شاهه خراساني جو چوڻ آهي ته مون پلاٽ 2009 ورتو جنهن جا ثبوت موجود آهن نورجهان ڳيلهڙو طرفا...
18/07/2025

عمرڪوٽ : پلاٽ مامرو سيد ظفر علي شاهه خراساني جو چوڻ آهي ته مون پلاٽ 2009 ورتو جنهن جا ثبوت موجود آهن نورجهان ڳيلهڙو طرفان مون تي قبضو ڪرڻ جا لڳايل الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن ڄاڻايل پلاٽ مون 2009 ۾ فقير مشتاق رند جي ڀائرن فقير علي نواز ۽ فقير انور علي رند کان ورتو هو جنهن جي لکاوت ۽ اسٽامپ موجود آهن. نورجھان ڳيلھڙو بک هڙتال جون ڌمڪيون ڏئي رھي آھي. جيڪڏھن ڪنھن کان به پلاٽ ورتو آهي ته ماڻهو سامھون وٺي اچي سال اڳ نواب محمد يوسف ٽالپر وٽ فيصلو ٿيو جنهن ۾ 40 ھزار ڏنا ھر سال پئسا ڪون ڏيندس. ھن وٽ ثبوت آهن ته پيش ڪري نورجھان پنهنجي گھر ڀرسان ۾ بيھي وڊيو ٺاهي ڪوڙا الزام ھڻي رھي آھي. نورجهان ڳيلهڙو اوچتو ڪنهن جي چوڻ تي اچي پلاٽ تي مالڪي جي دعويٰ ۽ مون تي قبضو ڪرڻ جا الزام هڻي رهي آهي جنهن ڳالهه ۾ ڪابه صداقت ناهي پلاٽ منهنجو پئسن سان ورتل آهي جنهن لکاوت ۽ شاهد گواه اڄ به موجود آهن نورجهان ڳيلهڙو پلاٽ تي قبضي جا الزام هڻي ساک خراب ڪري رهي. ٻئي پاسي نورجھان ڳيلھڙو چيو ته پلاٽ مون 2011 ۾ ورتو آهي
ظفر شاھ جو وڌيڪ چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، سي ايم سنڌ آئي جي سنڌ، ڊي آءۡ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ نوٽيس وٺي انصاف فراھم ڪن

15/07/2025

ای ايس آئي ڪريم ھنگورو کي ھٽايو
ٿر کي آئيس کان بچايو

ڪانٽيو ويجهو آئيس ڊيلر جي
سي آء اي پوليس ٿرپارڪر پاران گرفتاري کانپوءِ هڪ ته ڳالھ واضح ٿي وئي آهي ته ڇاڇرو ٿاڻي جي ڪانٽيو ۾ پوسٽ آهي پر ڇاڇرو جي پوليس جي اها وڏي ناڪامي آهي ٻيو هن اهم گرفتاري کانپوءِ ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن. ڪو فرد نه پر هن ڪاري ڌنڌي ۾ ڪئي ڪارا هٿ ڪارا ٿيل آهن. جيڪي هن وقت گرفتار جوابدار کي ڇڏرائڻ لاءِ سرگرم بڻيل آهن . ذريعن موجب گرفتار جوابدار ڪانٽيو ۽ ڇاڇرو ۾ ڪيتري ئي عرصي کان مشڪوڪ سرگرميون ڪندو پيو اچي علائقي واسين ڪيترائي ڀيرا نشاندهي به ڪئي پر پوليس روايتي سستي کان ئي ڪم ورتو يا وري ماگهين هن گروھ سان ٻٽ بڻيل رهي آهي. تازو ئي ڪانٽيو پوليس پوسٽ تي مقرر اي ايس آئي ڪريم هنگورجو کي هٽايو ويو جيڪو هتان هٽڻ نه پئي چاهيون مٺڙيو موڙ ۽ ڪانٽيو جي شهر جا ٻه بااثر شخص علائقي جي ايم اين اي وٽ به ويا ته سائين ڪئين به ڪري ساڳي اي ايس آئي کي واپس رکرايو پر جڏهن ايم اين اي کي خبر پئي ته آئيس جو ڪاروبار هلي پيو انڪري جواب ڏئي ڇڏيو، ذريعن دعوا ڪئي آهي ته ڳوٺ مٺڙيو ملهيا جو بااثر وڏيرو ڏيڊ لک روپيا ماهوار اي ايس آئي کي اوڳاڙي ڏيندو هو انڪري علائقي ۾ اڇي ڪاري جو مالڪ سمجهيو ويندو آهي هاڻي ضرورت هن ڳالھ جي آهي ته گرفتار شخص کي ميڊيا آڏو آڻي پوري گينگ کي وائکو ڪري پوري گينگ کي سوڙهو ڪيو وڃي ته جئين منشيات جهڙي خطرناڪ باھ ۾ سڙندڙ نسل بچي سگهي
Cop Ramzan Nohrio

جيڪي جيءۡ کي جيارين سي لاھوتي لڏي وياپيارو دوست فيض پلي جي وڇوڙي جي نڀاڳي اوچتي خبر هنئير فيسبڪ تي پئي آهي پيارو دوست في...
15/07/2025

جيڪي جيءۡ کي جيارين سي لاھوتي لڏي ويا

پيارو دوست فيض پلي جي وڇوڙي جي نڀاڳي اوچتي خبر هنئير فيسبڪ تي پئي آهي پيارو دوست فيض جي ھي خبر نه هئي ته هو اوچتو هي جهان ڇڏي هليو ويندو پيارو دوست فيض جي جنازي نماز صبح 10 وڳي حاجي هاشم پلي ۾ ادا ڪئي ويندي هن ڏک جي گهڙي ۾ خاندان سان برابر جا شريڪ آهيون رب العالمين چاچو فيض کي جنت الفردوس ۾ اعليُ مقام عطا فرمائي ۽ پوئنيرن کي صبر جي توفيق ڏي

14/07/2025

عمرڪوٽ :ڇور پوليس جي حد ۾ چورين جو آزار مانڌل ڀرسان ڳوٺ فدا حسين مري ۾ رات دير سان چور چوري ڪرڻ گهر ۾ گهڙي آيا ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا چور طرفان ڪيل فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب ڀاڳيو جانب اوڏ شديد زخمي حيدرآباد
ريفرر سٽي پوليس ۽ ڇور پوليس
حد جو تڪرار تي اٽڪيل

ايس ايس پي عمرڪوٽ
ڊي آء جي ميرپورخاص
آئي جي سنڌ نوٽيس وٺي ايس ايڇ او ڇور کي بدلي ڪري ڪچي واري علائقي ڏانهن موڪليو وڃي جيڪو ڌاڙيل سان مقابلو ڪري

13/07/2025

عمرڪوٽ. عمرڪوٽ ويجهو روحل واھ ڀرسان قديمي قبرستان جي نامعلوم ماڻهن پاران قبرن کي مسمار ڪرڻ قبرستان جي لوڙهي کان باھ ڏيڻ حر جماعت جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو سخت نعريبازي ڪئي وئي

عمرڪوٽ. احتجاجي مظاهري ۾ حسن مهر، نور محمد مهر، محب منڱريو ،عارف مھر، حليم مھر، وڏڻ مھر سميت ٻيا شامل هئا

عمرڪوٽ. هي قبرستان جو پلاٽ آهي ڪجھ شرپسند ماڻهو اجايو جهيڙو وڌائڻ چاهين ٿا اسين انهي سخت لفظن مذمت ڪيون ٿا ۽ انتظاميا کان مطالبو ڪيون ٿا معاملي نوٽس وٺي شرپسند خلاف قانوني ڪارروائي حر جماعت مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.. مظاهرين

عمرڪوٽ. هي جيڪو پلاٽ آهي ڪيترن سالن کان پير پاڳاري جي زيارت لاءِ وقف ڪيل آهي پر هاڻي ڪجهه قباضا مافيا سياسي آشرواڌ تحت اهڙي قسم هٿڪنڊا ڪري پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي اسين حرجماعت امن پسند جماعت آهيون

عمرڪوٽ،فنگسل ليگ جي اڳواڻن جي سان ڳالهائيندي چيو ته قبرستان مسلمانن جو هجي يا هندون جو جنهن به اهڙي حرڪت ڪئي آهي هن جي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ٿيڻ کپي،فيصلا ڪاميٽي چيئرمين سيد خان نظاماڻي

عمرڪوٽ:پوليس کي سڄي
معاملي جي پيراتي جاچ ڪرڻ کپي ۽ جيڪي به ملزم آهن هنن کي گرفتار ڪيو وڃي،سيد خان نظاماڻي

عمرڪوٽ:واقعو قبرستان جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ جي سازش ۽ قبرن کي مسمار ڪندڙن خلاف قانون حرڪت ۾ اچي،فقير مگهن منگريو

عمرڪوٽ:اهڙا واقعا ڪرائي عمرڪوٽ جي امن کي هڪ ڀيرو ٻيهر مذهبي انتشار پکيڙي تباھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،فقير مگهن منگريو

رپورٽ نظر سميجو آواز ٽي وي نيوز عمرڪوٽ 03453778887

12/07/2025

هي ويڊيو عمرڪوٽ جي ڪهڙي علائقي جي آهي دوست رهنمائي ڪن
ويڊيو ۾ عورت شراب جا پيڪ ٺاهي ڏئي رهي آهي ۽ موالي شراب پيئڻ جي دٻ لڳائي ويٺا آهن اسانجو معاشرو ڪهڙي طرف وڃي رهيو آهي

12/07/2025

عمرڪوٽ سي آءۡ اي پوليس جي ڪاروائي 600 گرام چرس سميت هڪ ڄڻو هٿيڪو ڪيس داخل
سي آء اي پوليس عمرڪوٽ ٽيم ڳجهي اطلاع تي عمرڪوٽ رتنور روڊ تي ڪامياب ڪاروائي ڪري هڪ ڄڻي مٺو پٽ ٺارو خاصخيلي کي 600 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ٿاڻي تي سنڌ ڪنٽرول نارڪوٽيڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو
گرفتار ٿيل جوابدار مختلف علائقن ۾ چرس ۽ آئيس وڪرو ڪرڻ جو ڪاروبار ڪندو هو
اڄ ڳجهي اطلاع تي ڇور
عمرڪوٽ روڊ تي ڪامياب ڪري 600 گرام چرس سميت چرس وڪرو ڪندڙ مٺو پٽ ٺارو خاصخيلي کي گرفتار ڪيو آهي وڌيڪ جاچ جاري آهي, سي آءۡ اي پوليس

نظر سميجو آواز ٽي وي نيوز عمرڪوٽ 03453778887

عمرڪوٽ سي آءۡ اي پوليس جي وڏي ڪاروائي نشي آور پڙين سفينا جي 12 ڪٽن ۽ الٽو گاڏي سميت هڪ ڄڻو گرفتار ڪيس داخل عمرڪوٽ سي آء ...
12/07/2025

عمرڪوٽ سي آءۡ اي پوليس جي وڏي ڪاروائي نشي آور پڙين سفينا جي 12 ڪٽن ۽ الٽو گاڏي سميت هڪ ڄڻو گرفتار ڪيس داخل
عمرڪوٽ سي آء اي عمرڪوٽ جي ٽيم ڳجهي اطلاع تي ڪامياب ڪاروائي ڪري الٽو گاڏي نمبر 431 BUQ سميت حب بلوچستان جي رهواسي منشيات ڊيلر مهر علي ولد مراد بگٽي کي سفينا جي 12 ڪٽن سميت گرفتار ڪري. ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ڄاڻايل منشيات فروش مختلف نمبر پليٽ وارين گاڏين ۾ ڳجهي طريقي سان نشي آور پڙيون عاداب ۽ سفينا کڻي مختلف علائقن ۾ وڪرو ڪندو هو. اڄ ڳجهي اطلاع تي رتنور روڊ ويجهو ڪامياب ڪري الٽو گاڏي نمبر 431 BUQ سميت حب بلوچستان جي رهواسي منشيات ڊيلر مهر علي ولد مراد بگٽي کي سفينا جي 12 ڪٽن سميت گرفتار ڪري منشيات ايڪٽ ڪيس داخل ڪيو آهي وڌيڪ جاچ جاري آهي, سي آءۡ اي پوليس

نظر سميجو آواز ٽي وي نيوز عمرڪوٽ 03453778887

09/07/2025

عمرڪوٽ سٽي پوليس جي آشرواد سان اکي جي ڍاڻي ۾ هلندڙ غيرقانوني مني گتي پاڙن وارن جو ماحول خراب ڪري ڇڏيو آهي، رات جو اوور ٽائيم ٻاھريان ماڻھو اچن ٿا جنھن سبب پاڙي وارن ۾ خوف ۽ حراس پکيڙيل آهي پاڙي وارن عمرڪوٽ پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته هن هلندڙ غيرقانوني مني گتي کي بند ڪيو وڃي پاڙي جو ماحول خراب ٿيڻ کان بچايو وڃي.

09/07/2025

عمرڪوٽ فالج جي بيماري ۾ وڪوڙيل پورهيت تي بااثر جي پٽن جو حملو پورهيت جي ٽنگ خراب ٿي وئي ڪراچي منتقل انصاف جو مطالبو

عمرڪوٽ چنديرام پاڙي جي رهواسي فالج جي بيماري ۾ وڪوڙيل پورهيت گورڌن مالهي تي بااثر جيرام مالهي جي پٽن جو سرن ۽ لٺن سان حملو ڪري وڌو پورهيت جي حالت خراب ٿي وئي

عمرڪوٽ سرون ۽ لٺون لڳڻ سبب پورهيت گورڌن مالهي جي ٽنگ خراب ٿي وئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽراما سينٽر ڪراچي منتقل ڪيو ويو

عمرڪوٽ واقعي جي رپورٽ داخل ٿيڻ جي باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي پورهيت گورڌن مالهي جو ڪٽنب خوف ۾ ورتل

عمرڪوٽ بااثر جيرام مالهي جي پٽن جون پورهيت جي ڪٽنب کي هيٿار ڏيکاري ڌمڪيون ڪيس داخل داخل ڪرايو ته اڳرا نتيجا ڀوڳڻا پوندا,

عمرڪوٽ منهنجو ڀاءۡ پورهيت گورڌن مالهي فالج جو مريض آهي جنهن کي اسانجي پاڙي جي بااثر جيرام مالهي جي پٽن لٺن ۽ سرن سان حملو ڪري شديد زخمي ڪيو آهي شديد ڌڪ لڳڻ ڪري ٽنگ ضايع ٿي وئي آهي ٽراما سينٽر ڪراچي ۾ داخل آهي, پورهيٿ جو ڀاءۡ

عمرڪوٽ بااثر جيرام مالهي جا پٽ اوباش آهن پاڙي ۾ اڳمي جهيڙا ڪندا رهيا آهن اسان پوليس وٽ رپورٽ ڪرائي آهي پر پوليس خاموش آهي وڌيڪ ڌمڪيون ملي رهيون آهن فالج جي مريض ڀاءۡ تي حملو ڪندڙ اوباشن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي, پورهيت گورڌن جي ڀاءۡ بيهاري مالهي جو مطالبو
نظر سميجو آواز ٽي وي نيوز عمرڪوٽ 03453778887

Address

Umarkot

Telephone

03453778887

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Nazar Samejo Professional posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Nazar Samejo Professional:

Share