
20/05/2025
هي آھي ڪيئر ڪالوني ( سيوھڻ ) ويندڙ گلي جيڪا سدائين نظرنداز ڪئي ويندي آھي پر ھاڻي رڪارڊ ٽٽي ويا؟
ڇا هن گلي ۾ عوام نٿي رھي يا ھي گلي دادو ضلعي ۾ آھي؟
اچارج لطيف ملاح کي ڪيترائي دفعا منٿون ڪري ڪري ٿڪا آھيون پر نہ ڪڏھن ناليون صاف ٿيون نہ ڪڏھن ٻھاري ڏني وئي!
وھندڙ ناليون ايتريون تہ ڀرجي ۽ بند ٿي ويون آھن جو گٽر جو پاڻي ۽ ڪيترن قسمن جا جيت گھرن ۾ داخل ٿيڻ لڳا!
موجوده چيئرمين کي گذارش آھي تہ ھن مسئلي جو نوٽيس وٺي نالين کي صاف ڪرائي ۽ پڻ گلي جي بہ صفائي ڪرائي ڏني وڃي.