01/10/2023
غُلام قومون اِيئن ئي ھُونديون آھن- اُنھن ۾ ايڪو ۽ اتحاد نہ ھُوندو آھي- منجھن ڪيتريون ئي سماجي بُرائيون ۽ بيماريون ھُونديون آھن، جن ۾ خاص طور تي ساڙ، حَسد ۽ ھِڪٻئي جُون ٽنگون ڇِڪڻ ھُوندو آھي- غُلام قومن جا ماڻھو ظُلم خِلاف دانھون بہ ڪندا آھن ۽ واھرو بہ ڳوليندا آھن، پَر تمام جلد دُشمن کان وڌيڪ "واھرو" اُنھن لاءِ چِڙ ۽ ڪاوڙ جو سبب بڻجي ويندا آھن- اُھو بہ سَچ آھي تہ غُلام ۽ مَحڪوم قومن مَنجھ ڪيترائي "واھرو" اصل ۾ دُشمن جا ونگارو ھُوندا آھن- ڪنھن بہ غُلام قوم جي اَڪثر ماڻھن جي حالت انتھائي خراب ۽ رَحم جوڳي ھُوندي آھي- ٻيا وري چند ماڻھو اُنھن جا درد کپائي اَمير بڻجي ويندا آھن- غُلام قوم جو ھِڪ وڏو اَلميو اُھو بہ ھُوندو آھي تہ اُن ۾ ٿوري گھڻي شُھرت ۽ شخصيت رَکندڙ پاڻ کي عقلِ ڪُل، مُدبر ۽ ليڊر سَمجھندا آھن- اَھڙين قومن مان ماڻھن کي خريد ڪرڻ تمام آسان ڪم ھُوندو آھي- خاص طور تي چند نانءَ ڳڻيا اڳواڻ تمام جلد خريد ٿي ويندا آھن- ۽ پوءِ اُھي پَنھنجي ڪارڪنن جي تربيت سياسي ماڻھن ۽ ذميوار فردن وانگر ڪرڻ بَدران اُنھن ۾ نفرتن جو زھر ڀَريندا آھن- پَنھنجي ڪارڪنن کي چَوندا آھن ته ڇاڪاڻ جو ٻيا سَڀ غلط آھن ۽ اسان ئي دُرست آھيون- اُنڪري ڪنھن بہ ٻي تنظيم ۽ ليڊر جي ڪنھن بہ عمل کي قبول ناھي ڪرڻو- ۽ ھر حال ۾ اُن تي حملي آور ٿيڻو آھي- ۽ پوءِ اَھڙين تنظيمن جي ڪارڪنن جي حالت تمام رَحم جوڳي ٿي ويندي آھي- ھُنن کان اُھا ڳالھ وسري ويندي آھي تہ کين غُلام بڻائيندڙ ۽ استحصال ڪندڙ ڪير آھن- بس! ھُو موقعي جي تلاش ۾ ھُوندا آھن تہ پَنھنجي غُلام قوم جو ڪو ليڊر جائز ناجائز موقعو ڏئي تہ پاڳل ڪُتن جيان مَٿس چَڙھي وڃون- ۽ پوءِ اُھي پَنھنجا رَتُ ھاڻا ڏند ڏيکاري پَنھنجي پَنھنجي ليڊرن کان "شاباش" وٺندا آھن- غُلام قوم جا ماڻھو اَڪثر رڙيون ڪندا آھن تہ وڏو ظُلم ٿِي رَھيو آھي- ناحق ٿِي رَھيو آھي- سَڀ ڪُجھ تيار آھي- بس! ليڊر شِپ جي کوٽ آھي- ۽ پوءِ اُنھن مَنجھان ڪو اُڀرو سُڀرو ليڊر پئدا ٿيندو آھي تہ اُھي سَڀ گڏجي مَٿس حملي آور ٿيندا آھن- ۽ الزامن جي اَھڙي اَچي باھوڙ مَچائيندا آھن جو سَڄي سماج ۾ افراتفري پَکڙجي ويندي آھي- ۽ پوءِ سَچ ڪُوڙ جي پَرک ڏاڍي مُشڪل ٿِي ويندي آھي- دُنيا جي تاريخ ۾ لينن، مائو، ھوچي من، ياسر عرفات ۽ خاص طور تي منڊيلا سان ايئن ئي ٿيو ھو، پَر جيڪي ماڻھو ھر تنقيد ۽ الزام کي مُسڪرائي برداشت ڪري ثابت قدميءَ سان اڳتي وڌندا رَھندا آھن تہ تاريخ اُنھن جي تابع ٿي ويندي آھي- ۽ اَھڙا ماڻھو قوم جا سُونھان بڻجي غُلام قوم کي آزادي ڏياريندا آھن- ۽ ھِڪ باوقار مُعاشرو قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آھن- اِيئن لازمي ٿيڻو ھُوندو آھي- پَر اُن ۾ ڪُجھ وقت ضرور لڳندو آھي!