Arbab Arijo

Arbab Arijo The best thing about me is you.

22/08/2025

سرڪاري نوڪرين لاءِ عمر جي حد ۾ ٻين صوبن جيان سنڌ جي نوجوانن کي به 15 سالن جي رعايت ڏني وڃي

پنج کان پندرهن گريڊ ڀرتين لاءِ آئي بي اي ٽيسٽ اميدوارن لاءِ رزلٽ جو اعلان- گريجوئيشن ڪيٽيگري
21/08/2025

پنج کان پندرهن گريڊ ڀرتين لاءِ آئي بي اي ٽيسٽ اميدوارن لاءِ رزلٽ جو اعلان- گريجوئيشن ڪيٽيگري

20/08/2025

پنج کان پندرهن گريڊ ڀرتين لاءِ آئي بي اي ٽيسٽ پاس نوجوانن سان انصاف ڪيو

20/08/2025

اڏيرو لعل وليج ۾ گرلس ھاءِ اسڪول جي ھيڊ ماسترياڻي مومل ميمڻ تي اسڪول جي ٽن ماسترياڻين جو مبينا حملو، ھيڊ ماسترياڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو ، ھيڊ ماسترياڻي کي ڇڏائيندڙ پٽيوالي جا ڪپڙا به ڦاٽي پيا
ڊيوٽي نہ ڪرڻ جي پڇاڻي تي ماسترياڻين حملو ڪيو آهي- مومل ميمڻ

ساٿيواسان جو صبر هاڻي آزمايو پيو وڃي. پنج کان پندرھن گريڊ لاءِ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جون محنتون ۽ قربانيون اجايون ...
19/08/2025

ساٿيو
اسان جو صبر هاڻي آزمايو پيو وڃي. پنج کان پندرھن گريڊ لاءِ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جون محنتون ۽ قربانيون اجايون پيون وڃن. حڪومت جا واعدا هوائن ۾ اُڏامي ويا، اميدون ڌُنڌ ۾ لڪي ويون، ھر طرف مايوسي ۽ بيچيني جو عالم آهي

ڇا اسان خاموش ويھي تماشو ڏسندا رھون يا پنهنجي آواز کي دنيا تائين پهچايون؟
ڇا وقت نہ اچي ويو آهي تہ سوشل ميڊيا تي اهڙو طوفان اٿاريون، جيڪو حڪمرانن جي ڪَنن تائين پهچي ۽ سندن ننڊ حرام ڪري ڇڏي؟

هي رڳو روزگار جو سوال ناهي، هي پڙهيل لکيل نوجوانن جي عزت، انھن جي مستقبل ۽ سندن حقن جو سوال آهي

ساٿيو! ڇا اسان گڏجي هڪ اهڙو قدم کڻون، جنهن سان ميرٽ جو مانُ مٿاھون ٿئي؟ ڇا اسان سوشل ميڊيا تي نوجوانن لاءِ ٽرينڊ رکي ڀرپور ميلو سجايون؟ جواب ضرور ڏيندا-- اوهان جو پنهنجو ارباب آريجو

18/08/2025

پنج کان پندرھن گريڊ ڀرتين لاءِ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن لاءِ اسپيشل واٽس ايپ گروپ ٺاهيو آهي. لنڪ ڪمينٽ ۾ ڏنل آهي، جوائن ڪندا

17/08/2025

امتحان ڪاميابي جو معيار ھوندو آ، فيصلو به ساڳئي معيار تي ڪريو- نوجوانن کي بيروزگار نہ رکو- 5 کان 15 گريڊ ڀرتين لاءِ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر آرڊر ڏيو

17/08/2025

وري نئون تماشو، گرلس اسڪولن ۾ ميل اسٽاف ھجڻ ئي نه گھرجي، ان سان معاشرتي بگاڙ جنم وٺي ٿو، نتيجو اوھان جي سامھون آهي.. گرلس اسڪول اندر ريسلنگ ڏسي وٺو

17/08/2025

آئي بي اي ٽيسٽ پاس 40 پلس مارڪون کڻندڙ پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي ويٽنگ اميدوارن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ پيادل لانگ مارچ جاري

*سرڪاري ملازم ۽ استاد: نئين پاليسين جا خاموش شڪار*  *تحرير: ارباب علي آريجو* سنڌ جو سرڪاري ملازم، ۽ خاص طور تي استاد، ها...
16/08/2025

*سرڪاري ملازم ۽ استاد: نئين پاليسين جا خاموش شڪار*

*تحرير: ارباب علي آريجو*

سنڌ جو سرڪاري ملازم، ۽ خاص طور تي استاد، هاڻي رڳو پنهنجي ذميوارين سان نه پر حڪومت جي نئين پاليسين سان به روزانو جنگ وڙهي رهيو آهي. اهي پاليسيون ظاهر ۾ “سڌارا” سڏجن ٿيون، پر حقيقت ۾ اهي استادن ۽ ملازمن جي بنيادي حقن کي گهٽائڻ ۽ سندن معاشي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جا حربا آهن.

هڪ دور هو، جڏهن ڪنهن به اداري جي نجڪاري جو اعلان ٿيندو هو ته ملازمن جا احتجاج حڪومت کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪندا هئا. اڄ صورتحال بلڪل ابتو آهي ــ ادارا کپي رهيا آهن، پاور هائوس نجي هٿن ۾ وڃي رهيا آهن، پر احتجاج ڪرڻ وارا يا ته ڊڄي ويا آهن يا مايوسي ۾ خاموش ٿي ويا آهن.

نئين ڀرتي لاءِ پاليسي اهڙي ٺاهي وئي آهي جو نون ملازمن کي پينشن کان ئي محروم رکيو ويو آهي. ساڳي وقت پراڻن ملازمن جي پينشن ۾ به ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، جن لاءِ اهو زندگيءَ جو آخري آسرو هوندو آهي. حڪومت طرفان جاري ٿيندڙ نوٽيفڪيشنن ۾ اهڙا شرط شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سڌي ريت ملازمن جي مستقبل سان کيڏڻ برابر آهن.

استادن جي حالت ته وڌيڪ دردناڪ آهي. جن ماڻهن سڄي عمر ٻارن کي پڙهائڻ ۾ گذاري ڇڏي، سندن علم، محنت ۽ وقت سان معاشري کي سنواريو، تن لاءِ هاڻي نه عزت بچي آهي، نه تحفظ. اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ، بدليءَ تي پابنديون، ۽ ترقيءَ جا رستا بند ٿيڻ کان پوءِ به جيڪڏهن ڪنهن کي سُڪون جي اميد هئي ته اها پينشن هئي ــ پر هاڻي اها به کسي پئي وڃي.

اسلام آباد ۾ جڏهن سرڪاري پلاٽن ۾ ايندڙ مسجدون به ڊاهي پٽ ڪيون ويون ته اهو صاف پيغام هو ته حڪومت جي نظر ۾ ڪوبه مقدس قدر نه رهيو آهي. ساڳي بي رحمي سان ملازمن جا حق لتاڙيا پيا وڃن. حڪمرانن جو رويو اهو آهي: فيصلا هڪ دفعو ٿي ويا ته پوئتي موٽڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، چاھي ان جا نتيجا ڪيترا به تباهه ڪن ڇو نه هجن.

سنڌ جي استادن ۽ ملازمن لاءِ هاڻي سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته ڇا هو سدائين خاموش تماشائي بڻيا رهندا؟ ڇا سندن احتجاج، سندن آواز ۽ سندن جدوجهد ٻيهر زنده ٿي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن نه، ته ايندڙ نسل لاءِ اهو پيغام هوندو ته حقن لاءِ وڙهڻ بدران خاموش رهڻ ئي بهتر آهي ــ ۽ اها خاموشي ئي سڀ کان وڏي تباهي هوندي.

16/08/2025

هزارين نوجوانن جي محنت سان مذاق نہ ڪريو، 5 کان 15 گريڊ ڀرتين لاءِ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر آرڊر ڏيو، ميرٽ بچايو، مستقبل بچايو

*ايس ٽي آر جو تماشو ۽ استادن سان زيادتي*  *تحرير: ارباب علي آريجو* سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ايس ٽي آر (STR) جو عمل استادن لاء...
16/08/2025

*ايس ٽي آر جو تماشو ۽ استادن سان زيادتي*

*تحرير: ارباب علي آريجو*

سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ايس ٽي آر (STR) جو عمل استادن لاءِ اميد بدران اذيت بڻجي ويو آهي. هڪ پاسي سفارش ۽ رشوت تي من پسند جڳهن تي مقرريون ٿين ٿيون، ٻئي پاسي عام ۽ بي وس استادن کي پنهنجن گهرن کان ڏور بدلي ڪري تذليل جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

جتي ضلعي ايجوڪيشن آفيسون اوطاقن جو ڏيک ڏين، جتي استادن جا مسئلا، سينيارٽي لسٽون ۽ بدليون به تنظيمن جا نام نهاد اڳواڻ تيار ڪن، اتي ڊي اي اوز ۽ ٽي اي اوز جو هجڻ ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو؟ ڇا اهي آفيسون صرف مخصوص ماڻهن جي خدمت لاءِ قائم ڪيل آهن؟

هي صورتحال رڳو استادن سان ناانصافي نه، پر تعليم سان بہ وڏي زيادتي آهي. ڇو⁠تہ استاد ئي علم جي بنياد آهن، ۽ جيڪڏهن استاد تذليل ۽ اذيت جو شڪار ٿيندو تہ پڙهائيءَ جو عمل ڪڏهن به مضبوط نٿو ٿي سگهي.

ان ڪري تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين، خاص طور تي وزير تعليم سردار شاھ صاحب ۽ سيڪريٽري تعليم کان مطالبو آهي تہ:

1. ايس ٽي آر جي نالي ۾ ٿيندڙ سفارش ۽ ڪرپشن کي روڪيو وڃي.

2. ضلعي آفيسرن کان جواب وٺي کين قانوني ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

3. استادن جي تبديلي وارو عمل پاڻ اعليٰ سطح تي نگراني هيٺ شفاف طريقي سان مڪمل ڪيو وڃي.

جيڪڏهن تعليم جهڙو اهم شعبي ئي سياسي ۽ ذاتي مفادن جي ور چڙهندو رهيو ته پوءِ ڪيئن پڙهندي سنڌ ۽ ڪيئن وڌندي سنڌ.

Address

Karachi

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Arbab Arijo posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share