26/12/2023
هلو هلو ميلي تي هلو
سجاول ضلعي جي شاهبندر تعلقي جي مشهور درگاھ حضرت شيخ محمود جراراڻي ۽ محمد شاھ بخاري شينهن واري جو ساليانو عرس مبارڪ دستور موجب 5--6--7-- جنوري 22-- 23-- 24-- جمادالثاني بروز جمع ڇنڇر آچر جي ڏينهن جونگو جلباڻي لڳ وڏي ڌام ڌوم سان لڳي رهيو
ميلي جو افتتاح گادي نشين حاجي غلام قادر شيخ پير پٺو ۽ خدا بخش شيخ درگاھ تي گلن جي چادر چاڙھي ڪندا
ميلي ۾ جهولا ڦرڻيون موت جو کوھ ۽ بازارون پڻ لڳايون وينديون , ميلي ۾ لاڙ ۽ اتر جي پهلوانن جي وچ ۾ زبردست ملاکڙو ٿيندو ملھ پهلوانن جا مددگار محسن ڇڇر گل محمد ڇڇر ۽ ڇڇر برادري هوندي ميلي جي پهرين رات مولوي حاجي ديدار حسين اوٺو مفتي محمد اسماعيل ڏاهري ۽ اياز احمد شيخ خصوصي خطاب ڪندا ميلي جي ٻي رات فنڪار محمد خان رند ماسٽر عبدالله آڪاش ٽين رات ناليواري فنڪاره خوشبو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي آخري رات اداڪار مصطفي لوهار جي ٽيم پاران اسٽيج ڊرامون پيش ڪيو ويندو درگاھ جي مريدن ۽ ميلي جي شوقينن کي ميلي ۾ اچڻ جي ڀرپور دعوت ڏجي ٿي
پاران : خليفو محمد حسين سمون ۽ علي اڪبر سمون