آئي جي سنڌ طرفان تمام رينج جي ڊي آئي جيز کي فوتي ڪوٽا تحت آفر / اپائنٽمينٽ آرڊر ڏيڻ جو حڪم
02/03/2024
گُردن جو مشهور ڊاڪٽر اديب رضوي چوي ٿو
مون وٽ جيڪي به گُردن جا مريض اچن ٿا اُهي سمورا ڪيميڪل واري چانھ جا متاثر آهن
02/03/2024
ڪوٽڙي
سائيٽ ايريا صنعتي زون ۾ ميڪو ٽيڪسٽائيل فيڪٽري 2 ۾ مذدورن سان ناانصافي عروج تي پھتل گورنمينٽ جي اعلانيل پگھار 33000 ھزار مقرر ٿيل آھي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو واحد ميڪو ٽيڪسٽائيل 2 فيڪٽري آھي جيڪا مذدورن کي 31000 پگهار ڏئي رھي آھي ميڪو ٽيڪسٽائيل 2 فيڪٽري حڪومت کان رجسٽرڊ آھي ليڪن ميڪو ٽيڪسٽائيل 2 جا اعلا آفيسر ۽ ٺيڪدار حفيظ پنجاپي ۽ سندس پٽ آصف پنجاپي مل کي ٺيڪداري نظام ۾ هلائي رھيا آھن ۽ جعلي ڪارڊ پڻ ٺهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ليبر ڊپارٽمينٽ پن سندن ڀاڱيوار بڻيل
( سنڌ پريس ڪلب ڪوٽڙي ايٽ ڄامشورو )
21/02/2024
سنڌ پريس ڪلب ڪوٽڙي ايٽ ڄامشورو..!!
ڪوٽڙي
رپورٽ
ڪوٽڙي هائي ٽيڪ برج پاور بيٽري فيڪٽري جي ملازم مظفر راجپوت سنڌ پريس ڪلب پهچي ميڊيا آڏو دانهندي چيو ته هائي ٽيڪ برج پاور بيٽري جي فيڪٽري جي مالڪ آصف ميمڻ مونکي بلا جواز نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي مل مزدور جو چوڻ هو ته مون ڏھ سال اسٽور ۾ هيلپر جي ملازمت ڪندو هيس منهنجي ڏھ سال سروس هئي ۽ EOB ڪارڊ ۽ سوشل ڪارڊ پڻ ٺهيل آهي
فيڪٽري مالڪ مونکي هڪ مهيني جي پگهار ڏئي دستاويز تي زبردستي سنگنيچر ڪرائي ۽ انگوٺو هڻائي ليبر ڊپارٽمينٽ ۾ 250 لک رپين جو جالي ووچر ڏيکاري مونکي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو جڏهن ته مونکي هڪ مهيني جو چيڪ ڏنو ويو جيڪو مون وٽ ثبوت طور موجود آهي مون ليبر ڊپارٽمينٽ ۾ ڪيس ڪيو پر انهن 3 مهينن کان پوءِ چيو ته توهان ليبر ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو آئون غريب آهيان ڪرائي جي گهر ۾ ويٺو هيس ڪرايو نه هجڻ ڪري گهر مالڪ مونکان گهر خالي ڪرائي ڇڏيو آئون هئنير پنهنجي فيملي سان گڏ مسجد ۾ رهان ٿو مل مزدور مظفر راجپوت ڊي سي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته مون سان انصاف ڪيو وڃي
21/02/2024
ڪوٽڙي صنعتي زون ۾ مل مزدورن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف متاثر مزدور سنڌ پريس ڪلب جي ٽيم سان رابطو ڪن انشاءالله توهان جو آواز اعلا ايوانن تائين پهچائينداسين. صدر
وسيم علي سولنگي: 03003246631
20/02/2024
ڪوٽڙي ڪراچي واھ ۾ صنعتي زون جو زهريلو ڪيميڪل مليل پاڻي آبادي واري علائقن ڏانهن ڇوڙ ڪيو پيو وڃي انوارمنٽ ڊپارٽمينٽ جي نااھلي سبب ٽريئمنت پلانٽ ناڪارا بڻيل ڊي سي ڄامشورو کي نوٽس وٺڻ گهرجي.
19/02/2024
هر هڪ سان مرڪي ملندڙ سٻاجهڙي طبيعت جي مالڪ بهترين صحافي عرفان علي سهتو کي سنڌ پريس ڪلب ڪوٽڙي ايٽ ڄامشورو جو پريس ترجمان مقرر ٿيڻ تي مبارڪون
19/02/2024
پياري دوست ناصر ماڪا کي سنڌ پريس ڪلب ڪوٽڙي ايٽ چامشورو جو آفيس سڪريٽري مقرر ٿيڻ تي مبارڪون
19/02/2024
پياري دوست صحافي اميدعلي ميمڻ کي سنڌ پريس ڪلب ڪوٽڙي ايٽ ڄامشورو جي سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي مبارڪون
17/02/2024
ڪوٽڙي بھار ڪالوني ۾ 2 فورو ھٿيارن جي ذور تي موبائل فونس ڦر ڪري فرار ٿي ويا
14/02/2024
ڄامشورو ء ڪوٽڙي منشيات جو ڳڙھ بڻيل پوري ضلع ۾ منشيات ڄامشورو مان سپلائي ٿيڻ لڳي پوليس مين ڊيلرن کان منٿليون وٺڻ ۾ مصروف اسان ايس ايس پي ڄامشورو کان گهر ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي منشيات جي مين ڊيلرن خلاف ڪاروائي ڪري نوجوان نسل کي بچايو وڄي
26/01/2024
ڄامشورو رپورٽ:
ڪوٽڙي سائيٽ ايريا جي آبادگارن جي بستي چوڪي جي انچارج خلاف پريس ڪانفرنس
ڪندي زبيده پروين ۽ رونق پنهنجي وڪيل عبدالحڪيم چانڊيو ۽ سماجي ورڪر راڻا زاهد سان گڏ صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي ٿري ڊي الله والا چوڪ خدا جي بستي جي ملڪيت جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي، هنن پوليس تي الزام هنيا آهن
هن چيو ته پوء به بستي انچارج چيڪ پوسٽ عبدالمجيد رند جن سان ملڪيت جو ڪيس هلندڙ آهي اسان جي گهر تي ڇاپو هڻي اسان کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
هن چيو ته رفيق انصاري عثمان رند فيصل ڊار راشد انصاري ۽ اهلڪار الطاف، ڪامران طيب ۽ پوليس اهلڪارن سان گڏ نامعلوم اهلڪار به موجود هئا
هن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪري بستي انچارج عبدالمجيد رند خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي
Be the first to know and let us send you an email when Sindh Press Club Kotri posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.