4 News Pakistan

  • Home
  • 4 News Pakistan

4 News Pakistan 4 News Pakistan is Pakistan’s Number 1 News channel known for its quality programs, authentic news, and reliable breaking news.

It is Pakistan’s most trusted news channel that not only covers news and updates related to Pakistan

12/08/2025

لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻي شهر جي ليڊيز جيل روڊ واري علائقي جي رهواسڻ عورت ارم ڌيء علي اڪبر بليدي پنهنجي پيرسن امڙ الطاف خاتون، ڀينرن انيلا، زهره، سائره ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته منهنجو والد علي اڪبر بليدي برف فيڪٽري جو مشهور ڪاريگر هو، جيڪو سال 2014ع دوران وفات ڪري ويو آهي، جڏهن ته مرحوم والد پنهنجي سڄي زندگي ۾ تمام گهڻي محنت ڪندي لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن ڦل روڊ، رحمت پور، ايوب ڪالوني ۾ رهائشي گهر وٺڻ سان گڏ امپائر روڊ واري علائقي ۾ هڪ دڪان، سمال انڊسٽريز ۾ برف جو ڪارخانو، پراڻي بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ رهائشي پلاٽ خريد ڪرڻ سميت قمبر شهر ۾ بيڪري، برف جو ڪارخانو ۽ 5 هزار فوٽ رهائشي پلاٽ خريد ڪيو هو، جڏهن ته مرحوم والد 2 ڪارن، هڪ سوزڪي گاڏي، موٽرسائيڪل، سونن زيورن سميت 46 لک انشورنس جي رقم جو مالڪ پڻ هيو، جنهن ملڪيت ۾ اسين 5 ڀينرون ۽ 3 ڀائر برابر جا حصيدار آهيون. هن الزام لڳايو ته والد علي اڪبر بليدي جي وفات کان پوءِ ڄاڻايل سموري ملڪيت تي منهنجي بااثر چاچن ديدار علي بليدي ۽ احمد علي خان بليدي زبردستي قبضو ڪرڻ بعد اها سموري ملڪيت مختلف وقتن تي وڪرو ڪري ڇڏي آهي ۽ اسان کي ڪروڙين روپين جي پراپرٽي مان صرف 46 لک روپيا ڏنا ويا آهن، اهڙيون شڪايتون مان پنهنجي پيرسن امڙ ۽ ڀينرون سان گڏجي ڪيترائي ڀيرا شهر جي معزز ماڻهن سميت دڙي، سول لائين ٿاڻن ۽ ايس ايس پي آفيس ۾ ڏنيون آهن، پر تنهن باوجود اسان کي پنهنجي جائز حق کان محروم رکيو ويو آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ سميت لاڙڪاڻي جي چونڊيل نمائندن توڙي ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر چاچن خلاف ڪاروائي ڪرڻ سان گڏ اسان کي پنهنجو حق ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

12/08/2025

لاڙڪاڻي ۾ بدامني برقرار، حيدري ٿاڻي جي حد لهر ڪالوني ۾ 6 هٿياربند گهر ۾ گهڙي نثار شيخ ۽ سندس فيملي کي يرغمال بڻائي 20 لکن جو ڌاڙو!!!

12/08/2025

لاڙڪاڻو : ميروخان چوڪ تي مرغي جي هول سيل جي مالڪ عامر کوکر مبينا يونين جي بااثرن ماڻهن جي ناجائزين خلاف ميڊيا آڏو دانھيندي..!!

12/08/2025

لاڙڪاڻو :

ايڊووڪيٽ عنايت ﷲ موريو پاران لائرز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي چونڊيل ڊائريڪٽرز جي اعزاز ۾ عشائيه تقريب منعقد

ايڊووڪيٽ اعجاز احمد لغاري، ايڊووڪيٽ انور علي لهر،ايڊووڪيٽ شاهد اقبال سیال،ايڊووڪيٽ ظفرﷲ سومرو،ايڊووڪيٽ غلام اصغر کچي،ايڊووڪيٽ آصف علي چانڊيو، ايڊووڪيٽ علي اڪبر ڏهر،ايڊووڪيٽ مشتاق ڪوريجو،ايڊووڪيٽ صفدر غوري ،ايڊووڪيٽ عبدالنبی ساریو ،ايڊووڪيٽ غوث علي شاھ، ايڊووڪيٽ محمد امين شيخ،ايڊووڪيٽ اسماعيل ابڙو سميت ڪيئي وڪيل اڳواڻن شرڪت ڪئي

چونڊيل وڪيل اڳواڻن کي اجرڪ ۽ گلن جا هار پهرايا مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو

12/08/2025

لاڙڪاڻو
دڙي ٽائون طرفان 14 آگسٽ جشن آزادي ۽ معرڪه حق جي خوشيءَ ۾ 13 آگسٽ تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۾ جشن آزاديءَ تقريب ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ملڪ جا ناليواري راڳي توڙي مزاحيه اداڪار شرڪت ڪندا، تقريب ۾ شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪري جشن آزاديءَ جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويندو. ان حوالي سان چيئرمين دڙي ٽائون شاهه رخ انور سيال لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي آزاديءَ لاءِ اسان جي بزرگن قربانيون ڏئي تڪليفون سٺيون جن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ توڙي پاڪستاني فوج طرفان ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي سرخرو ٿيڻ تي 13 آگسٽ تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۾ تقريب ڪوٺائي ويندي جنهن لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. هن چيو ته جشن آزادي تقريب ۾ شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪري 14 آگسٽ جشن آزاديءَ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويندو جنهن ۾ ملڪ جي ناليواري سنگر صنم ماروي، مزاحيه فنڪار علي گل ملاح، سهراب سومرو، صوفي راڳي توڙي اسلام آباد ۽ ڪراچي جي مشهور بينڊ جا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا، آخر ۾ ملڪي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ خصوصي دعا پڻ گهري ويندي، ان لاءِ شهرين کي اپيل آهي ته هو پنهنجي فيملي سميت جشن آزادي تقريب ۾ شرڪت ڪن. هن چيو ته دڙي ٽائون طرفان 14 آگسٽ جي سلسلي ۾ ٽائون جي سمورن علائقن کي قومي جهنڊن سان سينگاري لائيٽنگ ڪرائي وئي آهي، دڙي ٽائون طرفان پهرين مرحلي ۾ ٽائون جي اڪثر اسڪولن، مسجدن ۽ امام بارگاهن کي سولرائيز ڪري سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون ويون آهن جنهن سان ڪافي حد تائين امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، گٽرن کي ڍڪ ڏيڻ سميت ٽائون ۾ ٻيا ترقياتي ڪم جاري آهن. هن چيو ته ٻئي مرحلي ۾ ٽائون جي بجلي انڊر گرائونڊ ڪرائي ويندي جنهن سان ڪافي حد تائين حددخلين جو خاتمو ٿيندو، گڏوگڏ ٽائون جي داخلي ۽ خارجي پوليس چوڪين کي سولرائيز ڪرڻ سان گڏ جديد سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون وينديون. هن چيو ته منشيات فروشن توڙي منشيات واپرائيندڙن خلاف ڪاروائي لاءِ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسڪولن جي هيڊماسترن سان به رابطي ۾ آهيون ته جيئن وڌ کان وڌ ٻارن کي اسڪول ۾ داخلا ڏياري انهن جي مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهجي، نوجوانن کي گهرجي ته هو منشيات کي ڇڏي ڪاروبار ڪن. هن چيو ته 14 آگسٽ جي حوالي سان منهنجو پيغام آهي ته اسين پنهنجا ويڇا ختم ڪري سبز حلالي جهنڊي هيٺيان پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جاکوڙ ڪيون ته جيئن اسين پنهنجي ايندڙ نسلن کي خوشحال پاڪستان ڏئي سگهون.

11/08/2025

لاڙڪاڻي ۾ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ميل ۽ فيميل جي ميزباني ۾ 14 آگسٽ جشن آزادي ۽ معرڪه حق جي سلسلي ۾ شهر جي بيگم نصرت ڀٽو ميموريل هال ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مهمانِ خاص ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو وجاهت غفور ميراڻي، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري، وائيس چيئرمين اسدالله ڀٽو، ميئر لاڙڪاڻو انور علي لهر، ڊائريڪٽر پرائمري خليل احمد مهر، ڊي اِي او سيڪنڊري گلبهار مگسي، ڊي اي او ايجوڪيشن انيس الرحمان جلباڻي، گواس مرڪزي صدر عبدالرشید چانڊيو، ٽي اِي او ميل منير علي ڀٽو، ٽي اِي او فيميل ممتاز علي سومرو، ڊپٽي ڊي او پير محمد شاهه، اسسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر عبدالنبي بگٽي؛ سي ايم او ياسر سولنگي؛ ميڊم شهناز ميمڻ؛ عبدالفتاح ڏھر، عبدالقيوم ڪرٽيو، عزيز کوسو؛ مسعود اختر سومرو؛منور ڪلهوڙو؛ عبدالرحمان سومرو؛گداحسين هرياه؛ مختلف اسڪولن جي هيڊماسترن، شاگردن، شاگردياڻين ۽ سندن والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول علي گوهر آباد، گورنمينٽ پرائمري اسڪول شهباز ڪالوني، گورنمينٽ پرائمري اسڪول صديقي ڪالوني، گورنمينٽ پرائمري اسڪول فيصل ڪالوني سميت ٻين اسڪولن جي ٻارن ملي نغما ۽ ٽيبلوز پيش ڪري پنهنجي جوشيلي انداز ۾ تقريرون ڪري آزادي جي اهميت کي اجاگر ڪندي آزادي جي تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ عظيم شخصيتن کي ڀيٽا پيش ڪئي جنهن دوران پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن تاڙيون وڄائي اسڪولي ٻارڙن جي زبردست حوصلا افزائي ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو وجاهت غفور، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اعجاز احمد لغاري ۽ ٻين چيو ته 14 آگسٽ تاريخ جو اهم ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن تي اسان جو ملڪ پاڪستان آزاد ٿيو. هنن چيو ته نوجوان نسل ۾ حب الوطني جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جا پروگرام ٿيڻ گهرجن جنهن سان ٻارن کي پنهنجون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جا موقعا ملندا آهن. تقريب جي پڄاڻي تي بهترين ٽيبلو پيش ڪندڙ ۽ تقريرون ڪندڙ ٻارن ۾ انعام ورهايا ويا. جڏهن ته مختلف اسڪولن جي هيڊماسترن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن کي مڃتا طور يادگار شيلڊون پيش ڪري کين خراج تحسين پيش ڪيو.

11/08/2025

لاڙڪاڻو:شيخ زيد وومين اسپتال ۾ ڊليوري دوران ليڊي ڊاڪٽر نئين ڄاول ٻارڙي جي مبينه طور ٽن هنڌن تان ٽنگ ڀڃي ڇڏي

*‎إِنَّا لِلّٰهِ وَإِنَّـا إِِلَيْهِ رَاجِعٗونَ*‎  جسکے ہمارے پیارے دوست آڪاش  مینگل کا چچا محبوب علی بروھی کا انتقال ہو...
10/08/2025

*‎إِنَّا لِلّٰهِ وَإِنَّـا إِِلَيْهِ رَاجِعٗونَ*

جسکے ہمارے پیارے دوست آڪاش مینگل کا چچا محبوب علی بروھی کا انتقال ہوگیا ہے جس کی جنازہ نمازِ کل صبح کو ہوگی ۱۱ آگسٹ 8AM ہوگی.
اڈریس حمل محلہ شیخ امام بارگاہ لاڑکانہ

10/08/2025

نوڪري نه تي نوجوان پنهنجا سرٽيفڪيٽ باھ ساڙي ڇڏيو آهي

پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو نئين ڄاول ٻار جي پيدائش وقت ئي ڊجيٽل رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي، سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي ترجمان موجب...
10/08/2025

پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو نئين ڄاول ٻار جي پيدائش وقت ئي ڊجيٽل رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي، سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي ترجمان موجب حيدرآباد جي هڪ سرڪاري اسپتال ۾ ٻار جي پيدائش تي ڊجيٽل رجسٽريشن ڪئي وئي. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته منصوبي تحت سنڌ جي اسپتالن ۾ رجسٽريشن جاري آهي ۽ 36 سرڪاري ۽ 13 خانگي اسپتالن ۾ پيدائش جي رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي منصوبو صحت کاتي، نادرا ۽ مقامي حڪومت جي سهڪار سان شروع ڪيو ويو آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ پيدائش جي رجسٽريشن جي سڀني فيسن کي ختم ڪيو ويو آهي.

10/08/2025

لاڙڪاڻو
چيمبر آف ڪامرس ائند انڊسٽري جي ايگزيڪٽو ڪاميٽي ميمبرس، سابقه صدور ۽ واپاري برادري جن مرڪاءِ حق، 14 آگسٽ ۽ پاڪ فوج جي يڪجهتي لاءِ خير محمد شيخ، معاون خصوصي سي.ايم سنڌ ۽ صدر لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس ائنڊ اندسٽري جن جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ۽ وڏي تعداد ۾ واپارين ۽ شهرين ريلي ۾ شرڪت ڪئي.

ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ خير محمد شيخ ،جمال مصطفي شيخ ،ڪامران شيخ، احمد علي شيخ، هريش ڪمار ۽ٻين وڏي انگ شرڪت ڪئي وئي

لاڙڪاڻه چيمبر آف ڪامرس ائند انڊسٽري جي ايگزيڪٽو ڪاميٽي ميمبرس، سابقه صدور ۽ واپاري برادري جن مرڪاءِ حق، 14 آگسٽ ۽ پاڪ فوج جي يڪجهتي لاءِ جناب خير محمد شيخ، معاون خصوصي سي.ايم سنڌ ۽ صدر لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس ائنڊ اندسٽري جن جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ۽ وڏي تعداد ۾ واپارين ۽ شهرين ريلي ۾ شرڪت ڪئي.

لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس ائنڊ اندسٽري جي سڀني معزز واپاري برادري ۽ شهرين پاڪ فوج جي يڪجهتي جو پيغام ڏنو. 14 آگسٽ يوم آزادي جو جشن وڏي جذبي ۽ احترام سان ملهايو ويو. لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽري جي طرفان مرڪاءِ حق جي حمايت ۾ هڪ عظيم عاليشان ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ وپارين ۽ شهرين وڏي پيماني تي شرڪت ڪئي. ريلي چيمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽري جي آفيس کان شروع ٿي ۽ پاڪستاني چوڪ تي ختم ٿي ۽ حب الوطني جو مظاهرو ڪيو ۽ پاڪ فوج جي قربانين ۽ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪئي وئي. واپارين ۽ شهرين ريلي ۾ شرڪت ڪري حب الوطني جو اظهار ڪيو ۽ مرڪاءِ حق ملهايو ۽ پڻ پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.
ريلي ۾ جناب خير محمد شيخ، خصوصي معاون سي.ايم سنڌ ۽ صدر لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس ائنڊ اندسٽري خطاب ڪندي چيو مان سڀني واپارين ۽ شهرين جو شڪريو ادا ڪيا ٿو جن 14 آگسٽ ۽ پڻ مرڪاءِ حق جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي. خير محمد شيخ جو چوڻ هو ته اسين پنهنجي بهادر فوج سان اظهاري يڪجهتي ۽ سرخ سلام پيش ڪيو ٿا پاڪ فوج انڊيا جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ پاڪستان جو دفاع ڪيو ۽ پاڪستان جي عوام جو سر فخر سان بلند ڪيو. پاڪستان عوام پاڪ فوج جو ساٿ ڏئي هڪ مضبوط قوم ٿيڻ جو وچن ورجايو ويو.

هن ريلي ۾ هريش لال، سينئر نائب صدر، جمال مصطفى، نائب صدر، سابقه صدور حافظ محمد سليمان، احمد علي شيخ، محمد اسلم شيخ، مسعود احمد، نول راءِ ڪٽيارا، آصف رضا شيخ، ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ميمبرس، علي رضا کوکر، عبداللطيف شيخ، عطا حسين کچي، مهيش ڪمار، رسول بخش، لياقت علي شيخ، نثارالله، منور نديم شيخ، جاويد مراد، ڪاشف علي، وقار علي، وڪر، سريش ڪمار، علي اڪبر، الله ڏنو، ۽ ٻين ميمبرن واپارين ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

09/08/2025

لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻي ۾ تنظيم اصلاح الفقراءِ حسينيه نقشبنديه ضلعي طرفان 14 آگسٽ جشن آزادي جي سلسلي ۾ شهر جي پراڻي بس اسٽينڊ وٽان پاڪستان زندھ آباد جي عنوان سان شاندار ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف روڊن، رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي، جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ قومي پرچم کڻي پاڪستان زندھ آباد ۽ پاڪ فوج زندھ آباد جا نعر هنيا. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي حسيني جماعت جي اڳواڻن مولوي محمد علي حسيني، مولوي صدام حسين ٽڳڙ، محمد بخش جتوئي، حافظ عنايت الله وڌو، سراج احمد عباسي، صدا حسين شاھ جيلاني، سجاد ٽڳڙ، گلشير جتوئي، مولوي شفقت علي، محمد ابراهيم، مولانا شوڪت علي ميرجت، عبدالجبار ٻرڙو، ظفر علي مڱريو، فقير اظهار حسين ميراڻي، مولانا مشتاق احمد کهڙو ۽ ٻين چيو ته پياري ملڪ پاڪستان سان محبت جو اظهار ڪرڻ وطن عزيز جي هر شهري مٿان فرض آهي، ڇاڪاڻ جو هي پيارو وطن اسان کي ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي طرفان تحفي طور مليل آهي، جنهن کي اسان جي بزرگن قائد اعظم محمد علي جناح ۽ ٻين هڪ ڊگهي جدوجهد ڪري انگريز سامراج کان آزاد ڪرايو. هنن چيو ته پاڪستان جي آزادي ۾ 90 هزار اهلسنت جي مشائخن، عالمن ۽ ٻين مسلمانن جون قربانيون شامل آهن، جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي آزاد ملڪ حاصل ٿيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته دنيا اندر اڄ به ڪيترائي ملڪ آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهن، پر الله تعاليٰ جي خاص مهرباني سان 14 آگسٽ 1947ع ۾ اسان جو پيارو وطن پاڪستان آزاد ٿيو ۽ اسين هڪ آزاد ملڪ جا شهري آهيون، جنهن تي اسان کي فخر آهي. هنن چيو ته انڊيا سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن اندر مسلمانن جي وڏي اڪثريت آهي، پر پوءِ به هو مذهبي رسمون آزادانه طريقي سان ادا نه ٿا ڪري سگهن، پر پاڪستان اهو خوش نصيب ملڪ آهي، جتي هر مذهب جو انسان پنهنجيون مذهبي رسمون آزادي سان ملهائي سگهي ٿو ۽ جتي هر ڪوئي آزادي سان پنهنجي زندگي گذاري سگهي ٿو. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ملڪ اندر دهشتگردي کي ختم ڪرڻ سان گڏ پاڪستان جي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ ۾ پاڪ فوج جو وڏو ڪردار آهي، جن پنهنجي جانين جا نذرانه پيش ڪري ملڪ اندر دهشتگردن خلاف سخت کان سخت ڪاروايون ڪندي ملڪ جي حفاظت ڪئي آهي، جن کي اسين خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. هوڏانهن ريلي جي آخر ۾ ملڪ جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهريون ويون.

Address


Alerts

Be the first to know and let us send you an email when 4 News Pakistan posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share