Naeen Aass

Naeen Aass Naeen Aass stared feb 2000 from Shahdadkot Sindh

Coming Soon................
07/10/2024

Coming Soon................

مرڪ پبليڪيشن ڪراچينامياري اديب، محمد علي پٺاڻ جو نئون ڪتاب:”هڪ سٽ ٻه سئو ڪهاڻيون“ (اردو انگريزي ترجمي سان)شايع ٿي ويو.مح...
02/10/2024

مرڪ پبليڪيشن ڪراچي
نامياري اديب، محمد علي پٺاڻ جو نئون ڪتاب:
”هڪ سٽ ٻه سئو ڪهاڻيون“ (اردو انگريزي ترجمي سان)
شايع ٿي ويو.
محمد علي پٺاڻ سنڌي ادب جو سينيئر ۽ نامور ليکڪ آهي، هن 1974ع کان ٻاراڻي ادب سان لکڻ جي شروعات ڪئي، ان کان پوءِ هن سنڌي ادب جي مختلف صنفن تي لکڻ جا تجربا ڪيا آهن. جن مان ڪيترائي تجربا ڪامياب نظر اچن ٿا.
محمد علي پٺاڻ هڪ ئي وقت شاعر، ڪھاڻيڪار، ڊرامه نگار، مضمون نگار توڙي ڪالم نگار رهيو آهي. ٽي ويءَ تي سندس لکيل ۽ ڊرامه ٽائيز ٿيل لاتعداد پلي توڙي سيريل ٽيليڪاسٽ ٿيون، جن مان ڪافي مشهور ۽ مقبول رهيون آهن. پر ڪھاڻيڪار طور سندس سڃاڻپ سگهاري رهي آهي. جيتوڻيڪ هو خوبصورت شاعر پڻ آهي، سندس شاعريءَ جا به ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. هونئن ته سندس سڃاڻپ جا سڀئي حواله سگهارا آهن، پر ويجهي ماضيءَ ۾ سندس هڪ سٽ ڪھاڻيءَ جا چرچا عام نظر اچن ٿا.
ڪنھن به لکڻيءَ ۾ اها واڌاري خوبي هجي ٿي، جنھن تي گهڻو ڳالهايو وڃي، ڇاڪاڻ ته غيرضروري يا غير معياري شين تي گهٽ ڳالهايو ويندو آهي، محمد علي پٺاڻ جي هڪ سٽ ڪھاڻي اخبارن توڙي رسالن ۾ جام ڇپي آهي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هي سنڌي ادب ۾ هيءَ نئين ڪويتا جيئن سامهون اچي ٿي، پر ڪيترا ئي نوجوان انهيءَ صنف تي لکڻ جا تجربا ڪن ٿا، بيشڪ انهيءَ تي بحث ۽ تنقيد پڻ ٿي رهي آهي، پر هڪ سٽ ڪھاڻيءَ جي مقبوليت ۾ واڌارو پڻ ٿي رهيو آهي.
محمد علي پٺاڻ جي هڪ سٽ ڪھاڻي جو سنڌيءَ ڪتاب ڪجهه وقت اڳ ڇپجي چڪو آهي، پڙهندڙن جي اصرار تي انهن ڪھاڻين کي ٻِن وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي.
”هڪ سٽ ٻه سئو ڪھاڻيون“ جي عنوان سان هي سندس ٻه سئو ڪھاڻيون اردو توڙي انگريزي ترجمي سان ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙن آڏو پيش ڪجن ٿيون.
ڪيتريون ئي ڪھاڻيون پڙهندڙن کي لطيفي يا پهاڪي نما محسوس ٿين ٿيون، پر انهن ڪھاڻين جو پسمنظر سنڌي سماج، سماج جا سور، ٻوليءَ سان ناانصافي، ادارن جي ڪمزوري، ڪرپشن توڙي لاقانونيت آهي. يقينن هي ليکڪ جي اندر جو اظهار آهي، ۽ هُو هڪ سٽ ڪھاڻيءَ ۾ اندر جو اظھار سولو سمجهي ٿو.
هنن هڪ سٽ ڪھاڻين ۾ ڪھاڻي پڻو ڪيترو آهي، هڪ سٽ ڪھاڻي، ڪھاڻي به آهي يا نه؟ ان هڪ سٽ ڪھاڻيءَ کي ڪھاڻي ڪڏهن تسليم ڪيو ويندو؟ انهن سوالن جا جواب وقت تي حاصل ضرور ٿي ويندا. ڇاڪاڻ ته اهو ڪم پڙهندڙ ۽ نقاد جو آهي.
پر ٿلهي ليکي جيڪڏهن اها ڪھاڻي ادبي منظرنامي تي ٽِڪي ٿي ته پڪ سان تسليم ٿي چڪي هوندي، ۽ جي ادب جي اها تسليم شده صنف ٿي سامهون اچي ٿي ته پوءِ اهو ڪريڊيٽ محمد علي پٺاڻ ڏانهن ضرور ويندو.
هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر شير مهراڻي لکيو آهي، علي عمران ۽ علي بخش پٺاڻ جا تاثر شامل آهن. گل محمد عمراڻيءَ جو بئيڪ ٽائيٽل تاثر ڪتاب جي سونهن آهي،
بهترين پيپر تي ڇپائي ٿيل هارڊ بائيڊنگ128 صفحن واري هن ڪتاب جو مُلهه 500 رپيا آهي.
ڪتاب گهرائڻ لاءِ:
03003429326
نوٽ: هاڻي اوهان رقم ايزي پيسا ذريعي اماڻي ڪتاب سڌو سنئون اداري وٽان به گهرائي سگهو ٿا.

Coming Soon...............
04/09/2024

Coming Soon...............

Coming Soon...............................
29/08/2024

Coming Soon...............................

مرڪ پبليڪيشن ڪراچينامياري اديب اختر شاد سومري جو ترتيب ڏنل سائين محمد نواز سومري جي علمي، ادبي، سماجي خدمتن تي لکيل ڪتاب...
24/08/2024

مرڪ پبليڪيشن ڪراچي
نامياري اديب اختر شاد سومري جو ترتيب ڏنل
سائين محمد نواز سومري جي علمي، ادبي، سماجي خدمتن تي لکيل ڪتاب:
”سڄڻ ياد پيام“
شايع ٿي ويو............................................................................................................................
محمد نواز سومرو، سائين خدا بخش سومري جي خاندان جو اهم ۽ باشعور فرد هو. سندس تعليمي قابليت کيس اعليٰ آفيسر بڻايو. پر من ۾ موجود انسانيت کيس ماڻهپي جو مددگار ثابت ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو سرگرم سماجي ڪارڪن طور اڀري سامهون آيو، سرڪاري اعليٰ عهدي تي رهڻ باجود سندس شخصيت ۾ نماڻائي، نيازمندي گهڻي هئي، هن مختلف سماجي پيلٽ فارمن تان بي وس ۽ لاچار ماڻهن جي خدمت ڪئي، نه رڳو اهو پر نئين نسل جي تعليم سندس اهم مقصد هو. سندس اهڙو گهڻ رخو ڪم اڄ تائين ساراهجي ٿو.
ها پر ههڙو سلڇڻو ۽ باڪمال ماڻهو، (جنهن کي سماج ۾ ايتري عزت ۽ شهرت حاصل رهي) گهڻي دير هيڻن جو همراهه رهي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته سندس زندگي ايتري اجازت نه ڏني ۽ هو هن دنيا مان الوداع ڪري وڃي مالڪ حقيقي سان مليو. پر لاتعداد ماڻهن جي من ۾ اڄ به زندهه آهي. سندس ڪم ۽ شخصيت جا مختلف پهلو ماڻهن قلم بند ڪيا آهن. انهن مختلف لکڻين کي: ”سڄڻ ياد پيام“ جي نالي سان سهيڙي ڪتابي صورت ڏني ويئي آهي. اهڙي سگهاري ڪم جي سهيڙ اختر حسين ”شاد“ سومري جي حصي ۾ آئي.
اختر صاحب پاڻ پڻ اعليٰ ايجوڪيشن وارو سلڇڻو، سيبتو ۽ يار ويس ماڻهو آهي، سندس عملي جاکوڙ پڻ ويجهي ماضيءَ کان نمايان ٿيڻ لڳي آهي، هن ڪيترائي ڪتاب لکي ۽ ترتيب ڏيئي رکيا آهن، ڪجهه ڇپجي چڪا ۽ ٻيا جلد منظر عام تي ايندا.
ڪتاب: ”سڄڻ ياد پيام“ ۾ محمد نواز سومري جون مختلف انداز جون لکڻيون، سندس مضمون، انٽرويو، خط، ڊائريءَ جا ورق ۽ ٻيو کوڙ سارو مواد شامل آهي، نه رڳو اهو پر سندس ڪم ۽ شخصيت تي ناميارن اديبن جا تاثر ۽ تجزيا، يادگيريون پڻ شامل آهن، هي ڪتاب محمد نواز سومري جي زندگيءَ جي تصوير آهي، جنهن جي مطالعي سان سندس ڪم جي پرک ته پوندي پر نوجوانن کي نوان دڳ پڻ ملندا.
گهڻ رخو مواد گڏ ڪري ڪتابي صورت ڏيڻ انتهائي ڏکيو ڪم آهي، پر اختر صاحب اهو ڪم عشق واري انداز ۾ سرانجام ڏنو آهي. يقينن هي ڪم محمد نواز جي ياد ۽ يادگيرين کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪتابي صورت ۾ آيو آهي، اميد اٿئون ته سندن محنت صاب پوندي.
هن ڪتاب جو مهاڳ، اختر شاد سومري پاڻ لکيو آهي، ان کان علاوه جيڪي ليکڪ ڪتاب جو حصو آهي، انهن ۾ محمد نواز، محمد رياض سومرو، نعمت الله کوسو، رفيق ڀٽي، خدا بخش ابڙو، ناز سنائي، سرور سهتو، محمد حسن، شفن مڱريو، واجد علي شيخ، احمد علي ”صابر“ چانڊيو، محمد اسلم شيخ، فخرالاين مهيسر، سيد گُل محمد شاهه گُل بخاري، پروفيسر سريش ڪمار، الطاف حسين پٺاڻ، مشتاق احمد قريشي، ڊاڪٽر امان الله جوکيو، مرلي گُل بستاڻي، ڊاڪٽر جهانگير اعواڻ، علامه غلام شبير وڌو، ڀائو در محمد ٻرڙو، ڊاڪٽر عبدالمجيد شيخ، ڊاڪٽر غلام محمد چنا، خليل احمد چنا، مقصود احمد ناريجو، الله ورايو قريشي، ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار، اشرف علي کهاوڙ، شير محمد کهاوڙ، ڪرم چند ڪنگراڻي، شاهنواز سومرو، ڌڻي بخش اوٺو، علي گوهر کهاوڙ، محمد صادق چاچڙ، رشيد احمد ڪلوڙ، اختر شاد سومرو، علي نواز مشتاق چنا، ضمير کرل، ڊاڪٽر محمد سرفراز سومرو، رخسانا ناز سومرو ۽ ٻين جا ليک شامل آهي.
هارڊ بائيڊنگ بهترين پيپر تي ڇپائي ٿيل هن 222 صفحن تي آڌاريل هن ڪتاب جو مُلهه 600 رپيا آهي.
ڪتاب گهرائڻ لاءِ:
03003429326
نوٽ: هاڻي اوهان رقم ايزي پيسا ذريعي اماڻي ڪتاب سڌو سنئون اداري وٽان به گهرائي سگهو ٿا.

coming soon.................
20/08/2024

coming soon.................

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Naeen Aass posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share