Khabardar News

  • Home
  • Khabardar News

Khabardar News True and positive News only Khabardar News Alert page please like this page

This News Channel is based on true News Events
Khabardar News Alert the voice of oppressed people

28/09/2025

باقراڻي .....ويلڊن سيال برادران ويلڊن ،باقراڻي تعلقي ۾ سيال برادران جون تعليم جي ڀلائي ۽ واڌاري لاءِ ساراهه جوڳو ، تعلقي جي 21 پرائمري اسڪولن گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول فريد آباد ،گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حاجي الطاف حسين انڙ باقراڻي ٽو ، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حيدر بروهي ،گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڳيريلو ون ۽ سميت ٻين اسڪولن کي اپگريڊ ڪري مڊل اسڪولن جو درجو ڏياريو ويو،استادن ،شاگردن ،شاگردياڻين ،والدين ۽ سڄاڻ ڌرين پاران اهڙي عمل جي ساراهه ،پ پ قيادت ، سنڌ حڪومت ،تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ، پ پ ايم پي اي سهيل انور سيال ۽ پ پ تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال خصوصي سهڪار ۽ ڪوششن سان باقراڻي تعلقي جي 21 پرائمري اسڪولن کي اپگريڊ ڪري مڊل اسڪولن جو درجو ڏياريو ويو آهي ، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ميل باقراڻي محمد پناهه سيال پاران ميڊيا کي تفصيل ٻڌائيندي ...... باقراڻي مان عبدالمالڪ بلوچ جي رپورٽ ...خبردار نيوز ڊجيٽل سوشل ميڊيا چينل ......تعليم جي ڀلائي ۽ واڌاري لاءِ باقراڻي تعلقي ۾ اهم اڳڀرائي، جتي پ پ قيادت ۽ سيال برادران جي خاص ڪوششن سان 21 پرائمري اسڪولن کي اپگريڊ ڪري مڊل اسڪولن جو درجو ڏياريو ويو، جن ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول فريد آباد ، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حاجي الطاف حسين انڙ باقراڻي ٽو،
گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول باقراڻي اسٽيشن ،
گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حيدر بروهي، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڳيريلو ون ،گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڳيريلو ٽو ،گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول نئون آباد ،گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول احمد ميتلو ،گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول محمد بروهي ،گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول علي اڪبر شاهه ،گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مهر وڏا ،گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول محراب پور ،گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول واهوچا ،گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول عمر ڀيو ،گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول محراب سنديلو ،گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول غلام علي زهراڻي ،گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رشيد وڳڻ ،گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رمضان شيخ ،گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ابو صمد تنيو ،گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ٿريچا ۽ ٻين پرائمري اسڪول هاڻي مڊل اسڪولن جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪندا ،ان قدم سان نه صرف شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ تعليم جو سلسلو پرائمري کان پوءِ به پنهنجي ڳوٺ ۽ علائقي ۾ جاري رکڻ آسان ٿي پوندو پر والدين جو خرچ ۽ پريشانين ۾ به نمايان گهٽتائي ايندي، مڊل اسڪولن جو درجو ماڻيندڙ اسڪول جي استادن، شاگردن، شاگردياڻين، والدين ۽ سڄاڻ ڌرين پاران پي ايس 12 جي ايم پي اي سهيل انور سيال ۽ پ پ تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال جي اهڙي عمل جي ڀرپور ساراهه ڪئي ۽ سندن شڪريو ادا ڪندي چيو ته باقراڻي تعلقي ۾ سيال برادران جون تعليم جي بهتري ۽ واڌاري لاءِ کنيل قدم ساراه جوڳا آهن ، باقراڻي تعلقي جي 21 پرائمري اسڪولن کي اپگريڊ ڪري مڊل اسڪولن جو درجو ڏيارڻ وارو عمل سندن علم دوستي جو ثبوت آهي ،اڳ ڪيترائي ٻار غربت يا فاصلي سبب پرائمري کان پوءِ تعليم ڇڏي ڏيندا هئا، پر هاڻي مڊل اسڪول سندن ويجهي علائقي ۾ موجود هوندا جنهن سان علم جي شمع وڌيڪ روشن ٿيندي،هوڏانهن هن سلسلي ۾ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ميل باقراڻي محمد پناهه سيال ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هي قدم پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت خصوصي طور تي صدر پاڪستان آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ميڊم فريال ٽالپر، سنڌ حڪومت ، تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي خصوصي سهڪار سان پ پ ايم پي اي سهيل انور سيال ۽ پ پ تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال جي ڪوششن سان ممڪن بڻيو، ايم پي اي سهيل انور سيال ۽ پ پ تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال تعلقي جي 21 پرائمري اسڪولن کي اپگريڊ ڪري مڊل اسڪولن جو درجو ڏياري علم دوستي جو پڻ ثبوت ڏنو آهي ،تعليمي ادارن کي اپگريڊ ڪرڻ سان نه صرف شاگردن کي سهولت ملڻ سان گڏوگڏ تعليمي معيار بهتر ٿيندو .

باقراڻي .....لاڙڪاڻي ضلعي جي سياسي مورچي طور سڃاتل علي آباد جي  انڙ خاندان جو اڀرندڙ نوجوان سياسي اڳواڻ علي ڏنو عرف سانو...
24/09/2025

باقراڻي .....لاڙڪاڻي ضلعي جي سياسي مورچي طور سڃاتل علي آباد جي انڙ خاندان جو اڀرندڙ نوجوان سياسي اڳواڻ علي ڏنو عرف سانول خان انڙ تازين اوچتين سياسي سرگرمين ۽ ميل ملاقاتن سبب ضلعي جي سياست ۾ نئون باب کولڻ لڳو آهي ، علائقي ۾ سندس تيز ٿيندڙ سياسي تحرڪ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪجهه ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته کيس اڳتي وڌڻ لاءِ سياسي “گرين سگنل” ملي چڪو آهي، جنهن کانپوءِ هو سرگرمين ۾ وڌيڪ چست نظر اچي رهيو آهي ،ان سلسلي ۾ علي ڏنو عرف سانول خان انڙ پاران ميرپور ڀٽو ۾ امير بخش خان ڀٽو سان هڪ اهم ملاقات ڪئي وئي، جتي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي. ذريعن موجب، ملاقات دوران ملڪي سطح تي وڌندڙ سياسي ڇڪتاڻ، سنڌ جي موجوده حالتن ۽ مستقبل جي حڪمت عملين تي به خيال ونڊيا ويا،مقامي سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته علي ڏنو عرف سانول خان انڙ جي نون سياسي لاڳاپن ۽ ملاقاتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو ايندڙ ڏينهن ۾ ضلعي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي. سندس سرگرمين کي ڏسي مخالف ڌريون به ڳڻتي ۾ اچي ويون آهن، جڏهن ته حامي اڳواڻن سندس وڌندڙ قدم کي خوش آئند قرار ڏئي رهيا آهن،علائقي ۾ هاڻي اهو به ڏسڻو پوندو ته علي ڏنو عرف سانول خان انڙ جون هيون اوچتي سياسي چالون ضلعي لاڙڪاڻي جي سياسي بساط تي ڪهڙا نوان رخ آڻين ٿيون.....خبردار نيوز ڊجيٽل سوشل ميڊيا چينل ....

24/09/2025

باقراڻي .......باقراڻي جي پوليس جمعدار ڪوڙل خان مڱڻ جي رٽائرڊ ٿيڻ تي باقراڻي ٿاڻي تي شاندار تقريب ، تقريب ۾ ڊي ايس پي ڏوڪري ، ايس ايڇ او باقراڻي سميت سياسي سماجي اڳواڻن جي شرڪت ،گلن جا هار پارائي پوليس موبائيل تي ويهاري الوداع ڪيو ويو .....باقراڻي مان ڀائي جان بلوچ جي رپورٽ ......خبردار نيوز ڊجيٽل سوشل ميڊيا چينل....باقراڻي ٿاڻي تي پوليس جمعدار ڪوڙل خان مڱڻ جي رٽائرڊ ٿيڻ تي شاندار تقريب ڪوٺائي وئي ، تقريب ۾ ڊي ايس پي ڏوڪري مير امداد علي ٽالپر، ايس ايڇ او باقراڻي نادر حسين ڀنگر، پريس ڪلب باقراڻي جي صدر لالا برڪت بلوچ ، سب انسپيڪٽر ممتاز علي کوکر ، شوڪت علي سنديلو ، سجاد علي عباسي ،سجاد علي جتوئي ،سنڌير دايو سميت پوليس اسٽاپ سان گڏ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، معززن ۽ سندس عزيزن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ،تقريب دوران رٽائرڊ ٿيندڙ پوليس جمعدار ڪوڙل خان مڱڻ کي گلن جا هار پارائي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ سندس ڊگهي عرصي جي خدمتن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو،ان موقعي تي ڊي ايس پي مير امداد علي ٽالپر ،ايس ايڇ او باقراڻي نادر علي ڀنگر ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪوڙل خان مڱڻ پنهنجي سروس دوران ايمانداري، فرض شناسي ۽ عوام سان تعاون جي جذبي سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، جيڪي پوليس کاتي لاءِ هڪ يادگار مثال آهن،آخر ۾ جمعدار ڪوڙل خان مڱڻ کي پوليس آفيسرن ۽ باقراڻي پوليس جي اهلڪارن پاران احترام سان پوليس موبائيل تي ويهاري الوداع ڪيو ويو، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن کيس صحتمند ۽ خوشگوار زندگي لاءِ نيڪ تمنائون پيش ڪيون.

باقراڻي ....انڙ هائوس علي آباد ۾ جي ڊي اي اڳواڻ علي ڏنو عرف سانول خان انڙ جي سرپئنچي ۾  ڪلھوڙا، مشوري، سھڙا، جتوئي، توني...
22/09/2025

باقراڻي ....انڙ هائوس علي آباد ۾ جي ڊي اي اڳواڻ علي ڏنو عرف سانول خان انڙ جي سرپئنچي ۾ ڪلھوڙا، مشوري، سھڙا، جتوئي، تونيا، ابڙا، کوکر سميت مختلف ڌرين وچ زمينن، سڱاوتي ۽ پئسن جي ڏيتي ليتي تان پيدا ٿيل پراڻن تڪرارن جو نبيرو ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف ڌرين مٿان مجموعي طور تي 10 لک رپيا کان وڌيڪ ڏنڊ وڌو ويو، جنهن کي سڀني ڌرين قبول ڪيو ، کير کنڊ ٿي ويا جڏهن ته فيصلي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ ڪاظم علي عباسي ، مختيار علي انڙ ، سيد قلندر شاهه ،مير رسول بخش بلوچ سميت مختلف برادرين جي معززن پڻ شرڪت ڪئي ،ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ علي ڏنو عرف سانول خان انڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته: "معمولي ڳالهين تان پيدا ٿيل تڪرار وقت سان وڌي قبيلائي جهيڙن ۾ بدلجي ويندا آهن، جيڪي اڳتي هلي خونريزي جو سبب بڻجن ٿا،اهڙين حالتن کي روڪڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار نڀائڻو پوندو، قبيلائي امن قائم ڪرڻ ئي اسان جو اصل مقصد آهي" ......خبردار نيوز ڊجيٽل سوشل ميڊيا چينل .....

باقراڻي تعلقو مڪمل طور تي لاوارث بڻجي ويو آهي، جتي سرڪاري آفيسون عوامي سهولت بدران ايجنٽ مافيا جي حوالي ٿي ويون آهن ، رو...
22/09/2025

باقراڻي تعلقو مڪمل طور تي لاوارث بڻجي ويو آهي، جتي سرڪاري آفيسون عوامي سهولت بدران ايجنٽ مافيا جي حوالي ٿي ويون آهن ، روينيو کاتو، مختيارڪار آفيس، انڪم سپورٽ پروگرام سروس سينٽر، سوشل ويلفيئر آفيس، نيشنل بينڪ، زرعي کاتو، بلديات کاتو، نادرا سينٽر ۽ سرسو سميت تعلقي جي سمورن ادارن ۾ مبينا رشوت جي بازار گرم آهي،مليل ڄاڻ موجب باقراڻي شهر جي مين روڊ تي سرڪاري آفيسن آڏو قائم ڦوٽو اسٽيٽ شاپس ايجنٽ مافيا جو مرڪز بڻيل آهن، جتي عملي ۽ ايجنٽن جي ڳٽ جوڙ تحت هر ڪم لاءِ غير ضروري شرطن ۽ دستاويزن جي آڙ ۾ رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، ان صورتحال سبب عوام نه رڳو مالي نقصان پر ذهني تڪليف جو به شڪار آهي، سڃاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو رشوت ڏيڻ کان انڪار ڪن ٿا، انهن کي بي جا اعتراض ڄاڻائي رولايو وڃي ٿو يا وري زبردستي فوٽو اسٽيٽ شاپس ڏانهن موڪليو وڃي ٿو، جتي هزارين روپين عيوض ڪم ڪرايو وڃي ٿو، هڪ طرف شهري ۽ ڳوٺاڻا پنهنجي جائز ڪم لاءِ دربدر آهن، ٻئي طرف چونڊيل نمائندا مڪمل طور لاتعلق نظر اچن ٿا،مختيارڪار آفيس ۾ سچو نقل، فرد ڪاپي ۽ فوتي کاتو تبديلي لاءِ ايجنٽ مافيا سان ڳٽ جوڙ ذريعي رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي ،ان کان علاوه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سروي سينٽر ۾ به مستحق عورتن کان سروي ۽ اسڪور گهٽائڻ جي نالي تي رشوت وٺڻ جا انڪشاف ٿيا آهن ، ساڳي طرح سوشل ويلفيئر آفيس ۾ سينيئر سٽيزن فارم جي نالي تي عوام سان ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته نادرا سينٽر باقراڻي ۾ ب فارم ۽ شناختي ڪارڊ لاءِ غير ضروري شرطن ذريعي رڪاوٽون وڌيون وڃن ٿيون، نادرا عملي ۽ سامهون قائم ڦوٽو اسٽيٽ شاپ جي ايجنٽن جي مبينا ملي ڀڳت سان رشوت ۽ في دستاويز هڪ هزار کان ٻه هزار رپيا فيس وصول ڪرڻ جو عمل جاري آهي،علائقي جي سياسي ۽ سماجي ڌرين شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته باقراڻي جي سرڪاري آفيسن ۾ ايجنٽ مافيا جو راڄ قائم آهي، جنهن سبب عوام جا جائز ڪم به رشوت کانسواءِ نٿا ٿين،انهن ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ايجنٽ مافيا خلاف فوري ۽ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، عملدارن کي واضح هدايتون ڏنيون وڃن ته جيئن عوام بنا رنڊڪ پنهنجا ضروري ڪم آساني سان ڪرائي سگهن.....خبردار نيوز ڊجيٽل سوشل ميڊيا چينل .....

20/09/2025

کراچی .....سر سید یونیورسٹی آف انجینئرنگ اینڈ ٹیکنالوجی کے زیرِ اہتمام علیگڑھ مسلم یونیورسٹی اولڈ بوائز ایسوس ایشن اور علیگڑھ انسٹی ٹیوٹ آف ٹیکنالوجی کے اشتراک سے ایک روحانی محفل، عید میلاد النبیؐ کا انعقاد ....کراچی سے دلدار سیلرو کی رپورٹ ......خبردار نیوز ڈجیٹل سوشل میڈیا چینل ...سر سید يونيورسٽي آف انجینئرنگ اینڈ ٹیکنالوجی کے زیرِ اہتمام علیگڑھ مسلم یونیورسٹی اولڈ بوائز ایسوس ایشن اور علیگڑھ انسٹی ٹیوٹ آف ٹیکنالوجی کے اشتراک سے حضور نبی اکرمﷺ کی ولادت باسعادت کے حوالے سے ایک روحانی محفل، عید میلاد النبیؐ کا انعقاد کیا گیا،ممتاز عالم دین علامہ مفتی محمد یاسر برکاتی نے پیغمبر اکرم ﷺ کے مشن پر بات کرتے ہوئے توحید کی اہمیت اور نبی ﷺ کے اخلاقِ حسنہ پر روشنی ڈالی ، انھوں نے کہا کہ اسلام ایک آفاقی مذہب ہے جو روحانی اور سماجی آزادی کا ایک فریم ورک فراہم کرتا ہے، سر سید یونیورسٹی کے چانسلر محمد اکبر علی خان نے کہا کہ نبی اکرم ﷺ کی زندگی کا ہر پہلو ہمارے لیے ایک روشن مثال ہے ، ہمارے نبی ﷺ نے دنیا میں امن، محبت، اور بھائی چارے کا پیغام پھیلایا،حضور اکرم ﷺ کی سیرت ہمیں انسانیت کی خدمت، انصاف، اور سچائی کا راستہ اپنانے کا درس دیتی ہے ،مسز ارم اکبر علی خان نے کہا کہ یہ بات نہایت اہم ہے کہ ہم اپنے نوجوانوں کو ان اخلاقی اصولوں کی طرف راغب کریں جو ہمارے پیغمبر ﷺ نے ہمیں سکھائے ،ان کی سچائی، انصاف، رحم دلی، اور محبت کی مثالیں آج بھی ہمارے لیے مشعل راہ ہیں ،لٹریری، آرٹ اینڈ کلچر فورم کے کنوینر طارق سبزواری نے اظہارِ تشکر پیش کیامعروف نعت خواں علامہ حسن میاری، شکیل مدنی، محمد زین ہاشمانی اور حافظ حمزہ انور نے اپنی دلکش نعتوں سے حاضرین کے دل موہ لیے، جبکہ تقریب کی میزبانی کے فرائض معروف کمپیئر رضوان صدیقی نے نہایت مہارت سے سرانجام دئیے.

باقراڻي .....پريس ڪلب باقراڻي جي نائب صدر صحافي حبيب الرحمان ڀاڳت جو 12 ورهين پٽ محمد يوسف ٽريڪٽر ٽرالي تان ڪري سخت زخمي...
06/09/2025

باقراڻي .....پريس ڪلب باقراڻي جي نائب صدر صحافي حبيب الرحمان ڀاڳت جو 12 ورهين پٽ محمد يوسف ٽريڪٽر ٽرالي تان ڪري سخت زخمي ٿي پيو، ڳڻتي جوڳي حالت م ٽراما سينٽر لاڙڪاڻي پهچايو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، الله پاڪ مرحوم معصوم جي روح کي جنت الفردوس ۾ جڳھ عطا فرمائي ، جنازي نماز صبو 7 وڳي باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ سوڀو ڀاڳت ۾ ادا ڪئي ويندي.....خبردار ڊجيٽل نيوز سوشل ميڊيا چينل ....

انا للہ وانا الیہ راجعونانتهائي ڏک جي خبر ....ڊي جي لائيو اسٽاڪ سنڌ ڊاڪٽر نظير حسين ڪلهوڙو سئوٽ (سالو )۽ ممتاز علي عباسي...
05/09/2025

انا للہ وانا الیہ راجعون

انتهائي ڏک جي خبر ....
ڊي جي لائيو اسٽاڪ سنڌ ڊاڪٽر نظير حسين ڪلهوڙو سئوٽ (سالو )۽ ممتاز علي عباسي جو سئوٽ آهي (ڀيڻويو ) صابر حسین ڪلهوڙو جي لاڏاڻو ڪري ويو آهي ،الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳھ عطا فرمائي ، مرحوم جو جنازي نماز سڀاڻي 2 وڳي منجهند جو شهباز ڪالوني لاڙڪاڻو ۾ ادا ڪئي ويندي

انا للہ وانا الیہ راجعون..... انتهائي ڏک جي خبر....اڳوڻو تعلقي نائب ناظم ۽ اڳوڻو ضلعي ڪائونسل ميمبر لاڙڪاڻو ممتاز علي عر...
03/09/2025

انا للہ وانا الیہ راجعون..... انتهائي ڏک جي خبر....

اڳوڻو تعلقي نائب ناظم ۽ اڳوڻو ضلعي ڪائونسل ميمبر لاڙڪاڻو ممتاز علي عرف نديم خان انڙ لاڏاڻو ڪري ويو، هو ڪجهه ڏينهن کان گڙدن جي تڪليف ۾ مبتلا هو ۽ ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ علاج هيٺ هيو، جتي هو اڄ خالقِ حقيقي سان وڃي مليو، مرحوم جو مڙھ ڪراچي کان سندس اباڻي ڳوٺ پراڻو آباد آندو ويو، جتي سياسي، سماجي ۽ علائقي شخصيتن اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي سهيل انور سيال ، ايم اين اي سردار نظير احمد ٻگهيو، پ پ اڳواڻ حاجي شفقت حسين انڙ ،پ پ اڳواڻ طارق انور سيال، پ پ اڳواڻ محمد علي ٻگهيو گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو، ممتاز علي عرف نديم خان انڙ پنهنجي دورِ ناظمي ۾ علائقي جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو، پراڻو آباد جي انڙ برادري جو چڱو مڙس پڻ هو...... خبردار نیوز سوشل ميڊيا چينل....

باقراڻي..... نادرا سينٽر باقراڻي ۾ مبينا ايجنٽ مافيا سرگرم ، غير ضروري شرطن سبب شهري  عذاب ۾ مبتلا، عملي ۽ ڦوٽو اسٽيٽ اي...
25/08/2025

باقراڻي..... نادرا سينٽر باقراڻي ۾ مبينا ايجنٽ مافيا سرگرم ، غير ضروري شرطن سبب شهري عذاب ۾ مبتلا، عملي ۽ ڦوٽو اسٽيٽ ايجنٽ مافيا جي ملي ڀڳت سان رشوت جي بازار گرم، عملي جو شهرين سان غير مناسب رويو اختيار ڪرڻ سبب جھڙپ روز جو معمول بڻيل، سياسي سماجي ڌرين پاران اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي ملوث عملي خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو.......خبردار ڊجيٽل نيوز سوشل ميڊيا چينل...... نادرا سينٽر باقراڻي ۾ ايجنٽ مافيا جي مبينا سرگرمين ۽ غير ضروري شرطن سبب شهري سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، سينٽر جي انچارج محمود شيخ پاران شناختي ڪارڊ ، ب فارم ۽ ٻين ضروري ڪمن لاءِ غير ضروري دستاويزن جي گهرج وڌائي وئي آهي، جنهن تحت هر درخواست لاءِ قسم نامو لازمي قرار ڏنو ويو آهي، شهرين ان فيصلي کي ناجائز ۽ غير قانوني قرار ڏيندي چيو ته ب فارم ٺهرائڻ ۽ شناختي ڪارڊ ٺاهڻ لاءِ غير ضروري شرطون رڪاوٽ بڻيل آهن، جڏهن ته يونين ڪائونسل پاران جاري ڪيل عمر ۽ رهائشي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ باوجود درخواست گذار کان دستاويز وٺڻ جو جواز ئي پيدا نٿو ٿئي، پر اهو سڀ عوام کان ڦرلٽ ۽ پريشان ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي، نادرا سينٽر ۾ مبينا ايجنٽ مافيا جو راڄ قائم آهي، نادرا سينٽر اڳيان قائم ڪيل ڦوٽو اسٽيٽ شاپ جي ايجنٽ مافيا ۽ نادرا عملي جي مبينا ملي ڀڳت سان رشوت ۽ غير ضروري دستاويز جي ذريعي رشوت جي بازار گرم آهي، جيڪي اضافي پيسا وٺڻ لاءِ درخواست ڏيندڙن کي تڪليف ڏين ٿا، هر درخواست لاءِ قسم نامو لازمي قرار ڏيڻ سبب عوام کي نه رڳو مالي پر ذهني تڪليف پڻ پهچي رهي آهي، ڦوٽو اسٽيٽ ايجنٽ مافيا پاران في دستاويز جو هڪ هزار روپين کان ٻه هزار رپيا فيس وصول ڪيو پيو وڃي، جڏهن تہ نادرا عملي جي رويو ۾ به غير مناسب روش اختيار ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب ماڻهن کي ڪيترن ڏينهن تائين سينٽر جا چڪر ڪٽڻا پون ٿا، پر سندن ڪم وقت سر نٿا ٿين، عملي ۽ شهرين وچ ۾ جھڙپ روز جو معمول بڻيل آهي، هوڏانهن ان سلسلي مان باقراڻي جي سياسي ۽ سماجي ڌرين جو چوڻ آهي ته نادرا سينٽر جو بنيادي مقصد عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، پر غير ضروري شرطن ۽ ايجنٽ مافيا جي مداخلت سبب اهو مرڪز سهولت بدران تڪليف جو مرڪز بڻجي ويو آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي، غير ضروري شرطون ختم ڪيون وڃن، ايجنٽ مافيا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ عملي کي هدايت جاري ڪئي وڃي ته جيئن شهري بنا رنڊڪ پنهنجا ضروري ڪم ڪرائي سگهن.

24/08/2025

خاران... ایف سی بلوچستان (ساؤتھ) خاران رائفلز اور سیچر ڈے ویلفیئر گروپ کے اشتراک سے اسپیشل چلڈرن اسکول خاران میں سماعت سے محروم بچوں کی بحالی کے لیے ایک جامع پروگرام کا آغاز، سماعت سے محروم 22 بچوں کو خاران سے ایف سی اسپتال کوئٹہ منتقل کیا گیا.... خاران سے اویس عارف بلوچ کی رپورٹ..... خبردار ڈجیٹل نیوز سوشل میڈیا چینل.... ایف سی بلوچستان (ساؤتھ) خاران رائفلز اور سیچر ڈے ویلفیئر گروپ کے اشتراک سے اسپیشل چلڈرن اسکول خاران میں سماعت سے محروم بچوں کی بحالی کے لیے ایک جامع پروگرام کا آغاز کیا گیا، اس پروگرام کے تحت سماعت سے محروم 22 بچوں کو خاران سے ایف سی اسپتال کوئٹہ منتقل کیا گیا، جہاں ای این ٹی اسپیشلسٹ نے ان کا تفصیلی معائنہ کرنے کے بعد یہ بات واضح ہو کہ 20 بچوں کو اگر ہیئرنگ ایڈز فراہم کیے جائیں تو ان کی سماعت میں نمایاں بہتری ممکن ہے بعد ازاں اس سلسلے میں اسپیشل چلڈرن اسکول خاران میں ماہر آڈیولوجسٹ کی خدمات حاصل کی گئیں، جنہوں نے سماعت سے محروم 20 بچوں کو ہیئرنگ ایڈز لگائے جبکہ والدین کو آلات کی درست ٹوننگ، استعمال اور دیکھ بھال کے حوالے سے تفصیلی رہنمائی بھی فراہم کی گئی، مزید بچوں کی اظہارِ خیال کی صلاحیت کو بہتر کرنے اور انہیں تعلیمی و معاشرتی سرگرمیوں میں فعال بنانے کے لیے باقاعدہ اسپیچ تھراپی سیشنز کا شیڈول بھی ترتیب دیا گیا ، اس موقع پر بچوں کے والدین اور مقامی افراد نے ایف سی بلوچستان (ساؤتھ) اور سیچر ڈے ویلفیئر گروپ کی ان عوام دوست کاوشوں کو زبردست خراجِ تحسین پیش کیا اور اسپیشل بچوں کے لیے اٹھائے گئے ان خصوصی اقدامات پر دلی شکریہ ادا کیا.

24/08/2025

خاران.. ن. پیرا میڈیکل ایسوسی ایشن خاران کے دفتر کا شاندار افتتاح، ڈی ایچ او ڈاکٹر شیر احمد بلوچ اور دیگر نے فیتا کاٹ کر کیا.... خاران سے اویس عارف بلوچ کی رپورٹ..... خبردار ڈجیٹل نیوز سوشل میڈیا چینل...
پیرا میڈیکل ایسوسی ایشن خاران کے دفتر کا افتتاح ایک پروقار تقریب کے دوران ڈی ایچ او ڈاکٹر شیر احمد بلوچ، ڈی ایس ایم پی پی ایچ آئی نور احمد کبدانی، ڈپٹی ڈی ایچ او ڈاکٹر چاکر انور سیاہ پاد، پیرا میڈیکل رہنما کریم جان ملازئی، داد جان قمبرانی اور دیگر معززین نے فیتا کاٹ کر کیا،تقریب سے خطاب کرتے ہوئے ڈاکٹر شیر احمد بلوچ، نور احمد کبدانی، ڈاکٹر چاکر انور سیاہ پاد، داد جان قمبرانی اور کریم جان ملازئی نے کہا کہ پیرا میڈیکل اسٹاف محکمہ صحت میں ریڑھ کی ہڈی کی حیثیت رکھتا ہے، پیرا میڈیکل ایسوسی ایشن کے دفتر کا قیام ڈسٹرکٹ ہیڈ کوارٹر ہسپتال خاران میں نہ صرف اسپتال کے نظام کو مزید بہتر اور فعال بنائے گا بلکہ مریضوں کو بھی زیادہ مؤثر سہولیات فراہم کرنے میں مددگار ثابت ہوگا، مقررین نے صوبائی وزیر و رکن صوبائی اسمبلی میر شعیب نوشیروانی کا شکریہ ادا کرتے ہوئے کہا کہ اُنہوں نے پیرا میڈیکل آفس کے لیے خصوصی فنڈز فراہم کر کے ایک بار پھر پیرا میڈیکل ایسوسی ایشن کے دل جیت لیے ہیں، اُن کی ملازم دوست پالیسی اور علاقے کی تعمیر و ترقی کے لیے خدمات کو قدر کی نگاہ سے دیکھا جاتا ہے،
تقریب کے اختتام پر دعا خیر کی گئی اور شرکاء کے اعزاز میں چائے پارٹی کا بھی اہتمام کیا گیا۔

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Khabardar News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share