15/06/2026
ڳوٺ وڏا لاکا هڪ تاريخي ۽ پرامن ڳوٺ آهي، جتي گلال، لاشاري، چاڪراڻي، اوٺا، ماڙيچا ۽ ٻيون سڀ برادريون صدين کان ڀائيچاري، اتفاق ۽ محبت سان گڏ رهنديون آيون آهن. اسان جي ڳوٺ جي سڃاڻپ امن، اتحاد ۽ باهمي احترام آهي.
افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪجهه شرپسند عنصر ڪافي عرصي کان ڳوٺ جي امن ۽ ڀائيچاري واري ماحول کي خراب ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، پر اسان اهڙين منفي سازشن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ڳوٺ جو هر باشعور فرد امن، اتحاد ۽ ڀائيچاري جي حفاظت لاءِ گڏ بيٺل آهي.
گلال برادري صرف هڪ پاڙو نه، پر ڳوٺ جي تاريخ، سڃاڻپ ۽ فخر جو اهم حصو آهي. قبرستان واري معاملي تي هنن کي هيسائڻ يا تنگ ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابلِ مذمت عمل آهي، جنهن جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.
اسان گلال (لاکائي) پاڙي سان هر ڏکئي ۽ سُکئي وقت گڏ بيٺا آهيون ۽ يقين ڏيارينداسين ته انهن سان ڪنهن به قسم جي ناانصافي، زيادتي يا امتيازي سلوڪ ٿيڻ نه ڏنو ويندو. اسان سڀ گڏجي پنهنجي ڳوٺ جي امن، اتحاد ۽ ڀائيچاري کي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهيون.