12/09/2023
رپورٽ نيشنل پريس ڪلب قاضي احمد
قاضي احمد ويجهو ڳوٺ نبي بخش ڏاهري جي رهواسين نوجوان جي قتل ڪيس ۾ ملوث مک جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مقتول ذوالفقار ڏاھري جي والد عبدالمجيد ڏاھري رجب ڏاھري ۽ ارباب عرف جتوئي ڏاھري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ 2 ڏينهن اڳ اسان جو نوجوان ذوالفقار علي ڏاهري پنھنجي ڀيڻ کي ڳوٺ بڊو ڏاھري ۾ ڇڏڻ ويو تہ اتي جي بااثر وڏيري اسماعيل ڏاھري علي رضا ڏاھري ۽ سلمان ڏاھري ھٿياربند ساڻ ڪري ڳوٺ تي ڪاھ ڪئي سرعام فائرنگ ڪري گوليون ھڻي اسان جي نوجوان کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ گھر ۾ داخل ٿي ٻين مرد ۽ عورتن کي لٺيون هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا ھنن مبينا الزام ھڻندي چيو تہ اسماعيل ڏاھري علائقي جو ظالم وڏيرو آهي جنھن قتل ڪرائي ڪيترائي گھر اجاڙي ڇڏيا آهن پاڻ کي ڏاھري قوم جو سردار سڏائيندو آهي پر ھن ڌارين ماڻهن کان پنھنجي قوم جي عورتن کي ڏنڊا ھڻائي ثابت ڪيو تہ سردار نہ آهي اسان جي ڪجھ زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جيڪي نوابشاھ اسپتال ۾ داخل آهن دولتپور ٿاڻي تي قتل جي ايف آئي آر داخل ڪرائي آهي جنھن ۾ ڪجھ جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن پر مک جوابدار اڃان تائين گرفتار ناھن ٿي سگھيا جيڪي حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ مان عبوري ضمانت ڪرائي آيا آهن اسان غريب مسڪين پورھيت آھيون ڪير بہ ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي ھنن جسٽس ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد آئي جي سنڌ ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي تہ مک جوابدارن جي عبوري ضمانت رد ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسان جي نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.