
20/07/2025
هوءَ ڪھاڻيڪارا ئي آهي، هُن کي اڃان کوڙ ڪھاڻيون لِکڻيون آهن. ڪو وقت اهڙو به گذريو جڏهن هُن پنھنجون سموريون ڪھاڻيون گُڏين جيان ويڙهي لِڪائي رکي ڇڏيون. هڪ وقت وري اِهو به ٿيو، جڏهن هوءَ ڪنڊن تان هلندي شاهراهه تي پُھتي پر سج ئي لھي ويو، روشنيون مَڌم ٿي ويون، هُن هانءُ نه هاريو، پنھنجي دِل کي روشن ڪري ورتو، هر پاسي سُجهندو ٿي ويو.
هُن طويل عرصي کانپوءِ قلم کنيو ۽ لِکڻ شروع ڪيو. ڪھاڻي جو نور روشن ٿي پيو. هُن ويڙهي لِڪائي رکيل ڪھاڻين جون سموريون گڏيون کنيون کين نئين سِر سنواريو سينگاريو. هُن صرف هڪ ڪھاڻيءَ ’ثابتيءَ‘ ۾ اِهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هوءَ ٽرينڊ سيٽر آهي. هُن ڪھاڻيءَ جو هڪ اهڙو پاسو به اسان کي ڏيکاريو جيڪو اسان کان لِڪل هئو، اسان کان اوجهل هئو. عين سحر ’ثابتيءَ‘ ڪھاڻيءَ جي اينٽي ڪلائيمڪس ۾ جيڪو پريڪشا جو، آزمائش جو، ثابتيءَ جو نئون مثال پيش ڪيو آهي اُن جو مثال ڪونھي. سو بس هاڻي ڀل اُن حوالي سان سوين هزارين ڪھاڻيون لکجن پر ’ثابتي‘ ائين جيئن نسيم کرل جي ’پھرين مُراد‘ جمال ابڙي جي ’شاهه جو ڦر‘ ۽ ’پيراڻي‘ سنڌي ڪھاڻيءَ کي نئون ٽرينڊ ڏنو.
هوءَ هڪ ڏينھن سنڌي ڪھاڻيءَ جو آئڪن ضرور بڻجندي. ’ماءُ‘ ڪھاڻي سنڌي ادب جي شاهڪار ڪھاڻي آهي. سندس ڪھاڻين جو مجموعو ’ماءُ‘ ڇپجي چُڪو آهي، سو ڪھاڻي کيتر ۾ پنھنجي هستيءَ سان هميشه حُسناڪ رهندو.
ضراب حيدر
ماءُ | عين سحر
Helpline: 03123467550