NewS Of ShahdadkoT SDKT

NewS Of ShahdadkoT SDKT Typically replyes In every Mintues

20/07/2025

شھدادڪوٽ : قمبراڻي باء پاس وٽ ڪوچ ۽ رڪشي ۾ ٽڪر ، هڪ ڄڻو زخمي ، اسپتال منتقل

شھدادڪوٽ : موٽر سائيڪل سوار کي بچائيندي مسافر ڪوچ ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ چنگچي رڪشا ڊرائيور راحب علي زخمي ٿي پيو جنھن کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو

20/07/2025

شھدادڪوٽ : ملڪ ۾ وڌندڙ مها مهانگائي خلاف جماعت اسلامي پاران ڊاڪٽر امتياز شيخ ، حافظ امان الله ، جمال الدين سومرو ، علي دوست بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب شھدادڪوٽ ۾ مظاهرو ڪري وفاقي حڪومت کان مهانگائي گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو

20/07/2025

شھدادڪوٽ : بدامني تي ظابطو نه اچي سگهيو ، سنگل سيڪشن اسڪول ويجهو نامعلوم هٿياربندن صفدر مگسي ۽ طالب خاصخيلي کي يرغمال بڻائي 1 لک 23 هزار روڪ رقم ۽ ٻه موبائل فون ڦر ڪري آساني سان فرار ، انتظاميه اگهور ننڊ ستل

20/07/2025

شھدادڪوٽ : شھر ۽ ڀرپاسي ۾ گذريل 6 گهنٽن کان وقفي وقفي سان برسات جاري ، بجلي بند ، موسم خوشگوار

19/07/2025

شهدادڪوٽ : علائقي واسين جي واويلا ڪوڙي نڪتي ، نينگر اسد کوکر پنهنجي گهر موجود ، ريسڪيو ٽيم کي واره برانچ مان ڪنهن جي لاش هٿ نه آئي

19/07/2025

شھدادڪوٽ : حاڪم شاه ريگيوليٽر وٽان مٺا کارائي کپائي گذر ڪندڙ 14 ورهين جو ننڍڙو اسد کوکر واره برانچ ۾ ڪري ٻڏي ويو ، گذريل ٻن ڪلاڪن کان لاش جي ڳولا جاري ، هن محل تائين لاش هٿ نه اچي سگهي

19/07/2025

شهدادڪوٽ : بهرام ڀرسان نينگر پير ڌوئڻ دوران وارھ برانچ ۾ ڪِري ٻُڏي ويو لاش جي ڳولا جاري

شهدادڪوٽ : حاڪم شاھ ريگيوليٽر وٽان بهرام واسي 14 ورهين جو اسد پٽ مولا بخش کوکر وارھ برانچ ۾ ڪِري ٻُڏي ويو

شهدادڪوٽ : نينگر جو لاش نه ملي سگهيو آهي ، نينگر اسد کارا کپائڻ جو پورهيو ڪندو هو وارھ جي ڪَپ تان پير ڌوئي رهيو ته وهندڙ پاڻي ۾ ڪِري ٻُڏي ويو آهي

18/07/2025

شھدادڪوٽ : سول اسپتال ۾ سهولتن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ سميت ٻين مسئلن لاء سول اسپتال بچايو جدوجهد ڪميٽي پاران حيات تونيو ، ذوالفقار مگسي ، راجا رميز تونيو ، حبدار ميرجت ، شبير احمد مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سبزي منڊي کان ريلي ڪڍي سول اسپتال جي گيٽ آڏو پهچي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ، اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

17/07/2025

شھدادڪوٽ : بدامني خلاف شھري امن ڪاميٽي پاران لڳل ڌرڻي ۾ انتظاميه پهچي ڪري يقين ڌياني ڪرائي ته ايندڙ ڏينهن ۾ امن امان جي صورت حال کي بهتر کان بهتر بڻايو ويندو ۽ شھرين کان ڦر ٿيل رقم ، موٽر سائيڪلون ، موبائل فونز برآمد ڪري شھرين کي ڏنيون وينديون ، ڌرڻو ختم

17/07/2025

شھدادڪوٽ : شھر ۾ بدامني جي باھ ڀڙڪيل ، شھرين جو احتجاج ، روڊ بلاڪ ، ڇتي نعريبازي ، بدامني تي ظابطو آڻڻ جو مطالبو

16/07/2025

شھدادڪوٽ : شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين حيات تونيو، حبدار ميرجت، ذوالفقار مگسي، آصف مگسي، انور مغل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي شاميانه هڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي بدامني کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو

15/07/2025

شھدادڪوٽ : وڌندڙ بدامني خلاف شھرين پاڪ ڪتاب کڻي محمد قاسم سومرو ، اللهداد خشڪ ، ارشاد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري شھر ۾ وڌندڙ بدامني کي ڪنٽرول ڪرڻ جو مطالبو ڪيو

Address

Shahkot

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when NewS Of ShahdadkoT SDKT posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share