29/08/2023
تحريڪ آزادي ۾ تعليمي ادارن جو ڪردار
ڊاڪٽر اظھر علي شاھ
تاريخي حوالن مطابق برصغير ۾ تحريڪ آزادي جي شروعات مھاتما گانڌي (1869 - 1948), قائد اعظم (1876 - 1948), ڪانگريس (1883ع), مسلم ليگ (1906ع) ۽ اھڙن ٻين اڳواڻن ۽ پارٽين جي پيدائش ۽ وجود ۾ اچڻ کان گھڻو پھرين ٿئي ٿي. تحريڪ آزادي جو باني ۽ آزادي جي نعري جو پھريون آواز دھلي جي محدث ۽ نقشبندي صوفي بزرگ شاھ عبدالعزيز (1726 - 1824) کي مڃيو وڃي ٿو جيڪو شاھ ولي اللہ جو وڏو فرزند ھو. 1803ع ۾ جڏھن انگريزن دعوي ڪئي تـ خلق خدا جي آھي ۽ حڪومت بادشاھ سلامت جي آھي پر حڪم ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ھلندو تـ شاھ عبدالعزيز محدث دھلوي فرمايو تـ اڄ ملڪ غلام ٿي چڪو آھي جنھنجي آزادي لاء جھاد ھرڪنھن تي فرض آھي ۽ ان فتوا تحت برصغير کي دار الحرب يعني جنگ جو گھر قرار ڏنو ويو. برصغير ۾ آزادي جو ھي پھريون آواز مڃيو وڃي ٿو جنھنجي نتيجي ۾ شاھ عبدالعزيز محدث دھلوي کي وڏي قيمت پڻ ادا ڪرڻ پئي ڇاڪاڻ تـ آزادي جي ان نعري جيڪري انگريزن شاھ عدالعزيز جي خلاف سخت ڪاروايون ڪيون. شاھ عبدالعزيز پنھجو سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏيو پر پنھجي نظرئي تان ھڪ انچ بـ پوئتي نـ ھٽيو ۽ جيستائين زندھ رھيو تـ پنھجي خاندان ۽ شاگردن ۾ آزادي جو روح ڦوڪيندو رھيو.
شاھ عبدالعزيز جي وفات بعد سندس خاندان ۽ شاگردن مان شاھ اسماعيل شھيد ۽ سيد احمد شھيد آزادي جو جھنڊو بلند ڪيو ۽ 1831ع ۾ انگريزن جي اتحادي رنجيت سنگھ خلاف پھريون جھاد مانسھرھ ضلعي ۾ بالاڪوٽ جي ميدان ۾ ڪيو. شاھ اسماعيل شھيد ۽ سيد احمد شھيد جي مدد لاء ٽونڪ ۽ حيدرآباد رياستن کان علاوھ سنڌ مان سمرقند جي مشھور نقشبندي صوفي بزرگ خواجـ عبيد اللہ احرار جي خاندان مان ٻن سيد ڀائرن جي اڳواڻي ۾ سندن مريدن يعني حرن پڻ شرڪت ڪئي. ھنن ٻنھي ڀائرن مان جيڪو جسامت ۾ وڏو ھو انکي سيد احمد شھيد طرفان ھٿ ۾ جھنڊو ڏنو ويو ۽ ٻئي کي پڳ ٻڌرائي ۽ اھڙي طرح جھنڊي وارو سائين ۽ پير پاڳارو سائين جھڙن لقبن جي شروعات ٿي. بالاڪوٽ جي لڙائي بعد ٻيو جھاد 1857ع ۾ ٿيو جنھن ۾ پڻ شاھ عبدالعزيز جي خاندان ۽ شاگردن جي شاگردن مان شھيد حاجي امداد اللہ مھاجر مڪي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. دھلي, مرادآباد ۽ ٻين شھرن ۾ ڄڻ تـ انگريزن خلاف باھ پکڙجي وئي. نتيجي طور انگريزن ھزارين عالمن کي ڦاسيون ڏنيون ۽ سندن مدرسن کي بلڊوز ڪري ڇڏيو جنھنجي نتيجي ۾ آزادي جي تحريڪ يتيم بڻجي وئي. ڦاسي تي چڙھيل عالمن جي يتيم ٻارن کي انگريزن اسڪولن ۾ داخل ڪري مفت تعليم, رھائش ۽ کاڌو پيتو مھيا ڪيو ۽ اھڙي طرح جديد تعليمي ادارن جي دور جي شروعات ٿي.
جھڙي طرح برصغير ۾ تحريڪ آزادي جي شروعات عالمن ۽ مدرسن کان ٿي ساڳي طرح تحريڪ پاڪستان جي شروعات علي ڳڙھ ۾ مسلمانن لاء قائم ٿيندڙ جديد سائنسي تعليمي ادارن جي قيام سان ٿئي ٿي يعني سر سيد ۽ مولوي سميع اللہ خان طرفان 1875ع ۾ قائم ٿيندڙ محمدن اينگلو اورينٽل ڪاليج ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ ٻيا ادارا جن مسلمانن ۾ جديد سائنسي علم پرائڻ جو تحرڪ پيدا ڪيو جنھکي انڊين مسلمانن جي جاڳرتا يعني رنياسنس چئجي ٿو.
ھنن ادارن جي قيام کان بـ پھرين 1859ع ۾ سرسيد ھڪ اسڪول مرادآباد ۽ 1862ع ۾ ھڪ اسڪول گازي پور ۾ قائم ڪيو. ان سان گڏ 1863ع ۾ ٽرانسليشن سوسائٽي پڻ قائم ڪئي وئي تـ جئن جديد سائنس ۽ آرٽ جي علم جو اردو ۾ ترجمو ڪري سگھجي. بعد ۾ ھن ٽرانسليشن سوسائٽي جو نالو تبديل ڪري سائنٽفڪ سوسائٽي رکيو ويو جنھن طرفان ٻـ جرنلس شايع ٿيڻ شروع ٿيا يعني عليڳڙھ انسٽيٽيوٽ گزيٽ ۽ تھزيب الاخلاق. ھن سائنٽفڪ سوسائٽي جون شاخون بھار ۽ ٻين ڪيترين ئي شھرن ۾ قائم ڪيون ويون.
تعليمي شعور ۽ جاڳرتا لاء جديد تعليمي ادارن ۾ ڊبيٽنگ سوسائٽيز قائم ڪيون ويون. ھن تعليمي جاڳرتا کي وڌيڪ ڦھلائڻ لاء 1886ع ۾ محمدن ايجوڪيشنل ڪانگريس قائم ڪئي جنھنکي بعد ۾ آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس جو نالو ڏنو ويو.
معاشي طور غريب ۽ ضرورتمند شاگردن جي مالي سھائتا لاء 1889ع ۾ آفتاب احمد خان طرفان ڊوٽي سوسائٽي يعني انجمن الفرض قائم ڪئي وئي.
اردو کي ترقي وٺائڻ لاء 1893ع ۾ انجمن ترقي اردو قائم ڪئي وئي جنھنجو پھريون صدر ٿامس واڪر آرنولڊ ۽ سيڪريٽري شبلي نعماني مقرر ٿيا.
ساڳي طرح سان سر سيد احمد خان کان متاثر ٿي سنڌ ۾ حسن علي آفندي طرفان 1885ع ڪراچي ۾ سنڌ مدرست الاسلام قائم ڪيو ويو جنھن مان قائد اعظم محمد علي جناح جھڙن اڳواڻن پڻ تعليم پرائي. انکان علاوھ سيد الھندو شاھ ۽ نور محمد لاکير پڻ سنڌ ۾ جديد تعليمي ادارا قائم ڪيا ۽ سنڌ جي بمبئي کان آزادي ۾ تمام اھم ڪردار ادا ڪيو. 1899ع ۾ سرسيد جي وفات بعد اولڊ بوائز ايسوسئشن قائم ڪئي وئي تـ جئن جديد سائنس ۽ آرٽ جي تعليمي جاڳرتا جي تحريڪ جاري رھي. مولوي بھادر علي ھن ايسوسئشن جو باني سيڪريٽري مقرر ٿيو. آفتاب احمد خان طرفان سرسيد ميمورل فنڊ قائم ڪيو ويو تـ جئن ڪاليج کي ترقي ڏئي يونيورسٽي بڻائي سگھجي.
نياڻين جي تعليم کي ھٿي وٺائڻ لاء 1904ع ۾ شيخ عبد اللہ طرفان اردو ۾ ماھوار مئگزين 'خاتون' شايع ڪيو ويو ۽ اڳتي ھلي پنھنجي زال واحد جھان بيگم جي مدد سان 1906ع ۾ نياڻين جي تعليم لاء عليڳڙھ زنانـ مدرسـ قائم ڪيو ويو. ساڳئي سال آل انڊيا مسلم ليگ پڻ قائم ڪئي وئي تـ جئن مسلمانن جي حقن جو تحفظ ٿي سگھي. 1914ع ۾ بيگم سلطان جھان طرفان عليڳڙھ ۾ آل انڊيا مسلم ليڊيز ڪانفرنس پڻ قائم ڪئي وئي.
1920ع ۾ عليڳڙھ ۾ جامعـ مليـ اسلاميا قائم ٿي جيڪا بعد ۾ دھلي ڏانھن منتقل ٿي. ساڳئي سال محمدن اينگلو اورينٽل ڪاليج جو درجو وڌائي کيس عليڳڙھ يونيورسٽي بڻايو ويو ۽ محمد علي محمد خان انجو پھريون وائس چانسلر بڻيو جڏھن تـ بيگم آف بھوپال انجي پرو چانسلر ۽ آغا خان کي چانسلر مقرر ڪيو ويو.
1930ع ۾ زنانـ مدرسـ کي ترقي ڏئي وومن ڪاليج بڻايو ويو جنھـجو الحاق عليڳڙھ يونيورسٽي سان ٿيو.
ھنن جديد تعليمي ادارن مان مسلمان مردن سان گڏ عورتن ۾ پڻ سياسي سماجي شعور پيدا ٿيو جنھن تحريڪ پاڪستان کي مظبوط بڻايو ۽ اھڙي طرح علم جي طاقت سان ھڪ آزاد وطن جو قيام وجود ۾ آيو. ھن آزاد وطن جي تحفظ ترقي خوشحالي ۽ امن لاء اڄ جي دور ۾ پڻ جديد تعليمي ادارن کي ڪردار نڀائڻ گھرجي تـ جيئن اسانجو وطن معاشي آزادي پڻ حاصل ڪري سگھي.
http://www.thekawish.com/beta/epaper-details.php?details=2023/August/14-08-2023/Page4/P4-6.jpg