Ashraf Maitlo

Ashraf Maitlo Hello I'm Journalist Ashraf Ali Maitlo My Connect Number and WhatsApp number is 03062697183

احمدپور لڳ هٿياربندن جي گهر تي چڙهائي، گهرڀاتي يرغمال، 5 مينهون ڦر ڳوٺ ڀڻڪي ميتلو ۾ 10 کان وڌيڪ هٿياربندن جمن ميتلو جي گ...
21/01/2025

احمدپور لڳ هٿياربندن جي گهر تي چڙهائي، گهرڀاتي يرغمال، 5 مينهون ڦر ڳوٺ ڀڻڪي ميتلو ۾ 10 کان وڌيڪ هٿياربندن جمن ميتلو جي گهر تي ڪاهه ڪئي هٿياربندن گهر ڀاتين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي مينهون ڦر ڪري فرار ٿي ويا اطلاع وڏا مهيسر پولیس کي ڏيڻ سان گڏ اين سي به داخل ڪرائي وئي، گرفتاري عمل ۾ نه آئي ، ________________________________________________ ته پوءِ اڄوڪي اخبار روزاني وڻڪار ٽائمز لاڙڪاڻو پڙهڻ نه وساريندا

احمدپور ۾ صحافين جو هنگورجا جي سينيئر صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو صحافي ک...
18/01/2025

احمدپور ۾ صحافين جو هنگورجا جي سينيئر صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو صحافي کي هٿياربندن جي چنبي مان جلد بازياب ڪرائڻ جي گهر رپورٽ احمدپور ۾ صحافين پاران هنگورجا جي سينيئر صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف احمدپور جي صحافين پاران زاهد ميتلو خواجه بدرالدين ، اشرف علي ميتلو، مختيار علي ميتلو، ظهير احمد کنڊ، خواجه نسيم الدين،محمد حنيف شيخ، اڪبر ميتلو،امداد علي شر، سرفراز احمد ميتلو، ياسين ڀيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ صحافين جو چوڻ هو ته خيرپور پوليس سينيئر صحافي فياض سولنگي کي هٿياربندن جي چنبي مان بازياب ڪرائي نه سگهي آهي جيڪا وڏي زيادتي آهي هنن آء جي سنڌ ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته ھنڱورجا جي صحافي فياض سولنگي کي هٿياربندن جي چنبي مان جلد بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

17/01/2025

احمدپور جي پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر هجڻ باوجود اسڪول ڪافي وقت کان بند پيل 100 شاگردن جو مستقبل داء تي لڳل اسڪول ۾ گڏھ ٻڌل هجڻ جي ويڊيو وائرل تعليم کاتي خيرپور جي اختيارين ۽ انتظاميا جي پت وائکي بائيوميٽرڪ ۽ تعليمي ايمرجنسي جون ڌڄون اڏايون ويون آهن

05/01/2025

احمدپور:جوڻيجا ۽ ڪڙيا برادريءَ ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان ھٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

خير پور ميرس ۾ کجين کي لڳندڙ بيمارين کان بچائڻ جي حوالي سان سيد جاويد علي شاھ جيلاني پاران بريفنگ جلد خيرپور ۾ قائم ڊيٽ...
05/01/2025

خير پور ميرس ۾ کجين کي لڳندڙ بيمارين کان بچائڻ جي حوالي سان سيد جاويد علي شاھ جيلاني پاران بريفنگ جلد خيرپور ۾ قائم ڊيٽ پام ريسرچ کي وڌيڪ فعال ڪرڻ لاءِ رقم جاري ڪرڻ جو فيصلو ياد رکيو وڃي ته خيرپور پاڪستان کي 60 سيڪڙو کجين جي پيداوار ڏيندو آهي : سيد جاويد علي شاھ جيلاني گذريل ڪجهه سالن کان کجين جي وڻن کي بيماريون وائرس لڳي رهيا آهن جنهن سبب آبادگارن کي نقصان پيو هو خير پور جو اڪانامڪ زون هن وقت بهترين جڳھ آهي جتي کجين جي فصلن جي ڪاروبار کي وڌائي ۽ اسٽاڪ ڪري سگهجي ٿو ________________________________________________ ته پوءِ اڄوڪي اخبار روزاني وڻڪار ٽائمز لاڙڪاڻو پڙهڻ نه وساريندا

05/01/2025

خير پور ميرس ۾ کجين کي لڳندڙ بيمارين کان بچائڻ جي حوالي سان سيد جاويد علي شاھ جيلاني پاران بريفنگ جلد خيرپور ۾ قائم ڊيٽ پام ريسرچ کي وڌيڪ فعال ڪرڻ لاءِ رقم جاري ڪرڻ جو فيصلو ياد رکيو وڃي ته خيرپور پاڪستان کي 60 سيڪڙو کجين جي پيداوار ڏيندو آهي : سيد جاويد علي شاھ جيلاني گذريل ڪجهه سالن کان کجين جي وڻن کي بيماريون وائرس لڳي رهيا آهن جنهن سبب آبادگارن کي نقصان پيو هو خير پور جو اڪانامڪ زون هن وقت بهترين جڳھ آهي جتي کجين جي فصلن جي ڪاروبار کي وڌائي ۽ اسٽاڪ ڪري سگهجي ٿو ________________________________________________ ته پوءِ ريڊيو ايف ايم 92 خيرپور ميرس ٻڌڻ نه وساريندا

خيرپور ۾ کجين کي لڳندڙ بيمارين کان بچائڻ ۽ انھي جي قسمن کي وڌائڻ لا ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ جيلاني پاران اسلام آب...
02/01/2025

خيرپور ۾ کجين کي لڳندڙ بيمارين کان بچائڻ ۽ انھي جي قسمن کي وڌائڻ لا ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ جيلاني پاران اسلام آباد ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ ڪميٽي ۾ پنھنجي بريفنگ ڏني وئي وئي رپورٽ ضلعي خيرپور ۾ ڪجھ سالن کان ھلندڙ کجين جي پراسرار بيمارين بابت ۽ کجين جي فصلن ۽ جنسن کي وڌيڪ متعارف ڪرائڻ لاءِ ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ جيلاني پاران نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ ڪميٽي کي بريفنگ ڏني وئي جنهن کانپوءِ ڪميٽي فيصلو ڪيو تـ جلد ئي خيرپور ۾ قائم ڊيٽ پام ريسرچ کي وڌيڪ فعال ڪرڻ لا 100 ڪروڙ روپيـ ڏنا ويندا اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سيد حسين طارق جي سربراھي ۾ ٿيو جنھن ۾ بريفنگ ڏيندي سيد جاويد علي شاھ جيلاني چيو تـ خيرپور پاڪستان کي 60 سيڪڙو کجين جي پيدوار ڏيندو آھي گذريل ڪجھ سالن کان کجين جي وڻن کي بيماريون وائرس لڳي رھيا آھن جنھن سبب کجين جي فصل آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ۽ کجين جا ڪافي نسل ختم ٿي رھيا آھن سيد جاويد علي شاھ جيلاني وڌيڪ چيو تـ خيرپور ۾ کجين جي بيمارين جي سڃاڻپ لا ٽشو ليبارٽيز ـ مڪمل ريسرچ اسٽاف ـ اسٽاڪ فيڪٽريز ـ سيف زمينون خالي پلاٽن جي سخت ضرورت آھي جڏھن خيرپور جو اڪانامڪ زون ھن وقت بھترين جڳھ آھي جتي کجين جي فصلن جي ڪاروبار کي وڌائي ۽ اسٽاڪ ڪري سگھجي ٿو ھن چيو تـ بيمارين سبب ڪيترائي کجين جا نسل ختم ڪري رھيا آھن خيرپور ۾ کجين جا ٻيا بـ قسم لڳي سگھن ٿا ڪميٽي بريفنگ بعد اجلاس ۾ چيو تـ خيرپور ۾ قائم ڊيٽ پام ريسرچ کي وڌيڪ فعال ڪرڻ لا وڌيڪ 100 ڪروڙ روپين جا فنڊز ڏنا ويندا تـ جيئن خيرپور ۾ کجين جو فصل بچي سگھي ـ اجلاس ۾ سيد جاويد علي شاھ جيلاني سميت ـ سيد اياز شاھ شيرازي ـ ذوالفقار بيھڻ ـ وسيم قادر ـ رشيد احمد خان ۽ ٻيا موجود ھئا

زندگي ۾ شايد سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهجي ٿو، پر غربت جو وزن هڪ اهڙي حقيقت آهي جيڪا انسان جي خودداري، عزتِ نفس، ۽ حوصلي کي ٽ...
30/12/2024

زندگي ۾ شايد سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهجي ٿو، پر غربت جو وزن هڪ اهڙي حقيقت آهي جيڪا انسان جي خودداري، عزتِ نفس، ۽ حوصلي کي ٽوڙي ڇڏيندي آهي.
غربت نه رڳو جسماني پريشاني جو سبب بڻجي ٿي، پر اهو انسان جي سوچن، خوابن، ۽ اميدن کي به قيد ڪري ڇڏيندي آهي.
جڏهن توهان وٽ وسيلا نه هجن، دنيا جو رويو بلڪل بدلجي وڃي ٿو، دوست پرايا ٿي وڃن ٿا، پنهنجا به پرچائڻ کان انڪار ڪن ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳي ٿو ڄڻ توهان جي زندگي جو هر خواب، هر خواهش، ۽ هر جذبو غربت جي ساگر ۾ غرق ٿي ويو هجي.
توهان جي ڳالهه جو وزن گهٽجي وڃي ٿو، توهان جي صلاحيتن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، ۽ ماڻهو توهان کي اهڙي نظر سان ڏسن ٿا ڄڻ توهان بيڪار هجو.

شايد غربت هڪ اهڙو عيب آهي جيڪو هر خوبي کي لڪائي ڇڏيندو آهي، هر انسان جي عزت ۽ شرف کي مٽيءَ ۾ ملي ڇڏيندو آهي.
ڇا هي دنيا واقعي ايتري بي رحم آهي؟ ڇا اهو ضروري آهي ته انسان جي عزت صرف ان جي دولت سان جڙي هجي؟
ڇا انساني جذبات، قربانيون، ۽ اخلاقي قدرن جو ڪو وزن ناهي؟

پوءِ هڪ حقيقت کي قبول ڪرڻو پوي ٿو ته دنيا ۾ عزت سان جيئڻ لاءِ پئسو هاڻي بنيادي ضرورت بڻجي چڪو آهي.
پر ڇا دولت ئي سڀ ڪجهه آهي؟ ڇا غريبن جا خواب ۽ جذبات ڪوئي اهميت نٿا رکن؟

شايد هن دنيا کي پنهنجي نظرئي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. غربت کي عيب سمجهڻ بدران ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ته جيئن هر انسان کي عزت، محبت، ۽ خوشي سان جيئڻ جو حق ملي سگهي.
زندگي جو حسن صرف دولت ۾ نه، پر ان ۾ آهي ته اسان ٻين جي زندگي کي ڪيئن بهتر بڻايون ٿا.

احمدپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ڳوٺن ۾ چمڙي خارش جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي، صحت کاتو اگھور ننڊ، سوين مرد عورتو...
28/12/2024

احمدپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ڳوٺن ۾ چمڙي خارش جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي، صحت کاتو اگھور ننڊ، سوين مرد عورتون توڙي معصوم ٻارڙا چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا،

Address

Ahmedpur

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Ashraf Maitlo posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share