اوطاق

اوطاق Art/Entertain and folk wisdom and others admin Raza Akash

23/08/2025

انڊس اوطاق جي ھن پيج تان جلد انٽرويوز جو سلسلو شروع ڪيو ويندو. جنھن ۾ ڪوشش ڪنداسين ته ھر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ نامور شخصيتن سان ڪچھري اوھان تائين پھچائجي .

23/08/2025

Celebrating my 6th year on Facebook. Thank you for your continuing support. I could never have made it without you. 🙏🤗🎉

16/06/2025

ؤرسي جي نسبت البيلي شاعر حسن درس کي نظماڻي ڀيٽا...
نظم اسلم ڪنڀر
آواز: رضا آڪاش خاناڻي

پاڻي لئه پڪار ....مُرادان ........سامونڊي پٽي ۾ قائم هن جي قديم وستي ۾ پاڻي نه اچڻ کانپو هاڻ بک سان گڏ موت جو واڍوڙيل مر...
07/03/2025

پاڻي لئه پڪار ....
مُرادان ........
سامونڊي پٽي ۾ قائم هن جي قديم وستي ۾ پاڻي نه اچڻ کانپو هاڻ بک سان گڏ موت جو واڍوڙيل مرون به ڪاهي پيو آهي .

توڻي جو 5 سالن کان پاڻي نه اچڻ ڪري نه رڳو سندس ڳوٺ جي وچ مان سينڌ جيئن گذرندڙ واهه به هاڻ لٽجي پنهنجو وجود وڃائي چڪو آهي (جنهن کي اجڙيل آئندي جو ڪو آثار قديمه جو ماهر شايد اڳيان هلي دريافت ڪري ) پر گڏوگڏ سندس ڪل عمر جي ڪل موڙي ٻه ايڪڙ زمين به هاڻ وڌندڙ سامونڊي ويرون ڳڙڪائي ويون آهن ...

هن جو پورهيت ور به پر سال جر جو سنکئي وارو پاڻي واپرائڻ سبب ٻئي گڙدا فيل ٿيڻ ڪري مري ويو هو , جنهن کانپو هن جو ٻيو ڪوبه اوهي واهي نه رهيو هو .

هاڻ هن جو سڀ ڪجهه سندس ٽن ورهن جو معصوم پٽ مراد هو .....

پاڙي وارن پاران خدا ڪارڻ ڏنل چانورن کان سوا هن جي گهر ۾ ٻين ڪابه جمع پونجي نه هئي , هوء روز ٻنپهرن جو ۽ سومهاڻي ويل چلهه ۾ ڇيڻا ٻاري چانورن ۾ کوئر جو پاڻي وجهي ڪجهه لوڻ ملائي رُکو ڀت رڌي پنهنجي ٻچڙي کي کارائي مڙيئي زندگي جي ڏيئي جي پئي وٽ سوريندي هئي .

پر........ نيٺ هڪڙي ڏينهن هٿرادو پاڻي کوٽ ڪارڻ ڪاري ڏڪار کان پو کوئر به کارو ٿي ويو , جيئڻ جي جوازن کي منڌيئڙو اچي ويو .

هاڻ هن وٽ چانورن کي پسائڻ لئه پاڻي به نه هو , بک ۾ ڪوماڻجي سهڪندڙ ٻچڙي جي پيڙاءُ کي ڏسي هوءۡ ان ڪري به ڏاڍو روئندي هئي ..... ته جيئن اکين جي پاڻي سان چانورن کي پسائي مراد لئه ڀت رڌي سگهي ....

پر..... غم جي ڏڪار سندس اکين کان ڳوڙها به ڦري ورتا هئا... ۽ هن جا نيڻ به سندس ڳوٺ جي کوئرن جيئن خالي ٿي ويا هئا...
۽ ........پو ائين ٿيو جو سندس پٽ مراد بک ۽ اڃ جي صحراءُ ۾ سڏڪي مري ويو . پٽ جي وفات هن جي حيات جي راهن تي رڃ ئي رڃ پوکي ڇڏي هئي , ڏک جي جبل هيٺ دٻجي هوءُ روئي به نه سگهي هئي .

۽ ..... نيٺ هوءُ به درد جي طويل ڪوما جي رڻ ۾ خاموشي سان گمنامي ۾ ڪومائجي ويئي ..

تحرير: رضا آڪاش خاناڻي

08/02/2025

دنيا ته پئي جلندي، دنيا کي ڀلا. ڇاھي
Faa
رفيق فقير

16/01/2025
16/01/2025

مرڪ تنھنجي انمول مٺا

ماضي جي ھي صدابھار ڪلاڪار گل بانو اڄڪلھ پنجاب جي شھر بھاول پور ۾ گمنامي واري زندگي گذاري رھي رھي آھي، چون ٿا ته ملڪيت جي ورھاست تان ڀائرن کيس تشدد ڪري مڪمل طور تي چريو ڪريو ڇڏيو آھي .

15/01/2025

جتن جي ذات جي ٻانھي، پنھل جي ڪاڻ ٿي آھيان

مولود شريف

15/01/2025

اچين ته اڄ اچ...

آواز سيد منظور علي شاه بخاري ۽ ،اشرف شاه بخاري

18/12/2024

استاد رفيق فقير

30/11/2024

اچي مل يار ميھار ، مون ته ڪميڻي ڪين ڪمايو....

ھي امر آواز سرحد جي ھن پار مقبوضه سنڌ (ڪڇ ڀُڄ) جي شبنم ورماني جو آھي ، جنھن جي آلاپ جي اکين مان ورھاڱي جي وڍن جو رت اڄ به لڙڪ لڙڪ ٿي لڙي ٿو.

وڃايل سنڌ جو ھي اڌ ، ٻيو ته ٺھيو پر "سنڌو ديش" واري سنگت جي ايجنڍا تي به ناھي ! الائي ڇو.....!!؟

Address

Ahmed Rajo Road
Badin
72200

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when اوطاق posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to اوطاق:

Share