21/08/2023
چريا کريا آهيون پر سمجهون سڀ ٿا..
هڪ وڏي گهري منصوبا بندي سان اهيو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته وفاق ۽ صوبي ۾ جيڪي نگران حڪومتون قائم ٿيون آهن اهي پ پ پ جي مرضي بنا ٿيون آهن جيڪي وزير کنيا ويا آهن اهي پنهنجي مرضي سان کنيا ويا آهن پ پ پ جيڪي لسٽون ڏنيون آهي رد ڪيون ويون، گڏوگڏ جيڪي آفيسر ٻين صوبن مان اچي سنڌ مقرر ٿيا آهن اهي به پ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن اهيا ڪوڙي مهم هلائي ٻن قسمن جو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هڪ اهيا ته ڏسو! اسان ناهيون ته سنڌين جي نمائندگي ئي ناهي، ڌارين جو راڄ اچي ويو آهي سنڌين جي حڪمراني ختم ٿئي وئي ان ڪري اسان کي ٻيهر کٽرائي موڪليو ته سنڌين جي سنڌ ۾ نمائندگي به ٿئي ۽ سنڌي آفيسر به مقرر ٿين، ٻيو اهيو ته جيڪا خراب حڪمراني جي ڪري سنڌين ۾ ڪاوڙ آهي اها همدردي ۾ تبديل ڪجي، سنڌ ۾ آئي جي، چيف سيڪريٽري ،وزيرن جي اڪثريت، گورنر ۽ وڏي وزير جو حوالو ڏئي ماڻهن کي عارضي طور، واھ واھ ڪرائي، پ پ پ مان جان ڇٽي جا نعرا هڻائي پو مظلوم ٿئي اليڪشن ۾ اچجي، آئون ان تاثر سان بلڪل اتفاق ڪونه ٿو ڪريان ته هي سنڌ يا وفاق ۾ وزيرن جي مقرري ۽ ڪامورن جون بدليون ڪي پ پ پ جي مرضي بنا ٿيون آهن مڪمل طور پ پ پ جي مرضي سان ٿيون آهن نگران حڪومتن ۾ يا آفيسرن جي مقررين ۾ ڪو هڪ به ماڻهو سندن رد ٿيو هجي يا سندن مرضي بنا مقرر ٿيو هجي ته ان جو نالو ٻڌائين، مبين جماڻي ڪنهن جو ماڻھو آھي ھي اھو ماڻهو آهي جنهن بلاول هائوس بلاول ڀٽو زرداري جي ڄمڻ تي ڇٽي ۾ گفٽ ڪيو هو، خدا بخش مري ڪير آهي شازيه مري جي سفارش تي وزير ٿيو آهي ڊاڪٽر عاصم جي ضياء الدين ڪاليج جي پرنسپال سنڌ جي تعليم جي وزير ڪنهن جي سفارش تي ٿئي آهي يونس ڍاڳا ڪنهن جو ماڻھو آھي خود وفاق ۾ مرتضا سولنگي ڪنهن جو ماڻھو آھي، پ پ پ مڪمل طور آن بورڊ آهي سڀ ڪجھ سندن مرضي سان پيو ٿئي، سنڌ جو نگران وڏو وزير پ پ پ پنهنجي ئي مرضي جو مقرر ڪرايو آهي ماڻهن کي چريو ٺاهڻ لا سوشل ميڊيا مهم هلائي پئي وڃي، اسان چريا هش ۾ خوش، واھ جي ٿئي آهي پ پ پ سان، ٽپا پيا ڏيون، ڪنهن هڪڙي پ پ پ جي اڳواڻ چيو آهي ته هي سڀ ڪجهه اسان جي مرضي بنا ٿيو آهي سڀ ڇو ماٺ آهن اصل ۾ اليڪشني جلسن ۾ ڳالهائڻ لا هڪ ته نوڪرين وارو مواد جمع ڪيو ويو آهي ، ٻيو هي ڪيو پيو وڃي، پنج سال ڇڏي حڪومت ختم ٿيڻ جي صرف ٽي ڏينهن اڳ نوڪريون ڏيڻ جو ڪو جواز ٺهي ٿو، هاڻي اليڪشن ۾ چوندا، نه اسان کي نوڪريون نه ڏيڻ ڏنيون ويون، نه اسان کي وفاق ۽ صوبي جي نگران حڪومتن ۾ نمائندگي ڏني وئي، سو سائين چريا کريا آهيون پر سمجهون سڀ ٿا.. (دودو چانڊيو). . .cp