
15/06/2025
گولاڙچي: ھڪ سال اڳم ھائي ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ جاتي واسي جوڙو، جان جي امان لاءِ دربدر جوڙو گولاڙچي پريس ڪلب پھتو، تحفظ جي اپيل . خبر موجب ڀرسان ڳوٺ کمون ملاح سان تعلق رکندڙ پريمي جوڙي عبدالجبار ملاح ۽ مجيدہ ملاح گولاڙچي پريس ڪلب پھچي سندن ويري بڻيل وارثن توڙي بااثرن خلاف احتجاج ڪندي تحفظ جي اپيل ڪندي چيو آھي اسان ھڪ سال اڳي پيار ھائي ڪورٽ ڪراچي ۾ پيار جو پرڻو ڪيو ھو، جنھن تان مجيدہ جا وارث توڙي علائقي جا بااثر شخص اسان جا جاني دشمن ٿي پيا آھن، جيڪي اسان کي قتل ڪرڻ چاھين ٿا اسان کي تحفظ ڏنو وڃي، ان سلسلي ۾ ناري مجيدہ ملاح دانهيندي چيو ته مون عبدالجبار سان پيار جو پرڻو ڪيو آھي جنھن تان منھنجا وارث توڙي تر جا بااثر منھنجا منھنجي مڙس توڙي منھنجي ساھورن جا دشمن ٿي پيا آھن، جيڪي منھنجي مڙس ۽ ان جي گھر وارن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ توڙي اسان کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، اسان اعلا اختيارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.