KTN News BADIN

KTN News BADIN KTN NEWS
MEDIA NEWS

 #جتي سنڌ گڏجي ٿيبدين رپورٽر پاڪستان فشر ڦوڪ فورم ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي چيئرمين صرف سيد مهراڻ شاھ ئي آهي باقي م...
11/08/2026

#جتي سنڌ گڏجي ٿي
بدين رپورٽر پاڪستان فشر ڦوڪ فورم ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي چيئرمين صرف سيد مهراڻ شاھ ئي آهي باقي مصطفي ميراڻي ۽ مجيد فاطمه تنظيم کي نقصان پهچائي ماهيگيرن جو نقصان ڪرڻ چاهين ٿا جن کي روڪيو وڃي پاڪستان فشر ڦوڪ فورم ضلع بدين جي صدر حاجي نبي بخش ملاح، مٺن ملاح ،عبدالرحيم چنڊاڻي محمد عمر ملاح محمد قاسم ٻچو سومار لوھار ۽ ٻين طرفان ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪستان فشر ڦوڪ فورم جي چيئرمين مرحوم سيد محمد علي شاھ جي وفات کان پوءِ ماهيگيرن سيد مهراڻ علي شاھ کي فشر ڦوڪ فورم جو چيئرمين مقرر ڪيو آهي جيڪو ماهيگيرن جي هر مسئلي تي گڏ آهي ۽ سڄي سنڌ جا ماهيگير هڪ طرف آهن پر هن وقت فشر ڦوڪ فورم تنظيم ۾ ڏار وجهڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ جي هٿرادو ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ اهم ڪردار فاطمه مجيد ۽ مطفي ميراڻي جو آهي جيڪي ڪجھ ماهيگيرن کي يرغمال بڻائي پنهنجي تنظيم ٺاهي. گروپ بندي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر سنڌ جا سمورا ماهيگير فشر ڦوڪ فورم جي چيئرمين سيد مهراڻ علي شاھ ۽ فشر ڦوڪ فورم جي اڳوڻي چيئرمين سيد محمد علي شاھ جي نياڻي ياسمين شاھ سان گڏ آهن ڇاڪاڻ ته سيد برادري جي وڏي قرباني آهي جن ماهيگيرن جي هر مسئلي تي آواز اٿاريو آهي اصل حق به انهن جو ئي آهي جيڪو هنن کان برداشت نه پيو ٿئي اسان هن پريس ڪانفرنس زريعي مطالبو ٿا ڪريون ته فشر ڦوڪ فورم کي ڪمزور ڪرڻ يا رڪاوٽ وجهڻ جون ڪوششون فوري طور بند ڪيون وڃن ڇوته فشر ڦوڪ فورم جي تنظيم خلاف سازش صرف ٺيڪيداري نظام آڻڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي اسان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزير اعلي سنڌ فشريز کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو آهي ته ماهيگيرن جي نالي حاصل ٿيندڙ وسيلن کي صرف ماهيگيرن جي ڀلائي ترقي لاءِ اسعتمال ڪيو وڃي ماهيگيرن جي وسيلن ۽ فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي فنڊن بابت شفاف ۽ آزاد آڊيٽ ڪئي وڃي ،۽ فشر ڦوڪ فورم جي تنظيم کي نقصان رسائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ماهيگيرن جي اصلي تنظيم کي نقصان بچايو وڃي

 #جتي سنڌ گڏجي ٿيبدين رپورٽر پنج مهينا اڳ ڪڙيو گهنور لڳ  قتل ٿيندڙ اسلم ملاح جي خون ۾ مبينا ملوث جوابدارن جا ايف آئي آر ...
09/08/2026

#جتي سنڌ گڏجي ٿي
بدين رپورٽر پنج مهينا اڳ ڪڙيو گهنور لڳ قتل ٿيندڙ اسلم ملاح جي خون ۾ مبينا ملوث جوابدارن جا ايف آئي آر ۾ نالا داخل نه ڪرڻ خلاف سندس ڀاءُ محمد اسماعيل ملاح، علي محمد ملاح عثمان ملاح جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سندس ڀاءُ کي جاويد ملاح شعيب ملاح مٺائي ۾ زهر ملائي قتل ڪرڻ کان پوءِ لاوارث ڄاڻائي دفن ڪري ڇڏيو جنهن جا سوشل ميڊيا تي ڦوٽو وائرل ٿيڻ بعد اسان ڀاءُ جي سڃاڻپ ڪئي ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن شڪ جي بنياد تي ٻن جوابدارن جاويد ۽ شعيب ملاح کي گرفتار ڪيو آهي جن پوليس اڳيان اعتراف به ڪيو آهي تہ هنن اسلم ملاح کي زهر ڏئي قتل ڪيو آهي پر پوليس صرف هڪ جوابدار جاويد ملاح تي ايف آئي آر داخل ڪئي آهي ۽ باقي خون ۾ ملوث ۽ اسان جي ڀاءُ کي مارائڻ ۾ جن جو هٿ آهي انهن ۾ شعيب ملاح گل محمد ملاح، محمد علي،احمد ملاح عبدالله ملاح ۽ پوڙهو ڪنڀار انهن کي پوليس بچائي رهي آهي ۽ جيڪي اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ سرعام ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن متاثر ڌر طرفان آئي جي سنڌ ،ڊي آئي جي حيدرآباد سيشن جج بدين ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو آهي تہ سندن ڀاءُ کي بي گناھ قتل ڪندڙ جوابدارن تي ايف آئي آر داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ ساڻن انصاف ڪيو وڃي

 #جتي سنڌ گڏجي ٿيبدين رپورٽرسموري ملڪ جيان بدين ۾ به يومِ استحصال ڪشمير ملهايو ويو، ريلي ۽ تقريب منعقدسموري ملڪ جيان ضلع...
05/08/2026

#جتي سنڌ گڏجي ٿي
بدين رپورٽر
سموري ملڪ جيان بدين ۾ به يومِ استحصال ڪشمير ملهايو ويو، ريلي ۽ تقريب منعقد
سموري ملڪ جيان ضلعي بدين ۾ به 5 آگسٽ يومِ استحصال ڪشمير قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميا جي اهتمام هيٺ جيم خانه هال بدين ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي، ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي، مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن، استادن، شاگردن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪري عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي ڀڃڪڙي ڪئي. هنن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي سندن حقِ خوداراديت جي حمايت جاري رکندي.

تقريب کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي ۽ ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي جي اڳواڻي ۾ يومِ استحصال ڪشمير جي حوالي سان يڪجهتي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن قومي جهنڊا، بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
تقريب جي پڄاڻي تي ملڪ جي امن، سلامتي، خوشحالي ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آزادي ۽ ڀلائي لاءِ گڏيل دعا پڻ گهري وئي.

05/08/2026

I got over 700 reactions on one of my posts last week! Thanks everyone for your support! 🎉

 #جتي سنڌ گڏجي ٿيبدين رپورٽرپاڪستان تحريڪ انصاف ۽ تحريڪ تحفظ آئين جي سڏ تي 5 آگسٽ تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري...
05/08/2026

#جتي سنڌ گڏجي ٿي
بدين رپورٽر
پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ تحريڪ تحفظ آئين جي سڏ تي 5 آگسٽ تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري خلاف ۽ سندس آزادي لاءِ پوري ملڪ جيان بدين ۾ پڻ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي شهر جي مختلف رستن تان گذرندي ايوانِ صحافت بدين آڏو پهتي، جتي احتجاجي مظاهري کي پي ٽي آئي اڳواڻن عزيز ﷲ ڏيرو ،لالا نواز، ايڊوڪيٽ عزيز بڪاري ايڊوڪيٽ سجاد شاھ، امجد انصاري حبيب الله پٺاڻ گل سنڌ يونائيٽيڊ اڳواڻن امير آزاد پنهور سيد حيدر علي شاھ، پروين ملاح .۽ ٻين اڳواڻي وزير اعظم عمران خان جي آزادي جو مطالبو ڪندي چيو ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سياسي ڪارڪنن خلاف ڪارروايون بند ڪيون وڃن. هنن چيو ته پاڪستان ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، لاقانونيت ۽ ٻين عوامي مسئلن سبب ماڻهو سخت پريشان آهن، تنهن ڪري حڪومت کي عوامي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده قدم کڻڻ گهرجن.
ان موقعي تي مقررن 5 آگسٽ کي ڪشمير بابت هڪ اهم ڏينهن قرار ڏيندي چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو وڃي ۽ ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت جي حمايت جاري رکي وڃي. هنن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
احتجاج ۾ شريڪ ڪارڪنن عمران خان جي آزادي، ڪشميرين سان يڪجهتي ۽ ملڪ ۾ قانون جي بالادستي جي حق ۾ نعريبازي پڻ ڪئي. آخر ۾ اڳواڻن پنهنجي مطالبن جي حق ۾ آواز بلند ڪندي حڪومت کان جلد مثبت قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو

01/08/2026

#جتي سنڌ گڏجي ٿي
هڪ وڻ سنڌ امڙ جي نانءُ
ڪاوش ۽ڪي ٽي اين نيوز جي سڏ تي گورنمينٽ بوائز ايليمنٽري اسڪول بدين پاران وڻ پوکيا پيا وڃن

 #جتي سنڌ گڏجي ٿيبدين جي مير واھ سب ڊويزن ۾ گذريل ڇهن مهينن کان پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن طرفان ايوان صحافت بدين ...
01/08/2026

#جتي سنڌ گڏجي ٿي
بدين جي مير واھ سب ڊويزن ۾ گذريل ڇهن مهينن کان پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن طرفان ايوان صحافت بدين اڳيان علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي ، ڪامورن تي پاڻي چوري وڪرو ڪرڻ ۽ ميرواھ سب ڊويزن جي ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن ڪندڙ ڪامورن کي هٽائڻ خلاف سخت نعريبازي، ڪئي وئي
انهي موقعي تي آبادگار اڳواڻن حاجي حنيف خاصخيلي، سڪندر منڌرو، محمد عمر ملاح، قاسم ٻچو، غلام رسول لٽر، اسلم ملاح ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميرواھ سب ڊويزن ۾ هٿرادو پاڻي کوٽ ڪري پاڻي مٿي وڪرو ڪيو ويو آهي جنهن ڪري گذريل ڇهن مهينن کان پاڻي نه اچڻ ڪري ساحلي پٽي ۾ پوکيل سارين جو ٻيجارو سڪي ويو آهي ماڻهو جانور پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن هنن الزام هڻندي چيو ته ميرواھ جي ڊي ماڊلنگ تي وزير اعلي سنڌ هڪ ارب روپيا جاري ڪيا آهن پر ميرواھ سب ڊويزن تي موجود ڪامورا ترقياتي ڪم ڪرائڻ بجائي اها رقم هڙپ ڪرڻ ۾ مصروف آهن متاثر آبادگارن وزير اعلي سنڌ، آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو آهي تہ ميرواھ سب ڊويزن ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪري پاڻي ڦل فور ڇڏيو وڃي ميرواھ جي کاٽي جي ڪم ۾ ڪرپشن ڪندڙ ڪامورن کي فوري هٽايو وڃي

31/07/2026

#جتي سنڌ گڏجي ٿي
هڪ وڻ سنڌ امڙ جي نانءُ
ڪاوش ۽ڪي ٽي اين نيوز جي سڏ تي ڊاڪٽر سڪندر منڌرو انڊس اسپتال بدين پاران وڻ پوکيا پيا وڃن

31/07/2026

#جتي سنڌ گڏجي ٿي
هڪ وڻ سنڌ امڙ جي نانءُ
ڪاوش ۽ڪي ٽي اين نيوز جي سڏ تي لاڙ ثقافتي آرٽس ڪائونسل ضلع بدين پاران وڻ پوکيا پيا وڃن

28/07/2026

Address

C. O. J
Badin
72200

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when KTN News BADIN posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share