08/11/2024
ڀرياشھر ۽خاص ڪري چاچا مختيار ميمڻ کي مبارڪون سندس فرزند گھر واپسي موٽي آيو آھي
ياد رھي تـ گذريل 4ڏينهن پھريان رافيع ميمڻ ڪنڊيارو جي ٽوشن سينٽر کان ڀرياسٽي موٽي رھيو ھيو تـ پرسرار نموني گم ٿي ويو ڪالھ نامعلوم ماڻهو کيس بيھوشي واري حالت ۾ ڀريا نيشنل ھاوي تي ليمن جي باغ ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا جڏهن تـ نوجوان جي جسم تي زخم جا نشان ھيا پر ھاڻ اسٽبل آھي ـ نوجوان جي گم ٿيڻ بعد سماجي اڳواڻ ۽ ميمڻ برادري اڳواڻن ۽ ميڊيا جي دوستن جي ڀرپور نموني پنهنجو ڪوششون جاري رکيون خاص ڪري ميمڻ برادري جي اڳواڻ سجاد امداد ميمڻ سماجي اڳواڻ شھباز گجر پڻ ڀرپور نموني ڪوششون ڪيو