Indus Discover

Indus Discover السلام علیکم دوستو برائي مھرباني سنڌي ٻولي ۾ معلوماتي وڊيوز ڏسڻ لاءِ اسان جي پيج کي فالو ڪيو. جئي سنڌ

08/03/2025
31/01/2025

Exploring the Ancient City of Thatta
Uncovering the Hidden History of Thatta Sindh
Thatta: A City Steeped in History and Culture
Discovering the Rich Heritage of Thatta Sindh
A Journey Through Time: The History of Thatta
Thatta: The City of Saints, Sufis, and Scholars
Unraveling the Mysteries of Thatta's Past
Thatta Sindh: A Treasure Trove of History and Architecture
The Forgotten City: Uncovering Thatta's Lost History
Thatta: Where History Meets Culture and Tradition















۱) پهرئين ڏينهن خدا، ڪُتو پيدا ڪيو ۽ کيس فرمايو ته؛ ”سڄو ڏينهن پنهنجي گهر جي دروازي تي ويھ ۽ جيڪو به اندر اچي يا لنگهي ا...
13/01/2025

۱) پهرئين ڏينهن خدا، ڪُتو پيدا ڪيو ۽ کيس فرمايو ته؛ ”سڄو ڏينهن پنهنجي گهر جي دروازي تي ويھ ۽ جيڪو به اندر اچي يا لنگهي اُن تي ڀونڪ، آئون توکي ويهه سال حياتي ڏيندس“. ڪتي چيو؛ ”ڀونڪڻ لاءِ اهو عرصو ڊگهو آهي، مون کي ڏهه سال ڏيو، باقي ڏهه مان توهان کي واپس ڏيندس“. پوءِ الله تعاليٰ راضي ٿيو.
--------------------------------------------------------------------------------
۲) ٻئي ڏينهن خدا ڀولو پيدا ڪيو. خدا کيس فرمايو؛ ”ماڻهن کي وندرائي، انهن اڳيان چالبازيون ڪر ۽ کين کلائي“. مان توکي ويهن سالن جي ڄمار ڏيندس“. ڀولڙي چيو؛ ”ماڻهن کي وندرائڻ ۽ چالبازين لاءِ ويھه سالن جي ڄمار؟ اها الاهي گهڻي آهي“. ڪتي توکي ڏهه سال واپس ڏنا، ته مان به ائين ئي ڪندس، ٺيڪ؟ ۽ خدا ساڻس متفق ٿيو.
--------------------------------------------------------------------------------
۳) ٽئين ڏينهن خدا ڳئون کي پيدا ڪيو ۽ ڳئون کي چيو ته؛ ”توکي سڄو ڏينهن هاريءَ سان گڏ ميدان ۾ وڃڻو پوندو ۽ سج جي هيٺان تڪليف ڏسڻي پوندي، ٻُچا پيدا ڪرڻا پوندئي ۽ هاريءَ کي سهارو ڏيڻ لاءِ کيس کير ڏيڻو پوندئي، مان توکي سٺ سالن جي ڄمار ڏيندس.“ ڳئون چيو؛ ”اها ڏکي زندگي آهي. توهان چاهيو ٿا ته مان سٺ سالن تائين جيئرو رهان، مون کي ويهه سال ڏيو، باقي چاليهه مان توهان کي واپس ڏيان ٿو.“ انهي ڳالھ ٻولھ کانپوءِ ڌڻي تعاليٰ ساڻس راضي ٿيو.
--------------------------------------------------------------------------------
۴) چوٿين ڏينهن تي ڌڻي تعاليٰ انسان کي پيدا ڪيو ۽ کيس فرمايو ته؛ ”کاءُ پي، آرام ڪر، راند روند ڪر، شادي ڪر ۽ پنهنجي زندگي جو مزو وٺ، مان توکي ويهه سال ڏيندس. انسان چيو؛ ”ڇا فقط ويهه سال؟ توهان طرفان ڏنل مان پنهنجا ويهه سال ته قبول ڪريان ٿو پر جيڪي چاليهه سال ڳئون واپس ڏنا، ڏهه سال ڀولڙي ۽ ڏهه سال ڪتي به موٽائي ڏنا، سڀئي اسي سال ٿين ٿا. مان اها سڄي ڄمار کڻندس، صحيح آھ؟ خدا کيس چيو؛ ”ٺيڪ آھ، توهان جو معاملو مڪمل ٿي چڪو آهي“.
--------------------------------------------------------------------------------
✓ ان لاءِ ئي پاڻ پهرين ويھن سالن تائين کائون ٿا، سمهون ٿا، کيڏون ٿا ۽ مزو وٺون ٿا. ايندڙ چاليهن سالن تائين اسان پنهنجي خاندانن جي مدد ڪرڻ لاءِ سج هيٺيان غلامي ڪندا آهيون. اڳين ڏهن سالن تائين اسان پوٽن (آل اولاد) جي تفريح لاءِ ڀولڙي جيان چالبازيون ڪندا آهيون ۽ آخري ڏهن سالن ۾ اسين در جي سامهون ويهي هر ڪنهن تي ڀونڪڻ لڳندا آهيون.
--------------------------------------------------------------------------------
ليکڪ؛ پائلو ڪولهو
(ترجمو؛ يوسف جميل لغاري





















تازو ھڪ سروي ۾ پاڪستان جي ڪل ويھ ۽ سنڌ جي پنج  ضلعن کي غريب ترين ڊسٽرڪ قرار ڏنو ويو آهي تن ۾ بدين ٺٽو سجاول ٽنڊو محمدخان...
17/11/2024

تازو ھڪ سروي ۾
پاڪستان جي ڪل ويھ ۽ سنڌ جي پنج ضلعن کي غريب ترين ڊسٽرڪ قرار ڏنو ويو آهي
تن ۾ بدين ٺٽو سجاول ٽنڊو محمدخان شايد پنجون ٿرپارڪر شامل آهن

ھيء ضلعا سمنڊ جي ويجهو آهن
جھينگو مڇيء جو مھانگو ائٽم آھي پندرنھن سو کان ٽي ھزار رپيا ڪلو وڪامي ٿو
جڏهن ته ھٿرادو فارمز ۾ ٻ کان ٽن مھينن ۾ تيار ٿيو وڃي
يورپ جا ماڻهون شوق سان کائين ٿا
پنجاب وانگر سنڌ حڪومت کي به فوري طور جھينگا فش فارمنگ ڪرڻ لاء ٽريننگ ۽ قرض جاري ڪري لکين نوجوانن کي غربت مان ڪڍڻ لاء ڪوششون وٺڻ کپن

پرائيوٽ واپاري به ان طرف ڌيان ڏين..!

Address

Bhit Shah

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Indus Discover posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share