
12/05/2024
جنهن مندون مهڪايون....
وڏيرو حيات هاليپوٽو..................................سرتومل روپاڻي.
تڏهن اڃا سرنگهوء تي شام لهڻ جا منظر جوان هئا ؛تڏهن ڇاڇري جون ڇيڳرايون ايتريون پروفيشنل ن بنيون هيون مون ۽ مرحوم ذڪي جهڙا ڪيترائي نوجوان ڦٽل ۽ اجڙيل ڳلين جي ڳهر ۾ دروپتي جي پيرن جا نشان ۽ پايل جو آواز ڳوليندي محمد خان سميجي جو ناول ´رت ريجالا سپرين ` دل جي اکين سان پڙھندا هئا.
۽ نمن جي نگري جي سحر ۾ وڃائجي اسٽاپ تي بيٺل وڏن ڪنڊيء جي وڻن هيٺيان ٿڪ ڀڃيندي ن صرف ڇاڇري جي تاريخ جا پيرا مدد خان پٺاڻ جي گهوڙي جي هڻڪار ؛سيٺ مولشنڪر جي ڌرم نيتي ۽ لڇمڻ سوڍي جي ڪوٽڙي تائين ڳوليندا هئا پر ان ڪنڊين هيٺيان هر وقت ڇڪڙن جي انتظار ۾ ويٺل ماروئڙن جي لوڪ ڏاهپ جو رس ب وٺندا هئا جتي ڪڏهن سگهڙ ساهڙ ٿيٻو هڪل ڪري ڳجهارت ڏيندو هو ڪڏهن تڳوسر وارو اجيم داس ميگهواڙ ڄاڻ جي هڙوٽي کولي ويهندو هو ت ڪڏهن سگهڙ الهداد جنجهي ڀٽائي جي سر سسئي جو سير ڪرائيندو هو ت ڪڏهن راڄوڙي جو جونٺو فقير هوٿل پري ۽ ڄام اڍي جي وارتا ڳاھن سان کڻندو هو ت ڪچھري تي سحر طاري ٿي پوندو هو.
فتن رند ۽ آدم رند جي هوٽلن ؛ڀاڄي وارو واڌو ۽ پيتي جي ڍڪ کي ڳچي ۾ ابتو ٽنگي ان تي مٺائي رکي وڪڻندڙ سانورو سيٺ جيڪو مين ٺاهي بابا مين ٺاهي بابا جا هوڪا ڏيندو هو ۽ ٿورو پريان ننڍڙي بازار جتي ڪاڪي مهاديو کتري جو فوٽو اسٽوڊيو هوندو هو بس اها ئي ڇاڇري جي شناخت هئي ۽ هڪڙي شناخت وري چاپونئي ڏاڙھي سان سفيد پهراڻ وارو مٺ تي گولڊ ليف سگريٽ پيئندڙ ۽ ڪرائي ۾ راڊو گهڙي ٻڌندڙ اهو لا ابالي انسان ب هوندو هو دنيا جنهن کي وڏيرو حيات هاليپوٽو جي نالي سان سڃاڻندي هئي.
مون کيس پهريون ڀيرو 1997 ۾ ڏٺو هو جڏهن هيلٿ ٽيڪنيشن اسڪول ميرپورخاص ۾ ميرٽ اسڪالرشپ تي ارڙھن مهينن جي ڪورس لاء سليڪٽ ٿيو هوس.اسڪول وارن هڪ اسٽامپ پيپر ڏنو ت اهو چار شاهدن ۽ مختيارڪار جي صحيح سان وٺي ٻن ڏينهن اندر جمع ڪراء.
شاهدن واريون صحيحون عمرڪوٽ مان ٻن مائٽن ۽ ٻن ڊاڪٽرن کان ڪرائي مختارڪار عمرڪوٽ وٽ ويس ت هن چيو ت اهو ڇاڇري تعلقي جو مختيارڪار ويريفاء ڪندو اسان کي ڪهڙي خبر تون ڪٿي جي بلا آھين.
اتان ئي ڇڪڙي ۾ ٽنگجي ڇاڇرو آيس رينجر پوسٽ تان لهي سڌو مختيارڪار آفيس پهتس جتي ڪو اترادي مختيارڪار هجي اسٽامپ پيپر پڙھي چيائين يا تون چريو آھين يا اسان کي چريا سمجهيا آھن شاهد عمرڪوٽ جا ويريفاء وارا ميرپور جا آئون ڪيئن اسٽامپ صحيح ڪريان!!؟
مون سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي ۽ اهو ب چيو ت سڀاڻي هڪ بجي تائين اسٽامپ ميرپورخاص اسڪول ۾ جمع ن ڪرايو ت منهنجي داخلا ڪينسل ٿي ويندي.پر هن چيو تون ميرپورخاص مان ٻيو اسٽامپ وٺي ڇاڇري جا شاهد گڏ وٺي اچ ت توکي صحيح ڪري ڏيندس ورنه نه.
آئون منهن لاهي ڪنڊي اسٽاپ تي آيس جتي ڪنهن واقفڪار حيات هاليپوٽي جو ڏس ڏنو. ملوڪ جي هوٽل تي هن همراه سان سڄي ماجرا بيان ڪيم اهو ب ٻڌايم ت ڳوٺ داديو تڙ جو آھيان.همراه ٽپ ڏيئي اٿيو چيائين هلو.
مختيارڪار وٽ ڪا شنوائي هلي رهي هئي هي سڌو ڪٽھڙي وٽ بيٺو چيائين هن مسڪين شاگرد کي ڇو رلايو آھي صحيح ڪري ڏي ت واپس ميرپورخاص وڃي!
مختيارڪار چيو ت سائين ڪم غير قانوني آھي .
هن ڇنڊ پٽيندي چيو ٻيو سڀ ڪجھ قانون تي هلي پيو باقي هي هڪڙو ڪم غير قانوني آھي . ڪاغذ مختيارڪار جي منهن تي اڇلائي مون کي ٻانهن کان جهلي چيائين ڇورا هلو
مون دل ۾ سوچيو واه جو ڪم ڪرائي ڏنائين.هوٽل تي اچي مون کي چيائين تون ڪيڏاهن وڃي متان.پاڻ ويٺل ماڻھن کي مختيارڪار بابت ست سريون ٻڌائڻ لڳو.
ٿوري دير کان پوء مختيارڪار جي گاڏي ۾ هيڊ منشي اچي هوٽل تي پڳو ۽ معافي وٺي چيائين هلو صاحب گاڏي موڪلي آھي.
پاڻ مون ڏانهن اشارو ڪري چيائين گاڏي ۾ هن کي وٺي وڃو صحيح ڪري ڏيو ت مسڪين وڃي داخلا وٺي آئون هليس ت توواري صاحب سان وري جهيڙو ٿيندو!
آئون مختيارڪار واري گاڏي ۾ آفيس ويس مختيارڪار ڏند ڪرٽيندي مون کي اسٽامپ پيپر صحيح ڪري ڏنو .آئون اهو کڻي رات وڃي سوکرو ۾ رهيس ۽ صبح هڪ بجي کان اڳ ميرپورخاص پهتس.
ايئن ئي گهڻا سال پوء تقريبن 2006 ڌاري ڳوٺ ۾ اسان جي ورتل ٻنيء تي ڪجھ نام نهاد وڏيرن ڦڏو ڪرايو ۽ سامهين ڌر جي عورتن کي وٺي ڇاڇرو ۾ ڪوڙي پريس ۽ هٿراڌو بيان ڏياري مخالفت ڪئي ۽ آخر فيصلو تعلقي ناظم دلاور مالڪاڻي وٽ رکيو ويو.
سامهين ڌر ؛ڪجه با اثر ماڻھو ؛ آئون ۽ منهنجو ڀاء کيتومل حاضر ٿياسين. اسان پنهنجو موقف پيش پئي ڪيو ت مرحوم حيات هاليپوٽو ب آيو دروازي وٽ بيهي دلاور مالڪاڻي کي چيائين ت هي ڇوڪريا ٻئي سچا آھن باقي جيڪو ٽولو ويٺو آھي اهو سڄو فراڊي آھي .فيصلو الله لڳ ڪجان!!!
دلاور سڀني کي چيو ت ٻيلي فيصلو وڏيري ڪري ڇڏيو .هو اوهان جي ڳوٺ جو ۽ واقف آھي!
پوء فيصلو اسان جي حق ۾ ٿيو ڇو ت ٻنيء جي رجسٽري ٻ سال اڳ اسان جي نالي ٿي چڪي هئي .دعوي ڪندڙ ڌر جو ٻني ۾ ڪو حصو پتي ن هو.
ايئن ئي سال 2002 ڌاري جڏهن مون ؛آسن راٺوڙ ۽ هن جي ڀائٽي منهنجي دوست عبدالله هاليپوٽي کي پرائمري ماستري جا آرڊر مليا ت هي مٺي تائين اسان سان گڏ هليو ۽ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري آفيسن مان اسان جو ڪم بنا ڪنهن مٺائي ڏيڻ جي ڪرائي ڏنائين.
هاڻ اچون ٿا سندس تعارف تي.
پاڻ ڪنٺي جي ڌرتيء تي مبارڪ رند کان هيرار ويندڙ مين روڊ تي ڪانڪيو کان سڏ پنڌ تي آباد ڳوٺ حيات جو تڙ جي هڪ مارو ماڻھو محمد هاشم هاليپوٽو جي گهر جنم ورتو ۽ پرائمري جا ڪجھ درجا پڙھڻ کان پوء اٺين جي وڳ پويان جهنگ جا رستا لتاڙڻ لڳو.
هن کي شاه سائين جي شاعري سان لڳاء ھو .جهنگ ۾ رلندي بيت وايون ۽ ڪافيون جهونگاريندو رهندو هو.
مٽيء سان محبت هن کي مجاهد فورس ۾ ڀرتي ڪرايو ۽ 1971 واري جنگ ۾ هو صديق گجو جي ڪمانڊنگ ۾ سپاهي بنجي ڀارت جي فوج سان وڙھيو پوء ڇاڇري جي ڇيڳرين هوائن جي ذلفن جو اسير بنجي ڇاڇري ۾ رهي پيو.
ڪاروبار ۾ جڳياڻي واڻين جو حصيدار بنجي رهيو .ڪنري کان ڇاڇري تائين ڇڪڙي جو پهريون روڊ پرمٽ ب هن جي نالي سا جاري ٿيو.
ڇاڇري جي آفيسن ۾ غريب ۽ مسڪين ٿرين جو سهارو بنجي رهيو.
سياست جي شروعات مير کانڏي کان ڪيائين ۽ پوء ارباب امير حسن سان وابستا رهيو .ارباب غلام رحيم سميت هن خاندان ۽ پارٽي جا ماڻھو هن جو وڏو احترام ڪندا هيا ڇو ت هو هڪ اصول پرست ۽ سچار ماڻھو هو.هن ڪڏهن سون تي سيڻ مٽائڻ جي ريت ن اپنائي هئي.
منهنجي ڳوٺ داديو هاليپوٽو ۾ پرائمري اسڪول کولائڻ ان جي بلڊنگ منظور ڪرائڻ؛اسڪول کي اپگريڊ ڪري مڊل اسڪول ۾ ترقي ڏيارڻ ۽ ڪجھ پڙھيل لکيل نوجوانن کي تعليم ۽ پوليس کاتي ۾ نوڪريون وٺي ڏيڻ ۾ ھن جو وڏو ڪردار هو.
آخرڪار هي جاکوڙي ڪردار 84 ورهين جي ڄمار ۾ 3 آڪٽوبر 2012ع تي هن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو.
ڪڇي ڪاڇوٽي نانگن ٻڌي نينهن جي
جهڙا آيا جهان ۾ تهڙا ويا موٽي؛
تنين جي چوٽي پورب ٿيندي پڌري