The Chambar Observer

The Chambar Observer هي پيج چمبڙ جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽انهن جي حل لاءِ وڌ کا?

16/01/2024

خوشخبري
سنجرچانگ ۽ چمبڙ واسين لاءِ هڪ ٻي خوشخبري 17:01:2024 اربع واري ڏينهن کان اي سي وين سروس شروع ڪئي ويندي 🌹
سنجرچانگ کان حيدرآباد لاءِ هڪ ٻي سهولت صبح 7:00 بجي کان حيدرآباد لا پر آسائش اي سي ڊوم وين نڪرندي جيڪا اوھان کي 8:30am تي حيدرآباد پهچائيندي فلحال سنجرچانگ کان 7:00am
چمبڙ مان 7:30am ۽ ٽنڊو الهيار کان 8:00am تي نڪرندي جيڪا اوھان کي 8:30 بجي حيدرآباد پهچائيندي ،
حيدرآباد مين بس اڏو کان واپسي جو بهترين ٽائم 5:30 کان 6:00pm تي ٽنڊو الهيار 6:30pm تي چمبڙ ۽ 7:00pm تي سنجر چانگ پهچائيندي
ڪرايو به مناسب 400 روپيا
ڪجھ ڏينھن کان پوء ميرواه گورچاڻي کان سروس شروع ڪئي ويندي
رابطي لا ڊرائيور جو نمبر هيٺ ڏنل آهي
استاد محمد سومار
0315 7473717
سنجرچانگ ۽ چمبڙ جي دوستن کي گذارش آهي ته پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪن جئين هن سهولت جي خبر هر هڪ تائين پهچي

06/01/2024

چمبڙ پريس ڪلب جي سال 2024 جي باڊي چونڊي وئي، سرپرست اعلي ايڊووڪيٽ معشوق علي رند، حبيب مغل بنا مقابلي صدر چونڊجي ويو، ھادي بخش لغاري جنرل سيڪريٽري بڻجي ويو، تفصيل موجب چمبڙ پريس ڪلب جي سال 2024 جي باڊي چونڊي وئي، ايڊووڪيٽ معشوق علي رند جي سرپرستيءَ ۾ باڊي جو اعلان ڪيو ويو ، جنھن ۾ حبيب مغل بنا مقابلي صدر چونڊيو ويو ، جڏھن ته جنرل سيڪريٽري ھادي بخش لغاري، سينيئر نائب صدر اشرف مڱريو، نائب صدر مولچند ڪولھي، ورڪنگ ڪاميٽي جو چيئرمين جنيد جبار دائودپوٽو ، خزانچي پرويز ڪالرو، ارشاد ملڪ اطلاعات سيڪريٽري، دليپ ڪمار ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، راشد عباسي سوشل ميڊيا سيڪريٽري، ساجد صديقي آفيس سيڪريٽري، جڏھن ته خالد حسين صديقي، ماجد آريسر، اشرف امر لغاري، ۽ اڪرم عمراڻي ميمبر چونڊيا ويا.

12/02/2023

ٽنڊو الهيار جي نون ڀرتي ٿيل استادن پاران گسٽا ۽ پ.ٽ.ا جي سخت بائيڪاٽ جو چتاءُ

12/02/2023

نون ڀرتي ٿيل استادن پاران ڊي اِي او آفس، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس اڳيان ڌرڻي لاءِ به مشاورتي. اتفاق راءِ بعد احتجاجي ڌرڻي جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.


12/02/2023

نون ڀرتي ٿيل استادن جون پگهارون اڃان نه ٿي سگهيون. استاد مايوسي جو شڪار.
چمبڙ تعلقي جي پرائمري ۽ جي اي ايس ٽي استادن پر امن ڌرڻي تي غور.





13/06/2022
سانون مين سنڌي هاءِ اسڪول بُلا ڪي، رياض ماهي، ڪٿي رهه گيا!ٽنڊوالهيار جي پي ايس ٽي اميدوارن ۾ پوسٽنگ آرڊر ورهائڻ لاءِ 4بج...
27/05/2022

سانون مين سنڌي هاءِ اسڪول بُلا ڪي، رياض ماهي، ڪٿي رهه گيا!

ٽنڊوالهيار جي پي ايس ٽي اميدوارن ۾ پوسٽنگ آرڊر ورهائڻ لاءِ 4بجي مين سنڌي هاءِ اسڪول ۾ گهرائي انتظاميا اڃا پاڻ به گُم آهي.
25-30 شاگردن جي ويهڻ جي گنجائش واري هال ۾ سوا سو، ڏيڍ سو اميدوارن کي ڪيئن ويهاريندا! سائنس هال ۾ جڳھ ناڪافي هجڻ جي ڪري اميدوار پريشان ۽ ميدان ۾ بيهڻ تي مجبور 🙁

اميد ته هن خواري ڪرائڻ کانپوءِ، اڄ ئي سڀني اميدوارن ۾ پوسٽنگ آرڊر ورهائي ڇڏيندا ته جيئن اميدوار پوسٽنگ آرڊر وٺڻ لاءِ وڌيڪ تنگي کان بچي سگهن!
سڀني اميدوارن لاءِ نيڪ تمنائون

25/05/2022

جاڳ مٺا اوڏ جاڳ، جاڳ رياض ميمڻ جاڳ،
توکي ڊيوٽي ٿي سڏڙا ڪري...

سستي ڇڏيو جلدي جلدي ڪم ڪريو... تعلقي چمبڙ جي سڀني (صرف 22) نياڻين کي آفر آرڊر ڏيو.
۽ ٽنڊو الهيار جي انھن سڀني اميدوارن کي جوائننگ ڏيو جن کي آفر ليٽر ڏنا اٿئو.... روز سکڻا آسرا ڇڏيو

Address

Chambar

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when The Chambar Observer posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share