17/10/2025
ميهڙ : پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع دادو جي انفارميشن سيڪريٽري مير صدام ٻلهڙو سان سندس چاچا جي وفات تي تعزيت جو سلسلو جاري آهي اُن سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ ڪارڪنن جي سڃاڻپ سينيٽر عاجز ڌامراهه صدر پاڪستان پيپلزپارٽي حيدرآباد ڊويزن پنهجي ساٿين اياز علي ٻرڙو، نادر لاکير سميت ميهڙ پهتا ۽ سندس رهائش گاه پهچي مرحوم چاچا جي وفات تي تعزيت ڪئي.
ان موقعي تي پيپلز پارٽي اڳواڻ اڪبر کوسو، رئيس غلام رسول ڏاڏو چانڊيو، واجد علي ملاح سينئر نائب صدر پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن ضلع دادو ،عدنان نور سولنگي، وسيم چانڊيو صدر پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن سٽي ميھڙ ، سيد ماجد علي شاھ، رفيق پنھور، سعيد ٻگهيو ،زوهيب ٻلهڙو ،ڊاڪٽر سعيد ڪمال مھيسر ،ظهير عباس پنھور، زاهد لغاري ۽ ٻيا پارٽي ورڪر پِڻ موجود هُيا.