Press Club Tando Rahim khan

Press Club Tando Rahim khan ڪاڇي واسين جو حقيقي ترجمان پريس ڪلب ٽنڊو رحيم خان

الحمدلله! ✨🌙اڄ اسان پنهنجي نئين ٽريول اينڊ ٽور ايجنسي جو باقاعده آغاز ڪيو آهي. 🤲❤️اسان وٽ توهان جي سفر کي آسان ۽ آرامده ...
29/08/2026

الحمدلله! ✨🌙

اڄ اسان پنهنجي نئين ٽريول اينڊ ٽور ايجنسي جو باقاعده آغاز ڪيو آهي. 🤲❤️

اسان وٽ توهان جي سفر کي آسان ۽ آرامده بڻائڻ لاءِ مختلف سهولتون موجود آهن:

🕋 عمره جون سهولتون
🕌 حج جون سهولتون
✈️ ايئر ٽڪيٽس جي بُڪنگ
🏨 هوٽل بُڪنگ جي سهولت

اسان جي ڪوشش آهي ته توهان جي مقدس سفر کي آسان، آرامده ۽ يادگار بڻايون. �
رابطي لاء عمران جمالي
ٽنڊو رحيم خان

28/08/2026

دادو ۾ مرغي 400 روپيا ڪلو
ٽنڊو رحيم خان ۽ ڀرپاسي 600 روپيا ڪلو
ھٿرادو مھانگائي تي ڪير نوٽيس وٺندو

28/08/2026

ڳوٺ خان محمد جمالي جي رهواسين خميسو جمالي. امام بخش جمالي ۽ ٻين ڪاڇي م ڪم ڪندڙ ڪمپنين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو
مظاهرو ڪندڙن چيو ته اسان جي لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪيا ويا آهن
احتجاج ڪرڻ تي گاجي شاھ ٿاڻي جو ايس ايڇ او نياز ٻرڙو اسان کي ڪوڙن ڪيسن م ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي
اسان جي احتجاج جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

28/08/2026

ضلع دادو پوليس
مورخہ: 27 آگسٽ 2026

دادو: کيرٿر رينج سنڌ-بلوچستان سرحدي پٽي ۾ واقع پولش آئل اينڊ گيس فيلڊ جي سيڪيورٽي جو اعليٰ سطحي جائزو، ضلعي دادو ۾ CTD يونٽ جي قيام بابت معاملن جو بہ جائزو ورتو ويو

ايڊيشنل آءِ جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (CTD) سنڌ ذوالفقار علي لاڙڪ، ڊي آءِ جي CTD سنڌ غلام اظفر مهيسر، ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو، ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي ۽ ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا ضلعي دادو ۾ کيرٿر جبلن ۾ واقع پولش آئل اينڊ گيس فيلڊ جو دورو ڪيو

دوري جي موقعي تي ڪمپني انتظاميا پاران اعليٰ پوليس آفيسرن جي آجيان ڪئي وئي ۽ کين آئل اينڊ گيس فيلڊ جي سيڪيورٽي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي

پوليس آفيسرن فيلڊ ۾ مقرر سيڪيورٽي نفري، دستياب وسيلن، حفاظتي انتظامن ۽ علائقي جي جاگرافيائي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو

ان موقعي تي حساس تنصيبات جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ، ڪنهن به امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ ۽ سيڪيورٽي انتظامن کي جديد گهرجن مطابق بهتر بڻائڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي دادو ۾ اهم تنصيبات ۽ غير ملڪي ڪمپنين جي سيڪيورٽي انتظامن کي مؤثر بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم يقيني بڻايا پيا وڃن، جڏهن ته سيڪيورٽي ادارن ۽ ڪمپني انتظاميا وچ ۾ گڏيل رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو

ان موقعي تي ضلعي دادو ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (CTD) يونٽ جي قيام بابت پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان سلسلي ۾ CTD يونٽ جي قيام لاءِ گهربل انتظامن، دستياب وسيلن، اسٽاف، عمارت ۽ ٻين ضروري معاملن جو معائنو ڪيو ويو

پوليس آفيسرن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ضلعي دادو سميت اهم تنصيبات ۽ حساس هنڌن جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، دهشتگردي جي امڪاني خطرن جي مؤثر روڪٿام ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آندا ويندا.

ميڊيا سيل
ڊسٽرڪٽ پوليس دادو

26/08/2026

ٽنڊو رحيم خان

12 ربيع الاول جي بابرڪت موقعي تي اهل سنت والجماعت ٽنڊو رحيم خان پاران عبدالجليل چانڊيو شبير احمد چانڊيو ۽ راڻو خان برهماڻي جي اڳواڻي ۾ عاشقان رسول ﷺ پاران شاندار ريلي ڪڍي وئي

24/08/2026

ٽريڪٽر ڪلٽي ڊرائيور فوت
قبصو ويجھو ٽريڪٽر ڪلٽي ٿيڻ سبب ڊرائيور فوت
رپورٽ مرتضا لاشاري
سنڌ ٽي وي نيوز ٽنڊو رحيم خان

19/08/2026

ٽنڊو رحيم خان ٿاڻي ته مقرر ايس ايڇ او صبح موٽر سائيڪل نه بيهارڻ واري معاملي تان کنڌاني واسي نوجوان ھوٽل ته مزدوري ڪندڙ جبار کي مبينا طور کڻي وڃڻ بعد گم ڪري ڇڏيو
ذريعا
Sindh Police DADU POLICE

وارثن جي ڳولادادو ڀرسان پاٽ شريف واري علائقي ۾ *ھڪ 50 سالا عورت لاوارث حالت ۾ ھٿ آئي آهي جيڪا ڳالھائڻ ۽ پنھنجي باري ۾ ڪج...
18/08/2026

وارثن جي ڳولا

دادو ڀرسان پاٽ شريف واري علائقي ۾ *ھڪ 50 سالا عورت لاوارث حالت ۾ ھٿ آئي آهي جيڪا ڳالھائڻ ۽ پنھنجي باري ۾ ڪجھ ٻڌائڻ کان قاصر آھي*.
ھٿ آيل عورت ھن وقت رڪڻ ٿاڻي جي پوليس وٽ حفاظت ۾ آھي. ڪوبہ شخص کيس کي سڃاڻندو ھجي يا سندس وارثن بابت ڄاڻ ملي تہ في الفور دادو پوليس کي اطلاع ڪندا.

رابطي لاءِ نمبر
03192997008
03273131282
03342208836

پاران: ڊسٽرڪٽ پوليس دادو

18/08/2026

ٽنڊو رحيم خان وڻن ني واڍي جاري
لاڳاپيل عملدارن ڪا به ڪاروائي نه ڪئي
رپورٽ اسماعيل شاھاڻي ٽائم نيوز ٽنڊو رحيم خان

18/08/2026

ٽنڊو رحيم خان ڇني روڊ تي وڻن جي واڍي بعد لوڊنگ جاري وڻن جي واڍي خلاف سخت حڪم جاري ڪندڙ ايس ايس پي دادو جي ٽيم بي خبر ۽ لاتعلق بڻيل
DADU POLICE
Deputy Commissioner/Collector Dadu- Official

Address

Dadu
90250

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Press Club Tando Rahim khan posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Press Club Tando Rahim khan:

Shortcuts

Share