Sindh Issues Plus +

Sindh Issues Plus + Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Sindh Issues Plus +, Media, Dadu.

27/08/2021

دادو ( رپورٽ ) فراڊ ڪيس ۾ جوابدار اياز سومرو کي 6 سال قيد جي سزا

دادو: فرسٽ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ محمد اشرف ڏهراج جي عدالت جوابدار اياز سومرو عرف ڊان گولو کي 6 سال قيد 90 هزار روپيه ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو.

دادو: جوابدار موٽر سائيڪل اسڪيم ذريعي ماڻهن سان اربين روپين جو فراڊ ڪيو.

دادو: عدالت ڊان گولو اياز سومرو کي 2 ڪيسن ۾ 3 ،3 سال قيد ۽ 45,45 هزار روپيه ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو.

دادو: جوابدار اياز سومرو خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي فريادي ذاڪر سومرو ۽ جمال الدين سولنگي کي ڪوڙا چيڪ ڏيڻ جا ڪيس داخل هئا.

دادو: اياز سومرو عرف ڊان گولو خلاف دادو جي عدالتن ۾ فراڊ جا 10 کان وڌيڪ ڪيس هلي رهيا آهن.

دادو: اياز سومرو گذريل 3 سالن کان جيل ۾ آهي ۽ مهيني جي 30 ڏينهن مان 10 ڏينهن عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي.

دادو: سندس خلاف مختلف ٿاڻن تي فراڊ جا 17 ڪيس داخل ڪيا ويا جن مان ڪجهه ڪيسن تان فريادي هٿ کڻي ويا.

دادو: اياز سومرو کي هن کان اڳ به هڪ ڪيس ۾ 2 سال قيد جي سزا لڳي چڪي آهي.

دادو: سزا جو فيصلو ٻڌائڻ بعد جوابدار کي واپس ڊسٽرڪٽ جيل دادو منتقل ڪيو ويو.

06/08/2021
26/07/2021

لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ لاڳيتو هن قسم جي خطرناڪ صورتحال جو ڊائريڪٽر ڪير آهي؟
قيدين جي زباني پاڻ ئي ٻڌي وٺو.....
هاڻي ڏسجي تہ سنڌ حڪومت جيل ۾ هن قسم جا هنگاما ڪرائي حمايت حاصل ڪندڙ معطل جيل سپرنٽنڊنٽ لياقت پيرزادي خلاف وڌيڪ ڪهڙي ڪارروائي ڪري ٿي...

پبلڪ هيلٿ کاتي دادو اسمبلی میمبرن جي ناقص پلاننگ ۽ ڪرپشن سبب جوهي واسين کي  اٽلي سرڪار پاران ڏنل  واٽر سپلاءِ اسڪيم کي گ...
19/07/2021

پبلڪ هيلٿ کاتي دادو اسمبلی میمبرن جي ناقص پلاننگ ۽ ڪرپشن سبب جوهي واسين کي اٽلي سرڪار پاران ڏنل واٽر سپلاءِ اسڪيم کي گاج جي پاڻي تباهه ڪري ڇڏيو،4 ڏينهن کان اسڪيم بند هجڻ ڪري شهر ۾ پيئڻ جو پاڻي جو بحران، قهر جي گرمي شهري سخت پريشان، پئسن تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور.اسمبلی میمبرن پبلک ھیلت دادو اٽلي سرڪار پاران جوهي شهر جي رهواسين کي پاٹی لاء اسکیم ویجھو قائم بجائی ڪاڇي جي شهر بازمال کوسو مان زير زمين بورن ذريعي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ڏنل اسڪيم کي نئن گاج جي پاڻي تباهه ڪري ڇڏيو، شهر ۾ چار ڏينهن کان واٽر سپلاءِ بند هجڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. قهر جي گرمي پاڻي لاءِ پريشان شهري مجبوري مان پئسن تي پاڻي خريد ڪري رهيا آهن.سياسي،سماجي اڳواڻن شھرین واٽر سپلاءَ اسڪيم جي لاءِ اٽلي سرڪار 18 ڪروڙ، 5 ڪروڙ سنڌ سرڪار ڏنا جڏهن ته ان پئسن باوجود 4 ڪروڙ ٽائون ڪاميٽي جي فنڊ مان پائپ لائڻ تي خرچ ڪيا ويا، پر افسوس جو پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ چونڊيل نمائيندن جي ڪرپشن، ناقص پلاننگ ۽ نااهلي سبب نئن جي وهڪري واري هنڌ واٽر سپلاءِ جا بور ڪيا ويا، جنهن ڪري نئن گاج جي آيل پاڻي ٽيوب ويلن کي نقصان پهچائڻ سان گڏ زمين ۾ غلط طريقي سان وڇايل پائپ لائن کي اکيڙي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اسان اسڪيم جي ڪم شروع ٿيڻ کان ناقص پلاننگ خلاف احتجاج ڪنداياسين پر افسوس جو اسان جي ڪنهن به نه ٻڌي. هنن ڊي سي دادو کان گهر ڪئي ته شهر ۾ ٽئنڪرن ذريعي پاڻي فراهم ڪري پاڻي جو بحران خرم ڪيو وڃي. شهرين مطالبو ڪيو ته ناقص پلاننگ ڪري اسڪيم جي آڙ ۾ ڪرپشن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس نيب ۽ وس وارا نوٽيس وٺي ملوث ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪن.

پوليس موبائيل ۾ چرس کڻي ويندڙ ڄامشورو پوليس جا اھلڪار رينجرز ھٿان سوگھا
19/07/2021

پوليس موبائيل ۾ چرس کڻي ويندڙ ڄامشورو پوليس جا اھلڪار رينجرز ھٿان سوگھا

18/07/2021
17/07/2021
03/07/2021

تعلقه اسپتال ميهڙ جي ڪروڙن جي بجيٽ ڪاڏي ٿي وڃي ڪلھ لاوارث لاش لاء ايمبولينس نه ملي اڄ 24 ڪلاڪن تائين لاواراث لاش جو پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو اسپتال ۾ سرد خانو ڪونهي هينئر هينئر اسان جي اڳيان ڪاريهر نانگ جي ڏنگيل معصوم نياڻي کي واپس ڪيو ويو ته ڪاريهر نانگ جو اسان وٽ علاج ڪونهي آخر ميهڙ جو والي وارث ڪير ٿيندو ۽ ميهڙ جي ادارن ۾ قانوني رٽ ڪڏهن بحال ٿيندي..

02/07/2021

سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن کي جولاء مھيني جي %20 واڌ واري پگھار عيدالاضحي جي ڪري 17 کان 19 جولاء تائين ملڻ جا امڪان آھن

02/07/2021

ھتي اچي نمونا ڪري ٿا وڃن
😜
چاچو صفا جذباتي لڳو پيو آھي
😂

Address

Dadu
76200

Telephone

+923333888431

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh Issues Plus + posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category