22/07/2026
🚨 ڪاڇي جي نوجوان نسل کي نشي کان بچايو! 🚨
قصبو شهر ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ مبينا طور تي نشي آور شين جي وڪري جون شڪايتون وڌي رهيون آهن، جنهن سبب اسان جي نوجوان نسل جو مستقبل تباهيءَ طرف وڃي رهيو آهي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اهڙي سنگين مسئلي تي لاڳاپيل ادارن جي خاموشي عوام لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب بڻجي رهي آهي.
قصبو جي ايس ايڇ او صاحب کي عاجزانه اپيل آهي:
خدارا ڪاڇي جي عوام ۽ خاص طور تي نوجوان نسل تي رحم ڪيو. نشي آور شين جي وڪري خلاف فوري ۽ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، منشيات فروشن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي ۽ قصبو شهر توڙي ڀرپاسي وارن ڳوٺن کي هن لعنت کان پاڪ ڪيو وڃي.
اسان ڪنهن سان ذاتي دشمني نٿا رکون، پر پنهنجي نوجوان نسل جو مستقبل بچائڻ لاءِ آواز بلند ڪرڻ هر باشعور شهري جو فرض آهي.
📢 اچو ته گڏجي نشي خلاف آواز اٿاريون، پنهنجي نوجوانن ۽ پنهنجي معاشري کي بچايون.
#قصبو