SiNDHeYe

SiNDHeYe سندھ کا پہلا بڑا اردو ڈجیٹل ٹی.وی ہر خبر پر آپ کی نظر SiNDHeYs is a news organization committed to providing current Affairs

All press clubs worldwide are being given free live access so they can immediately convey news from their regions directly to the higher authorities and the general public.

07/09/2026

دادو يومِ دفاع تي ڊيـفینڈرس آف پاڪستان آرگنائيزيشن جي پروقار تقريب، شهيدن ۽ غازين کي زبردست ڀيٽا

دادو:(بيورورپورٽ:) 6 سيپٽمبر يومِ دفاعِ پاڪستان جي موقعي تي ڊيـفینڈرس آف پاڪستان آرگنائيزيشن ضلع دادو پاران دادو جي مقامي شادي حال ۾ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ پاڪ فوج جي بي مثال قربانين، بهادري ۽ وطن جي دفاع لاءِ شهيدن ۽ غازين جي لازوال خدمتن کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو تقريب ۾ ڊي پي او حيدرآباد ڊويزن جي وائيس چيئرمين عرفان علي چانڊيو مهمانِ خاص طور شرڪت ڪئي، پروگرام جي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ قومي ترانو پيش ڪيو ويو ۽ شرڪت ڪندڙ احترام طور بيهي قومي ترانو ٻڌو حيدرآباد کان ڪھي آيل مهمانِ خاص عرفان علي چانڊيو کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ، سنڌي ٽوپي ۽ گلن جا هار پارائي شاندار آجيان ڪئي وئي تقريب کي خطاب ڪندي ڊويزنل وائيس چيئرمين عرفان علي چانڊيو چيو ته 6 سيپٽمبر 1965ع پاڪستان جي تاريخ جو عظيم ۽ يادگار ڏينهن آهي، جڏهن پوري قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوجن سان گڏجي دشمن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻايا مقررين چيو ته شهيدن جو رت ۽ غازين جي بهادري قوم لاءِ هميشه مشعلِ راهه رهندي، پاڪستاني قوم ملڪ جي سلامتي، خودمختياري ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي هٿياربند فوجن سان هر ڏکي گهڙي ۾ متحد بيٺل آهي تقريب جي پڄاڻي تي پاڪستان جي سلامتي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي، جڏهن ته شهيدن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو ۽ نون چونڊيل عهديدارن ۾ نوٽيفڪيشن پڻ ورهايا ويا تقريب ۾ ضلعي چيئرمين منير احمد ملاح، سينيئر وائيس چيئرمين منظور حسين مستوئي، وائيس چيئرمين احسان علي ملاح، چيف آرگنائيزر محمد يوسف ملاح، آرگنائيزر علي بخش گوپانگ، جنرل سيڪريٽري عديل احمد منگي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مشتاق احمد ملاح، جوائنٽ سيڪريٽري شهباز علي خاصخيلي، پريس سيڪريٽري حاڪم علي منگي، فنانس سيڪريٽري اسدالله چانڊيو، آفيس سيڪريٽري امتياز علي ملاح، ڊائريڪٽر ڪمپليٽ سيل سجاد علي سولنگي سميت ٻين عهديدارن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

07/09/2026

دادو ۾ ٽن ٻارن جي ماءُ جي اغوا ڪيس ۾ نوجوان کي ڦاسائڻ جو الزام، گهر تي قبضو ۽ لکين روپين جي سامان جي ڦرلٽ خلاف ريما سان پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان نثار جي ماء جو احتجاج

دادو شهر جي جڳت آباد ڪالوني جي رهواسڻ پيرسن عورت مسمات مومنت خاتون، زال الله بخش پنهور، دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته سندس پٽ نثار احمد پنهور کي ريما جي مڙس ڪليم الله جانوري ۽ ٻين مبينا طور ڦاسايو آهي، جڏهن ته سندس گهر تي قبضو ڪري لکين روپين جو سامان ۽ سون به کڻي ويا آهن ۽ سندس هڪ ٻيو پٽ محسن پنهور مبينا طور گم آهي، مسمات مومنت خاتون چيو ته سندس پٽ نثار احمد پنهور جي ڪليم الله جانوري سان گهڻي دوستي هئي، جنهن تي هن ڪيترائي ڀيرا ڪليم الله جانوري ۽ سندس گهرڀاتين کي منع ڪئي ته سندس پٽ کي پنهنجي گهر اچڻ وڃڻ کان روڪيو وڃي، پر ڪنهن به سندس ڳالهه نه مڃي، هن الزام هنيو ته سندس پٽ نثار پنهور ڪليم الله جانوري کي ٽي ٻوريون ڪڻڪ جون ڏنيون، جنهن تي هن پنهنجي پٽ ۽ ڪليم الله سان جهيڙو پڻ ڪيو، هن چيو ته سندس پٽ جي موٽرسائيڪل به ڪليم الله وٽ موجود آهي ۽ هو سندس پٽ کي پنهنجي ڳوٺ به وٺي ويندو هو، جڏهن ته مختلف وقتن تي سندس پٽ کان هزارين روپيا پڻ ورتا ويندا هئا، پيرسن عورت چيو ته هن ريما ۽ سندس مڙس جي گهر وڃي ڪيترائي ڀيرا کين چيو ته سندس پٽ کي نه ڦاسايو وڃي، پر آخرڪار مبينا طور ڊرامو رچائي سندس پٽ جي ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ کيس ٽن ٻارن جي ماءُ جي اغوا واري ڪيس ۾ ڦاسايو ويو، هن وڌيڪ چيو ته ريما پنهنجي وڊيو بيان ۾ پاڪ ڪلام تي هٿ رکي اهو بيان ڏنو آهي ته هوءَ پنهنجي مرضي ۽ خوشي سان وئي آهي، پوءِ به سندس وارثن، ڪليم الله جانوري ۽ ٻين مبينا طور سندس جڳت آباد واري گهر تي حملو ڪيو
مومنت خاتون الزام هنيو ته مخالفن سندس پٽ محسن پنهور کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ گهر ۾ پيل سندس ڌيءَ جي ڏاج سان ڀريل چار پيتون، ٻه موٽرسائيڪلون، لڳ ڀڳ 15 لک روپين جو سون، سولر پليٽون، ٽي بيٽريون ۽ گهر ۾ موجود ٻيو سامان کڻي ويا، جڏهن ته هن وقت به سندس گهر تي مبينا طور قبضو ڪري ويٺل آهن،
هن خدشو ظاهر ڪيو ته سندس پٽ محسن پنهور کي گم ڪري کيس نقصان پهچايو ويو آهي، هن چيو ته ڪليم الله جانوري، نصرالله جانوري، اسدالله جانوري، سجاد جانوري، گلشن، گلزار، مختيار جانوري ۽ ٻين خلاف سندس گهر مان لکين روپين جي روڪ رقم، سون ۽ ٻيو سامان کڻي وڃڻ جا الزام آهن،
پيرسن عورت وڌيڪ الزام هنيو ته سندس نياڻو ممتاز لغاري پڻ جانوري برادري جي ماڻهن سان ملي ڪري کيس وڌيڪ نقصان پهچائي رهيو آهي هن چيو ته مخالف ڌر ۽ سندس نياڻو کيس ۽ سندس پٽن کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب سندس خاندان خوف ۽ عدم تحفظ جو شڪار آهي، هن چيو ته مخالفن مبينا طور سندس لڳ ڀڳ ٻن ڪروڙ روپين جي گهر تي به قبضو ڪري ورتو آهي ۽ سندس پٽ محسن پنهور کي گم ڪيو ويو آهي،
مسمات مومنت خاتون آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس گهر تي مبينا قبضو ڪندڙن، گهر مان سامان ۽ قيمتي شيون کڻي وڃڻ وارن ۽ سندن مبينا سهولتڪار ممتاز لغاري خلاف ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو وڃي، قبضو ختم ڪرائي سندس سامان واپس ڪرايو وڃي، گم ٿيل پٽ محسن پنهور کي بازياب ڪرائي کيس ۽ سندس خاندان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

#دادو

06/09/2026

ڄامشورو: 6 ڪلاڪن کان مسلسل المنظر روڊ حيدرآباد باء پاس مٽياري ويندڙ رستو پڻ مڪمل بند ڪيتريون ئي ايمبولنسون سميت مسافر گاڏيون ڦاٿل عوام سخت پريشان ضلع ڄامشورو جي پوليس ٽريفڪ پوليس بيوس بڻيل

06/09/2026

دادو مان ٽن ٻارڙن جي ماء ريما جانوري جي پراسرار گمشدگي بعد شادي جي خبرن تي ريما جي ماء، پيء ان جي ڌيء ۽ مڙس پاران احتجاج

05/09/2026

دادو مان 3 ڏينهن اڳ ٽن ٻارڙن جي ماء ريما جانوري جي پراسرار نموني گم ٿيڻ جو ڊراپ سين

دادو: ريما جانوري دادو واسي نثار پنهور سان پنجاب جي علائقي صادق آباد جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪرڻ جي دعوي ڪري ڇڏي

دادو: ريما جانوري وڊيو بيان ۾ ڄاڻايو ته اڳوڻو مڙس شڪ،تشدد ڪندو هيو 6 مهينا اڳ زباني طلاق پڻ ڏني هئي، نثار پنهور کي پسند ڪندي هيس ان سان پسند جي شادي ڪئي آهي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو

دادو: ريما جانوري الزام لڳايو ته مامن نصرالله، گلشن گلزات ۽ ڀاء سجاد مان جان کي خطرو آهي

دادو: پريمي جوڙي ڄاڻايو ته مائٽن پاران ڪوڙا اغوا جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن اسان پنهجي مرضي سان پسند جي شادي ڪئي آهي

#دادو #پسند

دادو مان ٽن ٻارڙن جي ماءُ ريما جي پراسرار گمشدگي جو ڊراپ سين...See more
05/09/2026

دادو مان ٽن ٻارڙن جي ماءُ ريما جي پراسرار گمشدگي جو ڊراپ سين...See more

05/09/2026

دادو ۾ استادن جو سروس اسٽريڪچر ۽ جائز مطالبن جي مڃتاءُ لاء پ.ٽ.الف تعلقه دادو جي سڏ تي دادو پريس ڪلب آڏو عمران ڪورائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج

جئين ته مرکپور محلي جو رھواسي 12 سالا نينگر نصير ولد پورھيت نظير ٻٻر   ڪالھ صبح کان گم ٿي ويو آهي جنهن جو اطلاع بي سيڪشن...
04/09/2026

جئين ته مرکپور محلي جو رھواسي 12 سالا نينگر نصير ولد پورھيت نظير ٻٻر ڪالھ صبح کان گم ٿي ويو آهي جنهن جو اطلاع بي سيڪشن ٿاڻي تي ڏنو ويو آهي پر نينگر نه ملي سگھيو آهي جنهن ڀاء ھٿ اچي ھن نمبر
03147104806 يا ٿاڻي تي اطلاع ڪري ھي پوسٽ شيعر ڪيو جئين پريشان والدين کي نينگر ملي سگهي

دبئي: پيپلزپارٽي اڳواڻن ضلع ۽ صوبائي اڳواڻن جي مان ۾ قربان علي بروهي پاران دبئي ۾ آجياڻو، ثقافتي سوکڙين جا تحفا پيشدبئي:...
04/09/2026

دبئي: پيپلزپارٽي اڳواڻن ضلع ۽ صوبائي اڳواڻن جي مان ۾ قربان علي بروهي پاران دبئي ۾ آجياڻو، ثقافتي سوکڙين جا تحفا پيش

دبئي: ايم اين اي دادو جوهي، صوبائي اڳواڻ پيپلزپارٽي سردار رفيق احمد جمالي، سردار زبير احمد جمالي، سردار سعيد احمد جمالي ۽ سردارزاده عامر فاروق جمالي جي مان ۾ بلوچستان جي سينئر صوبائي وزير علي حسن زهري جي ننڍي ڀاءُ قربان علي بروهي پاران دبئي ۾ آجياڻو ڏنو ويو.

ان موقعي تي قربان علي بروهي پاران معزز مهمانن جي مانَ ۾ شاندار آجياڻي جو اهتمام ڪيو ويو، جڏهن ته سردار رفيق احمد جمالي، سردار زبير احمد جمالي، سردار سعيد احمد جمالي ۽ سردارزاده عامر فاروق جمالي کي سنڌ جي ثقافت جي عڪاسي ڪندڙ ثقافتي سوکڙين جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.

آجياڻي دوران مهمانن ۽ ميزبان وچ ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته هڪ ٻئي سان ڀائپي، محبت ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو ويو.

تقريب دوران خوشگوار ماحول رهيو ۽ شرڪت ڪندڙن پاران ميزبان قربان علي بروهي جو آجياڻي ۽ ثقافتي سوکڙيون پيش ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ويا.

#دبئي #دادو #جمالي

04/09/2026

لاڙڪاڻي جي گڏهن گاڏي واري ماسترياڻي سان شادي لاءِ نوٽن جو هار پائي تصوير کڻي پريس ڪلب اڳيان ويهي رهيو، پورهيت هدايت الله بگٽي جو چوڻ آهي ته زخسانا نالي ماسترياڻي ميسنجر تي Hi ڪيو دوستي رکي جنهن کان پوءِ هن شادي لاءِ چيو، رخسانا چيو ته اڄ تون گهران نڪري اچ ته شادي ڪيون جنهن کان پوءِ هار پائي انتظار ڪيو پر هو نه آئي آهي offline ٿي وئي آ جنهن سبب سخت پريشان آهيان

Address

Dadu
76200

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when SiNDHeYe posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to SiNDHeYe:

Shortcuts

Share