SiNDHeYe

SiNDHeYe سندھ کا پہلا بڑا اردو ڈجیٹل ٹی.وی ہر خبر پر آپ کی نظر SiNDHeYs is a news organization committed to providing current Affairs

All press clubs worldwide are being given free live access so they can immediately convey news from their regions directly to the higher authorities and the general public.

دادو(ڊيسڪ رپورٽ، ايس ايم لغاري) دادو جي يوسي پيرشاهنواز ۾ ضمني اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي ميدان کٽي ورتوپيپلزپارٽي جو اميدوار 2...
24/09/2025

دادو(ڊيسڪ رپورٽ، ايس ايم لغاري)
دادو جي يوسي پيرشاهنواز ۾ ضمني اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي ميدان کٽي ورتو
پيپلزپارٽي جو اميدوار 2144 ووٽ کڻي ضلع ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو جڏهن ته آزاد اميدوار اقبال ڀنڊ 215 ووٽ کنيا ۽ ٽي ايل پي اميدوار کي 117 ووٽ مليا

24/09/2025
چماٽ وارو معاملو: باري پتافي شاگرد کان معافي وٺي ڇڏي
24/09/2025

چماٽ وارو معاملو: باري پتافي شاگرد کان معافي وٺي ڇڏي

24/09/2025

اڳوڻي صوبائي وزير باري پتافي شاگرد کي چماٽ وهائي ڪڍي

ڪراچي(ڊيسڪ رپورٽ، ايس ايم لغاري)  پئٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين باري پتافي شاگردن جا مسئلا ٻڌڻ بدران موبائيل ...
24/09/2025

ڪراچي(ڊيسڪ رپورٽ، ايس ايم لغاري) پئٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين باري پتافي شاگردن جا مسئلا ٻڌڻ بدران موبائيل کسي چماٽ وهائي ڪڍي

سنڌ ۾ سرڪاري اسڪولن ۽ آفيسن ۾ ٻئي ڏينھن بہ ھڙتال، سنڌ ايمپلائيز الائينس جا مظاھرا ۽ ڌرڻا
24/09/2025

سنڌ ۾ سرڪاري اسڪولن ۽ آفيسن ۾ ٻئي ڏينھن بہ ھڙتال، سنڌ ايمپلائيز الائينس جا مظاھرا ۽ ڌرڻا

23/09/2025

دادو: جاني جنيد جي ماءُ دادو ۾ جيتو جمالي وٽ معافي وٺڻ پهتي، جيتو جمالي معاف ڪري ڇڏيو

دادو(رپورٽ: مهراڻ چنہ) سوشل ميڊيا تي ماڻهن جي ڪردارڪشي ڪندڙ جاني جنيد جي ماءُ پٽ مٿان ڪيسن جي معافي لاءِ جيتو جمالي جي ڳولها ۾ دادو پهتي جاني جنيد خلاف ايف آءِ اي ۽ مختلف ٿاڻن تي ڪردارڪشي ۽ گارگند جا 9 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن.
ملاقات دوران سينئر صحافي ڪامران ڪورائي ۽ صحافي ديدار شيخ ڳالهين ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو جيتو جمالي وڏي دل جو مظاهرو ڪندي جاني جنيد جي ماءُ کي سنڌي ثقافت موجب اجرڪ پارائي عزت بخشي مانُ ڏيندي معاف ڪيو
جيتو جمالي سنڌآءِ نيوز سان ڳالهائندي چيو ته جنهن به مونسان ڪئي منهجي ڪردار ڪشي ڪئي منهجي ليڊرشپ خلاف ڳالهايو، قدرت ان کي سزا ڏني، پر ماءُ هر حال ۾ ماءُ هوندي آهي، چاهي ڪنهن جي به هجي. ان موقعي تي جاني جنيد جي ماءُ خاطري ڪرائيندي چيو ته سندس پٽ جاني جنيد کي هاڻ پنهنجي غلطيءَ جو احساس آهي، ۽ جيڪي به ماڻهون کيس ڀڙڪائي رهيا هئا دادو جيتو ۽ ٻين معززين جي ڪردار ڪشي لاء، انهن جا نالا به ظاهر ڪيا ويندا.
هن وڌيڪ چيو ته دادو جي ماڻهن وٽ عزت ملي ۽ مايوس ٿي دادو ٽس جيتو جمالي کلائي کيس خوش ڪري واپس موڪليو. هوءَ سڀني لاءِ دعاگو آهي.

مهراڻ چنہ
سنڌآءِ نيوز/دادو

23/09/2025

جوهي: حضرت سيد نجف علي شاهه لڪيارَي جي سالياني عرس جون رونقون، ملاکو شروع
جوهي(رپورٽ: اسلم سومرو) جوهي شھر ۾ سنڌ جي مشهور ولي حضرت سيد نجف علي شاهه لڪيارَي جو ساليانو عرس ٽئي ڏينهن نه جاري،
جنهن ۾ هزارين عقيدتمند درگاهه تي حاضري ڀري رهيا آهن ۽ روحاني فيض حاصل ڪري رهيا آهن.
عرس جي موقعي تي سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ ملاکڙو به منعقد ڪيو ويندو،
جنهن ۾ ناليوارا پهلوان پنهنجي زور آزمائي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن.
ملاکڙي جي شروعات درگاهه جي سجاد نشين، زوار سيد نجف علي شاهه لڪيارَي جي نگرانيءَ هيٺ ٿيندي،
جن جي موجودگي عقيدتمندن لاءِ وڏي عزت ۽ روحاني خوشي جو سبب بڻجندي.

اسلم سومرو
سنڌآءِ نيوز/جوهي

22/09/2025

ڀتا خور پارٽي آ، پيپلزپارٽي جو نالو تبديل ڪيو وڃي يان عوامي ڪم ٿيڻ گهرجن. پرو وائس چانسلر پروفيسر سيد اظهر علي شاھ

ضياءَ لنجار ۽ سيد مراد علي شاھ جي وزارتن هيٺ هوم ڊيپارٽمينٽ اندر رشوت جي بازار گرم آ . پرو وائيس چانسلر دادو ڪئمپس

پارٽي جو نالو پيپلزپارٽي يعني عوام جي پارٽي ۽ ان ۾ عوامي ادارن عوامي ماڻهن کان ڀتا خوري ، ڪنهن اداري ٺاهڻ لاءِ ڪوششون وٺجن ٿيون تہ ان ۾ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن دادو محترمہ بينظير ڀٽو شهيد ڪئمپس دادو جي پرووائس چانسلر سيد اظهر شاھ دادو پريس ڪلب ۾ سرڪاري آفيسن اندر خرچي جي مد ۾ ڀتاخوري جي داستان ٻڌائي ڇڏي وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسندا سنڌآءِ

دادو ۾ ضلعي تعلقي ۽ يوسي سطح تي نئين سر تنظيم سازي جي لاءِ مختلف عهدن تي پارٽي ورڪرن جي طرفان درخواستوب جمع ڪرائڻ جو سلس...
22/09/2025

دادو ۾ ضلعي تعلقي ۽ يوسي سطح تي نئين سر تنظيم سازي جي لاءِ مختلف عهدن تي پارٽي ورڪرن جي طرفان درخواستوب جمع ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو






























22/09/2025

ڪاڇي ۾ مبينا زمين تي قبضي خلاف احتجاج

جوهي(رپورٽ: اسلم سومرو) محمد لغاري ڳوٺ جا رهواسي روڊ تي نڪري آيا
ڪاڇي جي ڳوٺ محمد لغاري جي رهواسين پاران سو جريب زمين تي مبينا قبضي ۽ مخالف ڌر جي مبينا حملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن جو چوڻ هو ته بااثر ماڻهن انهن جي زرعي زمين تي زبردستي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ تي حملو پڻ ڪيو ويو
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته زمين تان قبضي ختم ڪرائي، حملي ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، ۽ متاثر خاندانن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

اسلم سومرو
سنڌآءِ نيوز/جوهي






























ڪوٽڙي ۾ نجي ٽي وي رپورٽر اعجاز مغل جي سھري جي گهر تي حملوڪوٽڙي (اسٽاف رپورٽ:) ڪوٽڙي جي مقامي رپورٽر اردو ميڊيا جي صحافي ...
22/09/2025

ڪوٽڙي ۾ نجي ٽي وي رپورٽر اعجاز مغل جي سھري جي گهر تي حملو

ڪوٽڙي (اسٽاف رپورٽ:) ڪوٽڙي جي مقامي رپورٽر اردو ميڊيا جي صحافي اعجاز مغل جي موجودگي ۾ مريم گارڊن ويجهو سندس سهري جي گهر تي 40 کان 50 ماڻهن طرفان حملو،
سياسي سماجي ڌرين پاران حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. حملي دوران جوابدارن بدمعاشي ڪندي ڏهشت جو ماحول پيدا ڪيو.
جوابدارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو سماجي ۽ صحافتي حلقن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سندن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. هنن واضح ڪيو ته متان سمجهيو وڃي ته اعجاز مغل اڪيلو يا نڌڙڪو آهي، پر اهڙي بدمعاشي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.





























Address

Dadu
76200

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when SiNDHeYe posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to SiNDHeYe:

Share