Jamaat e islami Dadu

Jamaat e islami Dadu Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Jamaat e islami Dadu, Dadu.

Jamaat-e-Islami Dadu
A movement striving for the establishment of an Islamic system of life, justice and social welfare.
📖 Our mission: Iqamat-e-Deen, education, service, and moral reform
🤝 Join us in the journey of truth, integrity, and positive change

18/06/2026
09/05/2026

ميهڙ جي نينگري اجالا پروين جي بازيابي تائين خاموش نه ويهنداسين: جماعت اسلامي سنڌ امير ڪاشف سعيد شيخ
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امداد الله بجراڻي، ضلعي امير محمد موسيٰ ٻٻر، ضمير چانڊيو، ذيشان ٻٻر ۽ ٻين دادو جوهي موڙ تي لڳل ميمبر شپ مهم ڪئمپ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جماعت اسلامي ملڪ ۾ 50 لک ميمبر ٺاهڻ جي مهم شروع ڪري رهي آهي، جڏهن ته اڳ ئي 20 لک ميمبر موجود آهن. هنن چيو ته 50 هزار عوامي ڪاميٽيون ٺاهي سنڌ جي شهرن ۽ گهٽين ۾ عوام جا مسئلا حل ڪيا ويندا، هنن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، ميهڙ شهر مان 26 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل معصوم نينگري اجالا پروين سولنگي جي بازيابي نه ٿيڻ سنڌ حڪومت جي منهن تي چماٽ آهي. هنن چيو ته فيضلا سرڪي 16 سالن کان ۽ پريا ڪماري 4 سالن کان اغوا ٿيل آهن، پر اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيون آهن، جماعت اسلامي اسيمبلي جي فلور تي اجالا پروين سولنگي جي معاملي تي ڀرپور آواز اٿاريندي ۽ ان کي پريا ڪماري ۽ فيضلا سرڪي جيان وسارڻ نه ڏيندي، اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت مسلسل پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪري عوام تي مهانگائي جا بم ڪيرائي رهي آهي، جڏهن ته بنگلاديش ۾ اڄ به تيل جا اگهه پراڻن سطحن تي برقرار آهن. هنن الزام هنيو ته حڪومت پيٽرول ليوي جي مد ۾ 153 رپيا ٽيڪس وصول ڪري رهي آهي،
هنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت دوران سنڌ ۾ تعليم، زراعت، صنعت، روڊن، صاف پيئڻ جي پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، سنڌ جا 80 لک ٻار تعليم کان محروم آهن، جڏهن ته 7 لک ٻار هڪ ويلو ماني لاءِ به پريشان آهن،
پريس ڪانفرنس دوران چيو ويو ته سنڌ جي 69 سيڪڙو تعليمي ادارن ۾ بجلي، پاڻي ۽ فرنيچر جهڙيون بنيادي سهولتون موجود ناهن، جڏهن ته 13 لک ٻار زمين تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، اڳواڻن چيو ته سنڌ معدني وسيلن سان مالا مال هجڻ باوجود هتي جو عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي، صوبي ۾ 26 قسمن جا معدني وسيلا، 70 سيڪڙو گئس ۽ 57 سيڪڙو تيل جا ذخيرا موجود آهن، پر ان باوجود سنڌ جو عوام ترقيءَ کان پري آهي،
هنن دعويٰ ڪئي ته جماعت اسلامي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ مضبوط سياسي قوت بڻجي اڀرندي ۽ امير حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ پارٽي عوامي جدوجهد جاري رکندي. ان موقعي تي دادو ضلعي جي چئن تعلقن جا اڳواڻ پڻ موجود هئا،

09/05/2026

جماعت اسلامي طرفان دادو ۾ ميمبر سازي مهم جي شروعات ڪئي وئي

10/03/2026

Address

Dadu
76200

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Jamaat e islami Dadu posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share