28/10/2025
قاضي احمد ڀرسان نيشنل ھاء وي جھلو مسجد ٽول انتظاميا پنھنجو رويو نه سڌاريو , پنھنجي هٺ ڌرمي قائم رکندي مقامي ماڻهن کان زبردستي ٽول وصولي جاري , اتي ويٺل ھٿياربند عام ماڻھن جي تذليل ڪرڻ لڳا , صحافين ۽ سڄاڻ ڌرين طرفان احتجاج جو فيصلو....
تعلقي قاضي احمد جا مقامي ماڻهو يا صحافت سان لاڳاپيل صحافي ڇا ايترا ڪمزور يا بزدل آهن؟؟؟
علائقي جي مقامي ماڻهن توڙي ڳوٺاڻن سميت صحافي برادري کي گهرجي ته ٽول ٽيڪس انتظاميا خلاف گڏ ٿي هڪ تحريڪ شروع ڪئي وڃي ته هاڻي اهو غير قانوني ٽول ٽيڪس بند ڪري مقامي ماڻهن توڙي صحافي برادري مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ڇا مقامي ماڻهو ان تحريڪ ۾ صحافين جو ساٿ ڏيندا...
جيڪو مقامي ماڻهو ٽول ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو ته گاڏي اڳيان لڪڙو هيٺ چار پنج ملازمن سميت هٿيارن وارا گارڊن طرفان حراسان ڪندي ٽول وٺڻ بعد ئي لڪڙو مٿي ڪيو ٿو وڃي...
نوٽ.... ڪجھ ڏينھن اڳ دولتپور جي
صحافين کان به زبردستي ٽول ٽيڪس وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي جڏهن ته صحافين ٽول ٽيڪس ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ انتظاميا کي چيو ته هڪ ته اسان مقامي ماڻهو آهيون ٻيو ته هائي ڪورٽ آف حيدرآباد سنڌ به مقامي ماڻهن کان ٽول ٽيڪس نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن بعد ٽول ٽيڪس انتظاميا لڪڙو مٿي ڪرڻ کان انڪار ڪندي بدتميزي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڪافي ملازمن سميت هٿيارن سان گارڊ گڏ ٿي حراسان ڪرڻ لڳا جنهن تي صحافين سخت مزاحمت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڪشيدگي تيز ٿي وئي جنهن بعد انتظاميا جان ڇڏائڻ خاطر روايتي طور معذرت ڪئي پر معاملو اتي ختم نه ٿيو ۽ اهڙي واقعي بعد پوري تعلقي قاضي احمد توڙي ضلعي نوابشاه جي صحافي برادري ۾ بي چيني وڌي وئي ته اگر اسان صحافين سان ٽول ٽيڪس انتظاميا جو اهڙو رويو آهي ته پوءِ مقامي عام شهرين توڙي ڳوٺاڻن سان ڪهڙو رويو هوندو جنهن بعد صحافي برادري دولتپور ۾ احتجاج ڪندي ٽول ٽيڪس انتظاميا کي چتاءُ ڏنو هو ته في الفور اهڙي عمل جو ازالو ڪيو وڃي ۽ با ضابطه طور اعلان ڪيو وڃي ته مقامي ماڻهن کان زبردستي ٽيڪس نه ورتو ويندو ۽ گنڊا گردي ڪندڙ ملازمن کي برطرف ڪيو وڃي...
پر افسوس ٽول ٽيڪس انتظاميا پنهنجي هٺ ڌرمي قائم ڪندي ڪو به نوٽيس نه ورتو ۽ نه ئي ڪو ازالو ڪيو ۽ زبردستي ٽيڪس وٺڻ واري گنڊا گردي قائم رکيو اچي پئي...
#دولتپور #انصاف #احتجاج #سنڌ