03/05/2026
اسلام آباد: سرڪاري ذريعن موجب، ملڪ ۾ پيٽرول جي ايڪس ريفائنري قيمت 246 رپيا 31 پيسا في ليٽر آهي، پر ٽيڪسن، ليون ۽ مختلف مارجنز شامل ٿيڻ بعد اها قيمت وڌي 399 رپيا 86 پيسا في ليٽر تائين پهچي وڃي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته في ليٽر پيٽرول تي 23 رپيا 72 پيسا ڪسٽم ڊيوٽي، 7 رپيا 32 پيسا ان لينڊ فريٽ مارجن، 7 رپيا 87 پيسا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن ۽ 8 رپيا 64 پيسا پمپ ڊيلرن جو ڪميشن شامل ڪيو وڃي ٿو.
ان کان علاوه 103 رپيا 50 پيسا پيٽروليم ليوي ۽ 2 رپيا 50 پيسا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي پڻ ورتي وڃي ٿي.
اهڙي طرح هڪ ليٽر پيٽرول تي مجموعي طور 153 رپيا 55 پيسا ٽيڪسن، مارجنز ۽ منافع طور وصول ڪيا وڃن ٿا.
ٻئي پاسي هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي ايڪس ريفائنري قيمت 283 رپيا 12 پيسا آهي، جيڪا ٽيڪسن ۽ مارجنز شامل ٿيڻ بعد 399 رپيا 58 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل تي پڻ 116 رپيا 46 پيسا اضافي لاڳت طور وصول ڪيا وڃن ٿا.
ذريعن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڏو حصو ٽيڪسن ۽ منافع جو هجڻ سبب عوام تي مهانگائي جو بار وڌي رهيو آهي.
Voice of Voice