17/08/2025
امر رائيسنگهه راجپوت
نظم
”مِٺي“
سُريلي سانجهه جي ٽاڻي
مِٺيءَ ۾ موتيا مُرڪن
خُماريل نيڻ حياتين جا
چَنبيليون چوٽلا مهڪن
وِديسيءَ سُوم رس جهڙيون
جوانيون جوش ۾ ٻھڪن
ستارن سان ڀريل چولا
ٽِڪن جا تجلا اُڏرن
گَگن تي رات ڪاريءَ جو
چندرما چاندني اوتي
مٺي جي سينڌ ۾ ڇڙڪي
سِندوري رنگ جوڀن جا
ڀرن ٿا مانگ روهيڙا
مٺي آ لاڏلي وينگس
مٺيءَ جي ٻانهن ۾ چُوڙا
وجهن ٿا پاڻ پينجولا
مٺيءَ جي نَڪ ۾ ڦُلڙي
وجهي ٿو ڦوڳ ونگڙ جو
مٺيءَ جي ڪن ۾ جُهومڪ
وجهن ٿا نم نمورين سان
مٺيءَ جي ٻانهن ۾ ٻاجُو
ٻَڌن ٿا جهنگ جوڳيئڙا
مٺيءَ جي اک ۾ سرمو
وجهي ٿي سانجهه سانولڙي
مٺيءَ جي پير ۾ جانجهر
ٻڌي ٿو وڻ ڪونڀٽ جو
مٺيءَ جي ڪونج ڳچيءَ ۾
سونارو سون جي دُهري
وجهي ٿو لاڏ مان لاڏو
چوي ٿو ماٺ ۾ ڇاهي
مٺيءَ ۾ زندگي آھي!
مٺي جي سُونهن کي سجدو
اسان جي بندگي آھي
مٺيءَ جُون مور بازارون
گُهمڻ ٿي دل گهڻيون چاهي
مٺيءَ جون موڪريون گهٽيون
سُڳند جون شيشيون ڀريل
وڻن ٿا ويڪرا رستا
هلن ٿيون حرس مان ناريون
مٺيءَ جون هوٽلون ساريون
سَوادي طعام جون ساکي
جليبيون روز ٿيون جرڪن
گڊيءَ تي مور ٿو ٻولي
مندر ۾ مورتي اڳيان
پيازي پور ٿو ٻولي
هٿن تي ديپڙا ٻاري
اُتاري آرتي ڪنهن جي
پُڪاري روز پُوڄارڻ
مٺيءَ ۾ راڳ موهن جو
وڄائي روز پُوڄارڻ
مٺيءَ ۾ سُر صادق جو
ٻُري ٿو ٻاٻيهي وانگي
گڊيءَ جي ڀٽ تان ڏسجي
ڏھر ۾ ڏيک حياتي جو
گهڙي سان نار ٿي ڇُلڪي
ڪڏي ٿو ڪَڇ ۾ ٻالڪ
مٺيءَ جا جُهوپڙا جهرمر
لڳن ٿا ڪهڪشان مِلڪي
گڊيءَ تان شهر دلبر کي
ڏَسي ٿي ڇوڪري ڇرڪي
مٺيءَ جو شھر ٿو مُرڪي
ڏندن ۾ آڱريون ڏيئي
قسم سان قهر ٿو مُرڪي!!
مٺيءَ جو شھر ٿو مُرڪي