Gallery سنڌ

Gallery سنڌ Founder & Admin: Athar Hussain Channa
Admin's FB-ID: https://www.facebook.com/atharchana.atharchana.3
(2)

سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري پاران اڄ تاريخ 19 آڪٽوبر 2025 تي سال 2026 بيچ جي بيچلرس ڊگري پروگرامن لاءِ انٽري ٽيسٽ (Phase-II) ج...
19/10/2025

سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري پاران اڄ تاريخ 19 آڪٽوبر 2025 تي سال 2026 بيچ جي بيچلرس ڊگري پروگرامن لاءِ انٽري ٽيسٽ (Phase-II) جيڪا، ورتي وئي، انجو مڪمل ٽيسٽ پيپر توھان سان شيئر ڪجي ٿو.

ڄامشورو مان ھڪ ٻي ڏکوئيندڙ خبر!لمس جي چوٿين سال جو شاگرد عبدﷲ سومرو، جنھن السينا ھاسٽل تي پاڻ مٿان فائر ڪري زندگيءَ جو ا...
19/10/2025

ڄامشورو مان ھڪ ٻي ڏکوئيندڙ خبر!

لمس جي چوٿين سال جو شاگرد عبدﷲ سومرو، جنھن السينا ھاسٽل تي پاڻ مٿان فائر ڪري زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو! 💔

ھئي ڙي ڄامشورا، جوانيءَ جي پارت ھجئي.

اھا خبر جڏھن والدين کي پئي ھوندي تہ ماءُ جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي ھوندي! ۽ پيءُ جي مٿان آسمان ڪري پيو ھوندو!
والدين جيڪي پنھنجي پٽ لاءِ
خواب ڏٺا ھوندا، اھي سڀ چڪنا چور ٿي ويا ھوندا ۽ پنھنجي قسمت تي زارو زار روئندا ھوندا.😢

نوٽ: خودڪشي ڪرڻ کان عبدالله سومري صرف ٻہ ڪلاڪ اڳ سندس فيسبوڪ اڪائونٽ تي ھيٺ ڏٺل پوسٽ رکي ھئي؛

Fb-Post: When I die, bury me like this and grow an Azadirachta indica (NEEM) tree from the organic material of my body in Hyderabad.

ترجمو: جڏهن مان مري وڃان، تہ مون کي اهڙيءَ طرح دفن ڪجو ۽ منهنجي جسم جي ماس مان حيدرآباد ۾ هڪ نيم (Azadirachta indica) جو وڻ لڳائجو.

سمجھ ۾ ڳالھ نہ ٿي اچي تہ ايڏو سلجهيل، حساس ۽ سمجهدار ٿي بہ حالتن جي پهاڙ اڳيان عبدالله بيوس ٿي پيو ۽ زندگيءَ جي جنگ، پاڻ ئي پنھنجن هٿن سان ختم ڪري ويٺو! 💔

بس ڌڻيءَ در اھا دعا آھي تہ عبدالله سومري جي والدين کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. آمين!

Posted by: Athar Hussain Channa

18/10/2025

بيشڪ، مديني شريف جي فضيلت ۽ عظمت لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي. اها هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي هر مومن جو دل گهري ٿو ته پهچي.
توهان جي احساسن ۽ دعا ۾ آءٌ شريڪ آهيان. مديني پاڪ جي هوا ۾ ضرور اهڙي روحاني سڪون ۽ خوشبو آهي، جيڪا هر زائر جي دل ۽ دماغ کي ترو تازو ڪري ڇڏي ٿي.
اها تمام خوبصورت دعا آهي:
رب کان دعا آهي ته سڀني کي مديني شهر جو ديدار ڪرائي. آمين!
الله توهان جي دل جي خواهش ۽ اها دعا قبول فرمائي. آمين.

18/10/2025

ڪڏھن ويو ته ناھيان.
پر ٻڌو آھي ته مديني جي ھوائن مان جنت جي خوشبو ايندي آھي.
رب کان دعا آھي تہ سڀني کي مديني شھر جو ديدار ڪرائي. آمين!

15/10/2025

مان توھان جي ووٽ کي Mu*ando آھيان؟
اھي تاريخي الفاظ ڪنھن جا چيل آھن؟

14/10/2025

يا ڪريم رب پاڪ پنهنجي پياري حبيب مٺي مير مرسل صلي الله عليه وآله وسلم جن جي صدقي ٻنھي نوجوان اياز شاھ ۽ ياسر کرل کي جنت الفردوس ۾ اعلا ترين مقام عطا ،فرمائي. آمين! ۽ يا رب سندن والدين، مائيٽن، عزيزن رشتيدارن ۽ دوستن کي صبر جميل عطا فرمائي. آمين!

وڏي افسوس سان پوسٽ ٿي ڪجي 💔جيئن تہ ڪالھ پوسٽ ڪئي ھئي تہ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي انٽري ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ خيرپور ميرس کان آيل...
14/10/2025

وڏي افسوس سان پوسٽ ٿي ڪجي 💔

جيئن تہ ڪالھ پوسٽ ڪئي ھئي تہ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي انٽري ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ خيرپور ميرس کان آيل ٻہ نوجوان اياز شاھ ۽ ياسر کرل جيڪي روڊ حادثي جو شڪار ٿيا ھئا ۽ انھن مان اياز شاھ جو انتقال ٿي ويو ھو ۽ ياسر کرل جيڪو سيريس ڪنڊيشن ۾ آھي.

پر اڄ نوجوان ياسر کرل بہ پنھنجي زندگيءَ جي بازي ھارائي ويو ۽ پنھنجي ماءُ جي ھنج خالي ڪري ھميشه لاءِ موڪلائي ويو 💔😞

مار پوئي ڙي موت، تون اڻ مندائتو آئين!
گهاريئي اهڙا گهوٽ، مند نہ آئي جن جي مرن جي!

اسان پنھنجي پيج Gallery سنڌ طرفان ڌڻيءَ در دعا آھي تہ خدا پاڪ مرحوم ياسر کرل جي مغفرت فرمائي ۽ وارثن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. آمين!

posted by: Athar Hussain Channa, student of University of Sindh, Pakistan Studies department (BS-3rd year)

ڏک جي خبر!سنڌ يونيورسٽيءَ جي انٽري ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ خيرپور ميرس کان ڄامشورو آيل نوجوان سيد اياز شاھ جيڪو پنھنجي والدين کان ...
13/10/2025

ڏک جي خبر!

سنڌ يونيورسٽيءَ جي انٽري ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ خيرپور ميرس کان ڄامشورو آيل نوجوان سيد اياز شاھ جيڪو پنھنجي والدين کان دعائون گھري نڪتو ھو تہ امان، بابا دعا ڪجو ٽيسٽ ۾ پاس ٿيا ۽ ماءُ سيني سان لائي دعا ڪئي ھوندي ۽ بابا مٿي تي چمي ڏئي دعا ڪئي ھوندي تہ پٽ الله پاڪ توکي ڪامياب ڪندو!
جڏھن ھو پنھنجي گھر کان نڪتو ھوندو تہ وري بہ ماءُ پنھنجي جھولي کولي رب سائين کان پنھنجي لال لاءِ ڪاميابيءَ جون روئي دعائون گهريون ھوندئي! ۽ بابا بار بار ڪاليون ڪري پٽ کان حوال وٺندو ھوندو تہ پٽ ڪٿي پھتو آھين؟
پر والدين کي ڪھڙي خبر رب پاڪ قسمت ۾ ڇا لکيو ويٺو آھي؟

جيئن ئي نوجوان ڄامشوري شھر پھتو ۽ ٽيسٽ کان اڳ ڄامشوري ۾ روڊ حادثو پيش آيس، جتان ھن کي سيريئس حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو! پر ڪھڙي خبر تہ نوجوان زندگيءَ جا ڏينھن اتي ئي پورا ھئا ۽ اسپتال ۾ زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو! 😞

ھئي ڙي ڄامشورا، ھن دفعي تو ھڪ ماءُ جو سينو رت سان لال ڪري ڇڏيو ۽ ھڪ پيءُ جي جگر جو ٽڪرو کسي ورتو آھي!

اسان پنھنجي پGallery سنڌ طرفان نوجوان سيد اياز شاھ جي مالڪن سان ڏک جو اظھار پيش ڪريو ٿا ۽ رب پاڪ کان اھا دعا آھي تہ نوجوان جي وارثن کي صبر ڏئي. آمين!

نوٽ: روڊ حادثي ۾ اياز شاھ سان گڏ ٻيو نوجوان شاگرد نالي ياسر کرل بہ سخت زخمي ٿيل آھي، جيڪو زيرِ علاج پڻ آهي، ان لاءِ دعا آھي تہ جلدي صحتياب ٿي. آمين!

ھن شھر ۾ منھنجي آخري رات آ،
اڄ ملي وڃ مٺا پوءِ ملون نہ ملون.

Posted by:Athar Hussain Channaa, Student of University of Sindh, Pakistan Studies department (BS-3rd year)

12/10/2025

سنڌ يونيورسٽي جي انٽري ٽيسٽ: دادو واسي افضل لنڊ ۽ ڪشمور واسي محمد علي کوسو 84-84 مارڪون کڻي پهرين نمبر تي رهيا،

12/10/2025

سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري سال 2026 بيچ جي پھرين فيز جي انٽري ٽيسٽ جا نتيجا اپلوڊ ڪري ڇڏيا.

سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري پاران اڄ تاريخ 12 آڪٽوبر 2025 تي سال 2026 بيچ جي بيچلرس ڊگري پروگرامن لاءِ انٽري ٽيسٽ (Phase-I) جي...
12/10/2025

سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري پاران اڄ تاريخ 12 آڪٽوبر 2025 تي سال 2026 بيچ جي بيچلرس ڊگري پروگرامن لاءِ انٽري ٽيسٽ (Phase-I) جيڪا، ورتي وئي، انجو مڪمل ٽيسٽ پيپر توھان سان شيئر ڪجي ٿو.

ھن سال اگر توھان کي پاڪستان ملڪ کان ٻاھر نڪرڻ جو موقعو ملي تہ پوءِ توھان ڪھڙي ملڪ ڏانھن وڃڻ چاهيندؤ؟
11/10/2025

ھن سال اگر توھان کي پاڪستان ملڪ کان ٻاھر نڪرڻ جو موقعو ملي تہ پوءِ توھان ڪھڙي ملڪ ڏانھن وڃڻ چاهيندؤ؟

Address

Dokri

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Gallery سنڌ posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share