Hazrat Sultan ul o Liya Academy,Dokri,Lark.Sindh

Hazrat Sultan ul o Liya Academy,Dokri,Lark.Sindh Hazrat Sultan ul oLiya Academy is an Spiritual,literal & Publishing institute which is Situated in Dokri Disst.Larkana,Sindh

24/06/2025
تاريخ جو وساريل ورق:لاڙڪاڻي شهر جو مشهور  استاد ۽ عالم قاضي عبدالرزاق عباسي رحهتحرير ۽ تحقيق: پروفيسر جوڻيجو سائين بخش ق...
13/01/2025

تاريخ جو وساريل ورق:

لاڙڪاڻي شهر جو مشهور استاد ۽ عالم قاضي عبدالرزاق عباسي رحه
تحرير ۽ تحقيق: پروفيسر جوڻيجو سائين بخش قبولائي

سنڌ جي سرزمين تي ڪي ئي عظيم انسان پيدا ٿيا آهن جن پنهنجي سموري زندگي انسان ذات جي ڀلي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اهڙن عظيم انسانن مان بهترين استاد ۽ باعمل ديني عالم استاد قاضي عبدالرزاق عباسي به هڪ آهي.
هي ذات جا ”عباسي / ڪلهوڙا“ هئا، پر سندن وڏن کي قضا جو عهدو مليل هو، جنهن ڪري هي سمورو خاندان ”قاضي“ جي لقب سان سڏيو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو علمي، ادبي، ديني ۽ سماجي حوالي سان تمام گھڻو مشهور معروف خاندان آهي. سندس والد مولوي قاضي عطا محمد جي لکت موجب سندن نسب حضرت عبدالله بن عباس رضه سان وڃي ملي ٿو. انهيءَ شجري ۾ هن پاڻ کي سنڌ جي ڪلهوڙي حڪمران ميان محمد سرفراز بن ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جو اولاد ڄاڻائيندي لکي ٿو ته: ”وجدمان آل محمد سرفراز عقب بالعقبش ميان رانول شاه في العقبيہ فرزندش رابعه اول قادر بخش و گل محمد و غلام حسين و ميان رازقڏنه. و فرزندش ميان رازقڏنه ميان نور احمد جد ما في السکونش مديجي. و فرزند وي قاضي محمد عثمان قبله صوري و معنوي خواجه و سري ايماني حسب الله عليهم اجمعين ...“ مٿئين لکت موجب سندس شجرو هن ريت آهي: ”قاضي عطا محمد ولد قاضي محمد عثمان ولد ميان نور احمد ولد ميان رازق ڏنو ولد ميان رانول شاھ ولد ميان محمد سرفراز ولد ميان غلام شاھ ڪلهوڙو واليءِ سنڌ.“
هن خاندان مان قاضي ميان محمد عثمان عباسي هڪ مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن جو جنم 1813ع ڌاري مديجي شهر ۾ ٿيو ۽ کيس ٽالپرن جي دور ۾ قضا جو عهدو مليو، جنهن ڪري سندس خاندان ”قاضي“ سڏجي ٿو. هو 1872ع ڌاري آيل ٻوڏ سبب مديجي شهر مان لڏي مسوديرو شهر ۾ وڃي رهيو. پنهنجي وقت جو نه رڳو عالم فاضل شخص هو پر فارسيءَ جو شاعر به هو. اسان کي تحقيق دوران هڪ منظوم خط والي قلات نصير خان بروهيءَ ڏانهن لکيل مليو آهي. قاضي محمد عثمان کي ٽي پٽ: هڪ ميان الله بخش، ٻيو ميان غلام محمد ۽ ٽيون ميان عطا محمد هئا. انهيءَ پوئين پٽ مولوي قاضي ميان عطا محمد جي اولاد مان استاد قاضي عبدالرزاق عباسي، وڏو پٽ ۽ پنهنجي وقت جو مشهور معروف استاد ۽ باعمل عالم هو. سندس ولادت اربع جي ڏينهن، 7 شعبان 1324ھ مطابق 26 سيپٽمبر 1906ع تي ڳوٺ مسوديرو ۾ ٿي. پاڻ پنهنجي والد صاحب جي نگرانيءَ هيٺ رهي ڪري ديني ۽ دنياوي تعليم حاصل ڪيائين ۽ ان دور جي رواج موجب سنڌي فائنل امتحان پاس ڪري، پرائمري استاد مقرر ٿيو. سندس پهرين پوسٽنگ پرائمري اسڪول ڪوٽ مرزا ڪالو ۾ ٿي، جتي پنهنجي پيشورانه علمي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ۽ پڇاڙيءَ ۾ لاڙڪاڻي شهر ڏانهن بدلي ڪرائي ويو ۽ اتي لاڙڪاڻي شهر جي مشهور پي وي اسڪول ۾ علم جي شمع روشن ڪيائين ۽ گجڻ پور جي ”مجاهد مسجد“ ۾ درس ڏيندو رهيو. انهيءَ مسجد ۾ خطيب ۽ پيش اماميءَ وارا فرائض به سرانجام ڏنائين. سندس اهو مشغلو آخري عمر تائين جيئن جو تيئن جاري رهيو. کيس اعليٰ اخلاق، تعليم ڏيڻ ۽ انتظام رکڻ جي مهارت والد صاحب کان ورثي طور ملي، جنهن جي جيتري به تعريف ڪجي اها ٿوري آهي. راقم (قبولائي) جو والد مرحوم استاد تاج محمد قبولائي، استاد عبدالرزاق عباسيءَ جو شاگرد هو ۽ کانئس ڪچهريءَ دوران هن عظيم استاد جي وڏي واکاڻ ٻڌي هئي. پاڻ سنڌي، عربي ۽ فارسي جا عالم فاضل هئا ۽ تمام بهترين خوش خط هئا. سندس لکيل بياض سندس ڀائٽي ڊاڪٽر شجاع احمد عباسي وٽ موجود آهي، جنهن ۾ جمعه جا منظوم خطبات ۽ سندس وڏن توڙي پنهنجا ڪجھ فارسي خط ڪتابت ڪيل آهن.
استاد قاضي عبدالرزاق عباسي 77 ورهين جي ڄمار ۾ خميس جي ڏينهن، تاريخ 17 ربيع الاول 1402ھ مطابق 14 جنوري 1982ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ هن فاني جھان کي الوداع ڪري، پنهنجي مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو. سندس مزار لاڙڪاڻي شهر ۾ ذوالفقار باغ جي ڀرسان ڪبيرشاھ قبرستان ۾ آهي.
استاد عبدالرزاق عباسيءَ جي هڪ شادي لاڙڪاڻي جي لاڙڪ ذات مان ٿيل هئي، جنهن مان کيس ٻه پٽ: هڪ قاضي عبدالغفار، 8 ربيع الثاني مطابق 23 مارچ 1945ع تي پيدا ٿيو ۽ سندس وفات خميس جي ڏينهن، شعبان 1420ھ مطابق 25 نومبر 1999ع تي ٿي. سندس ٻيو پٽ قاضي عبدالوهاب عباسي هو، جنهن جو جنم: 10 ذوالقعد 1370ھ مطابق 14 آگسٽ 1951ع تي ٿيو.
سندس پٽ قاضي عبدالغفار عباسي کي وري پنج فرزند پيدا ٿيا: هڪ عبدالرؤف عباسي، ٻيو عبدالفتاح عباسي، ٽيون عبدالستار عباسي، چوٿون عبدالرشيد عباسي ۽ پنجون عبدالوحيد عباسي آهن. جن مان عبدالرؤف عباسي (رئوف عباسي) ۽ عبدالفتاح عباسي جو علم ۽ ادب سان تمام گھڻو تعلق رهيو آهي ۽ اهي سنڌي ۽ اردو ۾ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندا رهن ٿا ۽ عبدالستار عباسي، عبدالرشيد عباسي ۽ عبدالوحيد عباسي پڙهيا لکيا ۽ علم دوست آهن، جيڪي لاڙڪاڻي شهر ۾ رهائش پذير آهن..

26/12/2024
23/09/2024

Address

Dokri

Telephone

03332631361

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Hazrat Sultan ul o Liya Academy,Dokri,Lark.Sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share