16/04/2026
گهوٽڪي ضلعي جي تاريخ تي نظر وجهجي ته هتي ڪيترائي قبيلائي سردار رهيا آهن، پر اثر رسوخ، قيادت ۽ عوامي حيثيت جي لحاظ کان جيڪڏهن ڪنهن هڪ نالي کي نمايان حيثيت حاصل رهي آهي ته اهو آهي چيف سردار غلام محمد خان مهر. هن پنهنجي دور ۾ نه صرف مهر قبيلي کي مضبوط قيادت ڏني، پر سڄي علائقي ۾ پنهنجي فيصلن، دانائي ۽ اثر سان هڪ منفرد سڃاڻپ قائم ڪئي.
اڄ سندس مشن ۽ روايت کي اڳتي وڌائيندي سندس فرزند چيف سردار محمد بخش خان مهر ۽ ڀائيٽو سردار علي گوهر خان مهر پنهنجي قبيلائي نظام کي سنڀالي رهيا آهن. انهن جي قيادت هيٺ مهر قبيلو اڃا تائين پنهنجي اتحاد، طاقت ۽ اثر رسوخ کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ۾ آهي.
گهوٽڪي جي سرزمين تاريخي طور وڏن سردارن، قبيلن ۽ روايتن جي امين رهي آهي. هتي جا مهر سردار صرف عام قبيلائي اڳواڻ ناهن، پر انهن کي پنهنجي علائقي ۾ هڪ بادشاهه جهڙي حيثيت حاصل رهي آهي. انهن جي فيصلن ۽ روايتي نظام جو اثر نه رڳو پنهنجي قبيلي تي، پر پوري ضلعي تي پوي ٿو.
مهر سردارن جي اها “بادشاهي” ڪا صرف لفظي ڳالهه ناهي، پر اها صدين کان هلندڙ هڪ روايت آهي، جنهن ۾ عزت، طاقت ۽ اثر رسوخ شامل آهي. بهرحال، وقت سان گڏ حالتون بدلجي رهيون آهن. ڪجهه ماڻهو، جيڪي پاڻ کي وفادار ظاهر ڪن ٿا، اهي ئي اندروني طور هن مضبوط نظام کي ڪمزور ڪرڻ جون رٿائون به جوڙي رهيا آهن.
اهي عنصر، جيڪي ميرن واري انداز ۾ پنهنجي الڳ بادشاهي قائم ڪرڻ چاهين ٿا، دراصل اتحاد کي ٽوڙڻ ۽ ذاتي مفادن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اهڙيون حالتون جاري رهيون ته مهر سردارن جي تاريخي حيثيت کي نقصان پهچي سگهي ٿو.
انهيءَ ڪري وقت جي ضرورت آهي ته مهر قبيلو پاڻ ۾ اتحاد، ڀائچارو ۽ سچائي کي مضبوط ڪري. هر سازش کي سڃاڻي، ان جو بروقت مقابلو ڪيو وڃي، ڇاڪاڻتہ حقيقي طاقت صرف عهدي يا زور ۾ نه، پر اتحاد ۽ اعتماد ۾ هوندي آهي.
آخر ۾ اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته مهر سردار واقعي پنهنجي علائقي جا “بادشاهه” رهيا آهن، ۽ هن بادشاهي کي قائم رکڻ لاءِ وفاداري، سچائي ۽ گڏيل جدوجهد لازمي آهي.
لکيل: صحافي عبدالوحید گڏاڻي
خانپور مهر