12/08/2026
عوام ڀوتارڪي سياست مان بيزار ٿي چڪو آهي، تبديلي جي نئين لهر ڏسي خوشي ٿي رهي آهي: اشفاق سرهندي
ٽنڊو محمد خان: سنڌ پبلڪ پارٽي جي ڪنوينر اشفاق سرهندي چيو آهي ته سنڌ جي عوام ۾ سياسي شعور ۽ تبديلي جي خواهش تيزي سان وڌي رهي آهي، جنهن کي ڏسي خوشي ٿي رهي آهي. عوام هاڻي روايتي ۽ ڀوتارڪي سياست مان بيزار ٿي چڪو آهي ۽ پنهنجي حقن، عزت ۽ بهتر مستقبل لاءِ نئين سياسي رستي جي ڳولا ۾ آهي.
ڪريم آباد، ٽنڊو محمد خان ۾ ڪوريجا، خاصخيلي، سولنگي ۽ ٺاڪر برادرين پاران ڏنل دعوت جي موقعي تي خطاب ڪندي اشفاق سرهندي چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته نوجوان پنهنجي بزرگن جي تجربي ۽ پنهنجي نئين سوچ کي گڏ ڪري سماج ۾ مثبت تبديلي لاءِ ڪردار ادا ڪن. جيڪو شخص عوام جي حقن، سچ ۽ انصاف لاءِ روڊن تي نڪري جدوجهد ڪري رهيو آهي، ان جو ساٿ ڏيڻ هر باشعور شهري جي ذميواري آهي.
هن چيو ته سياست اقتدار حاصل ڪرڻ جو نالو نه، پر عوام جي خدمت، حقن جي حفاظت ۽ محروم طبقن جي آواز بڻجڻ جو نالو آهي. سنڌ جي نوجوان نسل جيڪڏهن جاڳي پئي ۽ پنهنجي ووٽ، شعور ۽ طاقت جو درست استعمال ڪيو ته پراڻي استحصالي سياسي نظام کي تبديل ڪرڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو.
اشفاق سرهندي وڌيڪ چيو ته سنڌ کي اهڙي سياست جي ضرورت آهي، جيڪا ذات، برادري ۽ مفاد کان مٿانهين ٿي عوام جي مسئلن کي اوليت ڏئي. بيروزگاري، مهانگائي، تعليم، صحت، پيئڻ جي پاڻي، روڊن ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ جهڙا مسئلا نعرا نه، پر عملي جدوجهد سان حل ڪرڻا پوندا.
هن چيو ته تبديلي ڪنهن هڪ شخص جي جدوجهد سان ممڪن ناهي؛ ان لاءِ عوام، نوجوانن، بزرگن ۽ باشعور ماڻهن کي گڏجي هڪ مضبوط عوامي آواز بڻجڻو پوندو. سنڌ پبلڪ پارٽي عوام جي ان ئي سياسي شعور ۽ تبديلي جي خواهش کي منظم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. انهي موقعي تي مرڪزي اڳواڻن عبدالحق زئور، زبير شيخ، محمد سليمان ٿهيم، سڌير ملاح، نياز وساڻ، قادر ڪوريجو پڻ خطاب ڪيو. دعوت جي موقعي تي مختلف برادرين جي معزز شخصيتن، قلندر بخش خاصخيلي، سرفراز ڪوريجو، عبدالعزيز عرف راجا خاصخيلي، عبدالمجيد خاصخيلي، وڏيرو عبدالطيف خاصخيلي، شڪيل خاصخيلي، ڪريم بخش خاصخيلي، امير بخش خاصخيلي، عبدالوحيد خاصخيليي، وڏيرو الله بخش خاصخيلي، نادر علي خاصخيلي، لکمير خاصخيلي، نصير ڪوريجو، عبدالمالڪ ڪوريجو، محمد عرس ماڇي، امام بخش خاصخيلي, عبداللھ ملاح، اسامہ چنا، نديم راجپوت، ارشد راجپوت، گلاب خاصخيلي،محمد عمر رند نوجوانن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ علائقي جي عوامي مسئلن، سياسي صورتحال ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.