01/03/2026
خيرپورناٿن شاھ(رپورٽر)
ڪي اين شاهه ۾ بدامني جي باھ ڀڙڪي پئي، ڪيترائي علائقا غير محفوظ، مختلف رستن تان ڏينھن ڏٺي جو موٽرسائيڪلون ڦرجڻ لڳيون! ماڻھن ۾ خوف حراس ڇائنجي ويو، پوليس سواليہ نشان،
متاثرن نوجوانن پاران نيشنل پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪيو، پوليس جي غلفت تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي!
ڪولاچي کان ڪي اين شاهه طرف ايندي ٽن ھٿياربند انڊس ھاءِ وي تي سري عام ھٿيارن جي زور تي ڳوٺ لڌاڻ واسي رئيس آفتاب چانڊيو ۽ ڪي اين شاهه واسي علي اصغر چانڊيو کان سي ڊي موٽر سائيڪل پرس ڪيش رقم موبائيل فون سميت ٻٽون ڦر ڪري فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا،
متاثر نيشنل پريس ڪلب ۾ پھچي انصاف جي فراهمي لاءِ احتجاج ڪندي دانھيو آھي ته
خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڌاڙيلن وارو دور واپس ٿيو آھي، ماڻھون روز ڦرجي رھيا آھن، شھرين جي عزت نفس مجروح ٿي رھي آھي ، پوليس جي نااھلي سبب سڀ ڪجھ ٿي رھيو آھي، ھنن اعلي آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ وس وارن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي غفلت خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي!