Society Leaks

Society Leaks The aim of this page is to reveal the truth.

06/10/2023
04/10/2023

اڄوڪي تاريخ تي مريخ تي خلائي مخلوق جي گڏجاڻي ٿي گذري، جنھن جي صدارت ماسٽر مائينڊ ڪئي گڏجاڻئ ۾ ٻين جي گرھن تي قابض ٿيڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو. ھيٺين عھديدارن کي لالچن جا ڪيڪ کارائي ۽ مفادن جا ھار پارائي متفقہ طور چونڊي يونٽ تشڪيل ڏنو ويو.
1) صدر: سائين بليڪ ميلر صاحب
2) نائب صدر: سائين ڪم وارو
3) جنرل سيڪريٽري: سائين ڊوٽي چور
4) جوائنٽ سيڪريٽري: سائين ننڊ (اول)
5) پريس سيڪريٽري: سائين ننڊ (دوم)
6) خزانچي: سائين برين واش ٿيل.

03/10/2023

جيڪو ماڻھو پنھنجو ڪاروبار ڪري ٿو، ان جو مثال جھنگ جي آزاد شينھن جو آھي . جنھنکي شڪار پاڻ ڪرڻو ھوندو آھي. موسمن جي لحاظ کان رھائش جو انتظام ب پاڻ ڪرڻو ھوندو آھي. جھنگ ۾ موجود خطرن کي اڪيلو پاڻ منھن ڏيڻو پوندو آھي. پر آزادي وڏي نعمت آ.

جيڪو ماڻھو سرڪاري نوڪري ڪري ٿو، ان جو مثال چڙيا گھر جي شينھن جو آھي. جنھن جي کاڌي پيتي ۽ رھائش جو انتظام مالڪ جي ذميداري ھوندي آ، پر ھو ھڪ ھنڌ قيد ھوندو آ، پنھنجي مرضئ سان ڪجھ ب ن ڪري سگھندو آ.

جيڪو ماڻھو پرائويٽ ملازم آ، ان جو مثال سرڪس جي شينھن جو آ، جنھن کان مالڪ طرحين طرحين جا ڪرتب ڪرائيندو آ توبھ زاري ويچارو ڏاڍو لوڙيندو آ.

Address

Goth Dadu

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Society Leaks posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share